امداد علي امام علي قاضي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 10:
}}
 
'''علامہ آءِ. آءِ. قاضي'''{{ٻيا نالا|انگريزي=Alama I. I.Kazi}} مرحوم جو پورو نالو، '''امداد علي ولد امام علي قاضي''' هو. سندس وڏا انصاري خاندان<ref name ="جتوئي" > مضمون:علامه آءِ. آءِ. قاضيؒهڪقاضيؒ هڪ عجيب شخصيت ۽ عظيم مفڪر؛ليکڪ:پروفيسر علي نواز جتوئي(رسالو؛ مهراڻ 1986ع ايڊيٽر؛
نفيس احمد شيخ جلد؛ 35 ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ سال :جنوري - مارچ 1986ع)</ref> جا پاٽ ڳوٺ، [[دادو ضلعو|ضلعي دادوءَ]] جا هئا. علامه صاحب جو والد قاضي امام علي سرڪاري ملازمت جي ڪري پاٽ مان لڏي [[حيدرآباد، سنڌ|حيدرآباد]] ۾ اچي رهيو، جتي حيدرآباد جي بااثر شخصيت محمد حافظ جي وڏي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان امداد علي (آءِ آءِ قاضي) 18 اپريل 1886ع ۾ ڄائو. سندس والد قاضي امام علي ڪجهه عرصي لاءِ دادوءَ ۽ نوشهري فيروز جو ميونسپل ڪمشنر ۽ آنرري مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهيو. علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جي ابتدائي تعليم لاءِ آخوند عبدالعزيز کي مقرر ڪيو ويو. آخوند صاحب علامه قاضيءَ کي قرآن پڙهايو ۽ ابتدائي سنڌي، فارسي ۽ علم رياضيءَ ۾ پڻ سکيا ڏني. انهيءَ کان علاوه آخوند صاحب کيس ”مفتاح الصلواة“ به پڙهايو.