امداد علي امام علي قاضي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 22:
==ادبي سفر==
قاضي صاحب 1924ع ۾ هڪ مضمون بعنوان ”مشرقي شاعريءَ ۾ غزل جو مقام“ (Place of Ghazal in Oriental Poetry) لکيو. هيءُ مضمون هڪ ادب پارو هو، جنهن کي ڏاڍو ساراهيو ويو ۽ کيس انگلنڊ جي شاعريءَ واري سوسائٽيءَ (Poetic Society) جو نائب صدر چونڊيو ويو. علامه صاحب پهريون هندستاني هو، جيڪو هن سوسائٽيءَ جو نائب صدر چونڊيو ويو ۽ 1948ع تائين هن عهدي تي رهيو. 1926ع ۾ کيس خيرپور رياست جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو هوم ميمبر مقرر ڪيو ويو، پر ٿوري عرصي اندر ئي علامه صاحب سرڪاري ملازمت کان بيزار ٿي پيو ۽ اختلافن سبب آگسٽ 1927ع ۾ استعيفيٰ ڏنائين.
1928ع ۾ پاڻ ٻيهر لنڊن هليو ويو، جتي ڪجهه عرصي لاءِ لنڊن اسڪول آف اوريئنٽل اسٽڊيز ۾ بحيثيت استاد ۽ ممتحن، خدمت سرانجام ڏنائين.پروفيسر جتوئي لکي ٿو تہ:1929ع ۾ فلاسافيڪل سوسائٽي جو تاحيات ميمبر ڪيو ويو. ستت ئي سنڌ ۾ آيا ۽ اچي وڪالت شروع ڪيائون، مگر اهو ڌنڌو کين نه وڻيو ۽ عمر ڀر لاءِ ڇڏي ڏنائون. ڪيسن کي ٺاهڻ لاءِ سچ سان گڏ ڪوڙ جي ملاوت ڪرڻ سندن طبيعت ۽ ديني جذبي برداشت نه ڪيو. پاڻ فرمائيندا هئا ته مومن اهو ڌنڌو اختيار ڪري نٿو سگهي. اهوئي سبب آهي جو اي. ڪي. بروهي کي انهيءَ ڌنڌي اختيار ڪرڻ کان منع ڪئي هئائون. مسٽر بروهي کي جڏهن سنڌ مدرسي ۾ ماستري ڪرڻ لاءِ ٻه سئو رپيا تنخواه نه ڏني ويئي ۽ ان جي بجاءِ هڪ سئو پنجاهه رپيا ان وقت جي تعليم جي وزير کيس ڏيڻا ڪيا، تڏهن لاچار وڃي وڪالت ڪيائين ۽ علامه صاحب جن کي عرض ڪيائين ته ”فادر! (ابا جان)، قدرت مون کي ٽيچر (استاد) ٿيڻ نٿي ڏئي ۽ وڪيل ٿيڻ تي مجبور ڪيو آهي.“ پوءِ قاضي صاحب جن به کڻي ماٺ ڪئي<ref name = " جتوئي "/>. 1932ع ۾ شيخ گوما، الازهر کان ۽ لنڊن اسڪول آف ارويئنٽل اسٽڊيز ۾ عربيءَ جي تعليم ورتائين.
لنڊن ۾ 1933ع ڌاري ”جمعيت المسلمين“ جو بنياد رکيائين ۽ کيس جمعيت جو امام مقرر ڪيو ويو. هن جمعيت جو بنيادي مقصد اسلام جي تبليغ ۽ اُتي جي مسلمانن جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ هو. 1933ع ۾ ئي علامه صاحب پنهنجي اهليه ايلسا قاضيءَ جي تعاون سان ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو آهي: “Adventures of a Brown Girl in Search of God” يعني ”ڀوري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾“. اهو ڪتاب دراصل [[جارج برنارڊشا]] جي لکيل ڪتاب “A Black Girl in Search of God” ”خدا جي تلاش ۾ هڪ ڪاري ڇوڪريءَ جي جاکوڙ“ جي جواب ۾ لکيو ويو هو. 1911ع کان 1942ع تائين قاضي صاحب ڪجهه وقت سنڌ ۽ ڪجهه وقت انگلنڊ ۾ رهيو. علامه صاحب جي ان ڪتاب جو سنڌي ترجمو، [[سنڌي ادبي بورڊ]] پاران ڇپايو ويو آهي.
قيام پاڪستان کان ڪجهه عرصو اڳ علامه صاحب انگلنڊ مان موٽي ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو. ان وقت پاڻ هر جمعي تي جناح هاسٽل جي مسجد ۾ اچي خطبو ڏيندو هو. علامه صاحب جو خطبو ٻڌڻ لاءِ هر طبقي جا ماڻهو پري پري کان ايندا هئا.
 
==سنڌ يونيورسٽي جي لاءِ خدمتون==
پاڪستان جي قيام کان پوءِ علامه صاحب ٻنهي علائقن جي انسانن جي غير فطري ۽ جبري لڏ پلاڻ ۽ خونريزيءَ وارن عملن کان بددل ٿي وري لنڊن هليو ويو. پاڻ اڃا انگلنڊ ۾ ئي هو ته سندس مداحن ۽ دوستن، خاص طرح سائين جي. ايم. سيد سندس واپس اچڻ لاءِ وڏو زور ڀريو. آخرڪار علامه صاحب لنڊن کي الوداع ڪري، 1951ع ۾ [[سنڌ يونيورسٽي|سنڌ يونيورسٽيءَ]] جي وائيس چانسلر جي چارج اچي ورتي، ۽ ان کي اعليٰ تعليمي درسگاهه بنائڻ ۽ مختلف سائنس ۽ آرٽس جا شعبا قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ تعليمي ماهرن سان لهه وچڙ ۾ آيو ته جيئن ٿوري وقت ۾ گهڻي ۾ گهڻا شعبا قائم ٿي سگهن.