امداد علي امام علي قاضي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 21:
 
==ادبي سفر==
قاضي صاحب 1924ع ۾ هڪ مضمون بعنوان ”مشرقي شاعريءَ ۾ غزل جو مقام“ (Place of Ghazal in Oriental Poetry) لکيو. هيءُ مضمون هڪ ادب پارو هو، جنهن کي ڏاڍو ساراهيو ويو ۽ کيس انگلنڊ جي شاعريءَ واري سوسائٽيءَ (Poetic Society) جو نائب صدر چونڊيو ويو. علامه صاحب پهريون هندستاني هو، جيڪو هن سوسائٽيءَ جو نائب صدر چونڊيو ويو ۽ 1948ع تائين هن عهدي تي رهيو. 1926ع ۾ کيس خيرپور رياست جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو هوم ميمبر مقرر ڪيو ويو، پر ٿوري عرصي اندر ئي علامه صاحب سرڪاري ملازمت کان بيزار ٿي پيو ۽ اختلافن سبب آگسٽ 1927ع ۾ استعيفيٰ ڏنائين<ref name = " سنڌيانا "/>.
1928ع ۾ پاڻ ٻيهر لنڊن هليو ويو، جتي ڪجهه عرصي لاءِ لنڊن اسڪول آف اوريئنٽل اسٽڊيز ۾ بحيثيت استاد ۽ ممتحن، خدمت سرانجام ڏنائين<ref name = "سنڌيانا "/>.پروفيسر جتوئي لکي ٿو تہ:1929ع ۾ فلاسافيڪل سوسائٽي جو تاحيات ميمبر ڪيو ويو. ستت ئي سنڌ ۾ آيا ۽ اچي وڪالت شروع ڪيائون، مگر اهو ڌنڌو کين نه وڻيو ۽ عمر ڀر لاءِ ڇڏي ڏنائون. ڪيسن کي ٺاهڻ لاءِ سچ سان گڏ ڪوڙ جي ملاوت ڪرڻ سندن طبيعت ۽ ديني جذبي برداشت نه ڪيو. پاڻ فرمائيندا هئا ته مومن اهو ڌنڌو اختيار ڪري نٿو سگهي. اهوئي سبب آهي جو اي. ڪي. بروهي کي انهيءَ ڌنڌي اختيار ڪرڻ کان منع ڪئي هئائون. مسٽر بروهي کي جڏهن سنڌ مدرسي ۾ ماستري ڪرڻ لاءِ ٻه سئو رپيا تنخواه نه ڏني ويئي ۽ ان جي بجاءِ هڪ سئو پنجاهه رپيا ان وقت جي تعليم جي وزير کيس ڏيڻا ڪيا، تڏهن لاچار وڃي وڪالت ڪيائين ۽ علامه صاحب جن کي عرض ڪيائين ته ”فادر! (ابا جان)، قدرت مون کي ٽيچر (استاد) ٿيڻ نٿي ڏئي ۽ وڪيل ٿيڻ تي مجبور ڪيو آهي.“ پوءِ قاضي صاحب جن به کڻي ماٺ ڪئي<ref name = " جتوئي "/>. 1932ع ۾ شيخ گوما، الازهر کان ۽ لنڊن اسڪول آف ارويئنٽل اسٽڊيز ۾ عربيءَ جي تعليم ورتائين.<ref name = "سنڌيانا "/>
لنڊن ۾ 1933ع ڌاري ”جمعيت المسلمين“ جو بنياد رکيائين ۽ کيس جمعيت جو امام مقرر ڪيو ويو. هن جمعيت جو بنيادي مقصد اسلام جي تبليغ ۽ اُتي جي مسلمانن جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ هو<ref name = "سنڌيانا "/>.پروفيسر جتوئي لکي ٿو تہ:وڪالت کي ترڪ ڪرڻ کان پوءِ قاضي صاحب جن وري ولايت هليا ويا ۽ اُتي وڃي تبليغ جو ڪم هٿ ۾ کنيائون، ايسٽ اينڊ لنڊن ۾ مسجد قائم ڪيائون ۽ ان کي ئي تبليغ جو مرڪز بنايائون. ان ڪم ۾ جيڪي مسلمان ساڻن شامل ٿيا تن کي جماعت جي صورت ڏيئي، ان تي ”جمعيت المسلمين“ نالو رکيائين. سندن تبليغ نوجوان مسلمان شاگردن کي بيدار ڪيو، جن مان گهڻا مصري ۽ هندستاني هئا. ان وقت جي مصري حڪومت سندن تبليغي خدمتن جو اعتراف ڪيو ۽ کين مالي امداد جي آڇ به ڪئي، جا پاڻ رد ڪيائون. اِها ڳالهه قاضي صاحب جن پاڻ مون سان ڪئي هئي. سندن طبيعت نهايت خوددار هئي، ان ڪري ٻين جي امداد کان هميشه بي نياز رهندي هئي. ان باري ۾ پاڻ نهايت متوڪل هئا. روزگار جي ڳڻتيءَ به ڪڏهن کين بيچين ڪونه ڪيو. حلال جي ڪمائيءَ کي ديني فرض سمجهندا هئا ۽ فضول خرچيءَ کي ديني ڏوهه. حلال جي ڪمائيءَ خاطر قاضي صاحب جن لنڊن ۾ بئنڪ جي نوڪري به ڪندا هئا. هڪ دفعي پاڻ فرمايائون ته انهيءَ نوڪريءَ خاطر اڪائونٽنسي ۽ مئنيجري ۾ وڏو امتحان اعزاز سان پاس ڪيم. مگر سندن طبيعت جو لاڙو مسلمانن ۾ بيداري آڻڻ ڏانهن هو. تعليم ۽ تبليغ اِهي سندن محبوب مشغلا هئا. فرمائيندا هئا ته رسولِ خداﷺ جي فرمودي موجب فقط ٻن قسمن جا ماڻهو ڪارآمد آهن: هڪڙا معلم يعني استاد ۽ ٻيا متعلم يعني شاگرد، باقي ٻيا خس و خاشاڪ آهن.<ref name =
" جتوئي "/> 1933ع ۾ ئي علامه صاحب پنهنجي اهليه ايلسا قاضيءَ جي تعاون سان ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو آهي: “Adventures of a Brown Girl in Search of God” يعني ”ڀوري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾“. اهو ڪتاب دراصل [[جارج برنارڊشا]] جي لکيل ڪتاب “A Black Girl in Search of God” ”خدا جي تلاش ۾ هڪ ڪاري ڇوڪريءَ جي جاکوڙ“ جي جواب ۾ لکيو ويو هو. 1911ع کان 1942ع تائين قاضي صاحب ڪجهه وقت سنڌ ۽ ڪجهه وقت انگلنڊ ۾ رهيو. علامه صاحب جي ان ڪتاب جو سنڌي ترجمو، [[سنڌي ادبي بورڊ]] پاران ڇپايو ويو آهي<ref name = " سنڌيانا "/>.
قيام پاڪستان کان ڪجهه عرصو اڳ علامه صاحب انگلنڊ مان موٽي ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو. ان وقت پاڻ هر جمعي تي جناح هاسٽل جي مسجد ۾ اچي خطبو ڏيندو هو. علامه صاحب جو خطبو ٻڌڻ لاءِ هر طبقي جا ماڻهو پري پري کان ايندا هئا<ref name = " سنڌيانا "/>.
 
==سنڌ يونيورسٽي جي لاءِ خدمتون==