امداد علي امام علي قاضي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 18:
پروفيسر جتوئي لکي ٿو تہ:مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ وري اچي قاضي صاحب جن کي ويراڳ لڳو، سو ڀڄي وڃي جوڳين سان مليا، جن سان اٽڪل ڇهه مهينا گذاريائون، مگر پوءِ وري اچي پڙهڻ کي لڳا.<ref name = " جتوئي "/> مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ علامه صاحب علي ڳڙهه ۾ سر سيد احمد جي قائم ڪيل ڪاليج ۾، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. هڪ سال کان پوءِ قاضي صاحب علي ڳڙهه مان موٽي آيو ۽ تعليمي سلسلو منقطع ڪري ڇڏيائين. 1907ع ۾ پنهنجي ماروٽ ميان عبدالقادر حافظ سان گڏجي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو، جتي هڪ سال خانگي طرح ايڪانامڪس (اقتصاديات) جي تعليم ورتائين. 1909ع ۾ لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۾ داخل ٿيو. ڊاڪٽر ڪنٽن وٽ پڙهيو. علامه صاحب کي مختلف مضمونن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۾ جنون جي حد تائين لڳاءُ هو، تنهنڪري لنڊن جي قيام دوران مختلف تعليمي ماهرن کان مختلف مضمونن ۾ ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو. ڊاڪٽر ”برائون“ کان نفسيات جي تعليم حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ فزڪس ۽ بائيلاجي خانگي طرح پڙهيو. ڊاڪٽر ”آرنولڊ“ کان فلسفي جي تعليم حاصل ڪيائين. انهيءَ دوران علامه صاحب کي قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ 1910ع ۾ ”لنڪنس اِن“ (لنڊن) ۾، ”بار ايٽ لا“ لاءِ داخلا ورتائين. تعليم دوران علامه صاحب جي ملاقات مس [[ايلسا قاضي|ايلسا]] نالي جرمن خاتون سان ٿي. مس ايلسا هڪ قابل ۽ بلند پايي جي ليکڪا ۽ شاعره هئي. سندن طبيعتون هڪٻئي سان ملي ويون ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ پريت ٿي وئي. 1910ع ۾ ايلسا سان شادي ڪري ازدواجي رشتي ۾ منسلڪ ٿيو. 1911ع ۾ بار ايٽ لا جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي وطن واپس وريو.پروفيسر جتوئي لکي ٿو تہ:ستت ئي بي. اي. ڪرڻ لاءِ علي ڳڙهه هليا ويا. پهرئين سال ۾ جيڪي ڪتاب درسي طور رکيل هئا، سي سندن اڳئي ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان اڳ پڙهيل هئا، سو سمجهيائون ته علم حاصل ڪرڻ جي بجاءِ وقت ضايع ٿيندو. وقت جي ضايع ٿيڻ جو احساس قاضي صاحب جن کي ان وقت کان ئي هو. اهو احساس بيدار زندگي جي اهم نشاني آهي، سو قاضي صاحب جن علي ڳڙهه ڇڏي ولايت هليا ويا ۽ مختلف علومن ۾ داخلائون ورتائون. مون کي ٻڌايائون ته: ”مختلف علومن ۾ داخلائون ڊگرين حاصل ڪرڻ لاءِ ڪونه ورتيم، مگر حق کي ڳولڻ، سمجهڻ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ ورتم. فقط قانون ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪيم، تنهنڪري بئريسٽري ڪيم. انهيءَ وقت به کين روحاني بي چيني رهندي هئي. فرمايائون ته انهيءَ بي چيني جي حل تلاش ڪرڻ لاءِ ديوان حافظ مان فال ڪڍيم ۽ هيءَ سٽ نڪتي:<br>
