امداد علي امام علي قاضي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 34:
==استعيفيٰ کانپوءِ==
علامه صاحب پورا 9 سال سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي لوث خدمت ڪئي، پر جنهن مهل محسوس ڪيائين ته مارشل لا جي غيرجمهوري حڪومت ۾ عالمن ۽ دانشورن جي ڪابه اهميت نه رهي آهي ۽ سنڌي زبان ۾ تعليم ڏيڻ خلاف سرڪاري سازشون شروع ٿي ويون آهن ته هڪدم وائيس چانسلريءَ تان استعيفا ڏئي گوشه نشين ٿي ويو. گوشه نشينيءَ جو اهو مقصد نه هو ته دنيا کان لاتعلق ٿي رهبانيت واري زندگي گذاري، پر گوشه نشينيءَ واري دور ۾ به هن پنهنجو پاڻ کي تحقيق ۽ تصنيف ۾ مشغول رکيو. ان ئي زماني ۾ هن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي لافاني ڪلام تي تحقيق ڪئي ۽ نئين انداز ۾ شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو. لطيف سائينءَ جي ڪلام جي چونڊ حصي جو پاڻ ۽ سندن گهر واري مدر ايلسا قاضيءَ گڏجي انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو.
علامه صاحب نوجوانن جي تربيت ۽ -تعليم- لاءِ ڏاڍو فڪرمند هو. پاڻ چاهيائين ٿي ته سندس علم ۽ فلسفي مان، جنهن جو بنياد اسلام جي آفاقي پيغام تي رکيل هو، نئون نسل مستفيض ٿئي ۽ سندس ٻاريل جوت کانئس پوءِ به چمڪندي رهي<ref name = " سنڌيانا "/>.
علامه صاحب ويهين صديءَ جو عظيم مفڪر ۽ وڏو قرآن شناس هو، جنهن کي هن ڌرتيءَ جنم ڏنو. علامه صاحب جي باري ۾ مستند راءِ آهي ته ڀٽائي گهوٽ رحه کان پوءِ علمي طرح جن صاحبن سنڌ جي ماڻهن جي ذهني ۽ فڪري خدمت ڪئي، انهن ۾ علامه قاضيءَ جي شخصيت نمايان آهي.
علامه صاحب نه صرف دانشور ۽ مفڪر هو، پر عظيم مبلغ ۽ مصلح پڻ هو. هو پنهنجي علم، فڪر، فلسفي ۽ ڪردار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس علم ۽ فڪر جو سرچشمو قرآن حڪيم جي حڪمت ۽ هدايت هو. کيس يوناني توڙي هندي فڪر ۽ فلسفي سان گڏوگڏ جديد يورپ جي سائنسي ۽ سماجي علمن جي به ڄاڻ هئي.
سندس پيغام جو محور نوجوان نسل هو ۽ پاڻ چاهيائين ٿي ته اسلام جي تبليغ ٿئي ۽ اهڙا نوجوان پيدا ٿين، جيڪي نئين ملڪ جون واڳون سنڀالين ۽ سنڌ، جيڪا باب الاسلام آهي، تنهن جو نالو روشن ڪن. پاڻ جن اعليٰ انسانن کي متاثر ڪيائين، انهن ۾ اي. ڪي بروهي، قاضي فيض محمد، سائين [[جي ايم سيد|جي. ايم سيد]]، [[نبي بخش خان بلوچ|ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ]]، ڊاڪٽر نظام الدين هاليپوٽو، پروفيسر حيدر علي لغاري ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.<ref name = " سنڌيانا "/>.
 
==وفات==
علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ 13 اپريل 1968ع تي وفات ڪئي، سندس مزار سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري ۾ آهي.<ref name ="سنڌيانا" >[