[[ما مريدانِ، خدائيم، خدا تهبت ما است ]]<br>بس، ان وقت کان وٺي پنهنجي رب جو در نه ڇڏيم ۽ اُن کان ئي رهبري پنندو رهيس. الله تعاليٰ منهنجي رهبري ڪندو رهيو. قرآن پاڪ کي ٻنهي هٿن سان چنبڙي پيس ۽ ان جي احڪامن تي سختيءَ سان پابند ٿيڻ لڳس. نماز پنجن ئي وقتن تي باقاعدي پڙهندو هوس، ايتريقدر جو ڪنهن وقت کي نه گسائڻ خاطر هڪ گني خرچ ڪري به وقت تي گهر اچي نماز پڙهندو هوس.“ اتي مون پڇيومانس ته: ”سائين، اڄڪلهه اسين توهان کي سانجهيءَ جي نماز پڙهندي ڪونه ٿا ڏسون.“ فرمايائون ته: ”ابا، هاڻي ٻيپهري ۽ ٽيپهري گڏي پڙهندو آهيان ۽ سانجهي ۽ سومهڻي جي نماز به گڏي پڙهندو آهيان، پر اهڙن وقتن تي جڏهن هڪ نماز جو آخرين وقت هوندو آهي ۽ ٻيءَ نماز جو اول وقت. اسان جي فقيهن جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ۽ آءٌ به ذاتي طرح سان انهيءَ نتيجي تي پهتس ته ائين ڪري سگهجي ٿو.“<ref name = " جتوئي "/>پروفيسر جتوئي علامہ سان ڪيل رھاڻ جو ذڪر ڪندي سندس بيان لکيو آهي تہ:لنڊن ۾ جن پروفيسرن کان تعليم هاصل ڪيائون، تن مان اڪثر ڊاڪٽر هابهائوس (Dr. Hobhouse) ۽ ڊاڪٽر ٿامس آرنولڊ (Dr. Thomas Arnold) جو نالو دهرائيندا هئا. ڊاڪٽر ٿامس آرنولڊ وٽ علامه اقبال مرحوم به تعليم وٺندو هو. علامه اقبال مرحوم لاءِ هڪ دفعي چيائون ته اقبال جڏهن لنڊن آيو ته ابتدا ۾ ڇڙواڳ هو مگر پوءِ مثنوي جو مٿس ايترو ته اثر ٿيو جو بلڪل بدلجي ويو ۽ نهايت نيڪ شخص ٿي پيو. قاضي صاحب لنڊن ۾ هڪ مصري استاد شيخ گوما کان عربيءَ ۾ تعليم ورتي ۽ اسلام جي باري ۾ ساڻس خيالن جي ڏي- وٺ به ڪئي. ان باري ۾ هڪ دفعي چيائون ته چننچ گوماهن چوڻ کان بالاخر رهي نه سگهيو. ”قاضي صاحب مون کان عربي سکي ۽ آءٌ کانئس اسلام سکيس.“ اسلام سکڻ ۾ قاضي صاحب جن ڪنهن به انساني استاد کان مدد ڪانه ورتي<ref name = " جتوئي "/>
واپسيءَ بعد مختلف علمن جو مطالعو جاري رکيائين. ڪجهه عرصي بعد وري انگلنڊ هليو ويو، جتي پنهنجو مطالعو جاري رکيائين. قاضي صاحب 1919ع ۾ لنڊن مان واپس موٽيو. 1921ع ۾ پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز بحيثيت مئجسٽريٽ ڪيائين. ڪجهه عرصي لاءِ ٽنڊي محمد خان ۾ مقرر ڪيو ويو. اپريل 1922ع ۾ خيرپور رياست ۾ سيشن جج مقرر ٿيو.پروفيسر جتوئي علامہ سان رھاڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ:خيرپور رياست ۾ جج ٿي رهيا، جتان دستبردار ٿيا. ان جو سبب مون کي هيءُ ٻڌايائون ته هڪ ڪيس ۾ هزهائينيس مير علي نواز خان جو ڪو ماڻهو ڦاٿل هو، جنهن جي باري ۾ اڻسڌيءَ طرح مير صاحب منهنجي ڪنن تي ڪنهن جي معرفت سفارش جهڙي ڳالهه آندي، جا مون کان برداشت نه ٿي ۽ هڪدم استعيفا ڏنم. مير صاحب کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ مون کي دوستن کان چوارايائين، خود به چيائين ته استعيفا واپس وٺان مگر مون نه مڃيو. مون بيجا بالادستي ۽ اصولن جي پائمالي کي ڪڏهن به برداشت نه ڪيو آهي. رب تعاليٰ جي غلامي کان پوءِ ٻئي جي غلامي قبول ڪرڻ شرڪ آهي. قاضي صاحب جن مير صاحب مرحوم جن جي ڏاڍي تعريف ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته مروت ۽ فضيلت جو صاحب هو ۽ خانداني شرافت جو مجسمو.<ref name = " جتوئي "/>
واپسيءَ بعد مختلف علمن جو مطالعو جاري رکيائين. ڪجهه عرصي بعد وري انگلنڊ هليو ويو، جتي پنهنجو مطالعو جاري رکيائين. قاضي صاحب 1919ع ۾ لنڊن مان واپس موٽيو. 1921ع ۾ پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز بحيثيت مئجسٽريٽ ڪيائين. ڪجهه عرصي لاءِ ٽنڊي محمد خان ۾ مقرر ڪيو ويو. اپريل 1922ع ۾ خيرپور رياست ۾ سيشن جج مقرر ٿيو.
 
==ادبي سفر==