امداد علي امام علي قاضي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 17:
پروفيسر علي نواز جتوئي لکي ٿو تہ:قاضي صاحب جن کي ننڍپڻ ۾ ئي روزي نماز جو پابند ڪيو ويو ۽ يارنهن ورهين جي عمر ۾ کين روحاني تعليم خاطر نقشبندي طريقي ۾ داخل ڪيو ويو ۽ کين باقاعدي ذڪر خفي ۽ مراقبو ڪرايو ويندو هو. اهو مراقبو ۽ ذڪر روزانو ڪلاڪن تائين ڪيو ويندو هو. هڪ دفعي مون کانئن پڇيو ته سائين، مراقبي ۾ اوهان کي ڇا ڏسڻ ۾ ايندو هو. جواب ۾ فرمايائون: وليم جيمس (William James) پنهنجي ڪتاب “Varieties of Religious Experiences” ۾ جيڪي لکيو آهي، اهو ڏسڻ ۾ ايندو هو. پاڻ فرمائيندا هئا ته ننڍپڻ ۾ ذڪر ۽ مراقبا ڪڏهن به نه ڪيا وڃن. اِها اُها وهي آهي جڏهن حواس ترقي ڪن ٿا ۽ عقل جي ابتدا ٿئي ٿي. جيستائين انفرادي شخصيت جي تعمير تڪميل تي نه پهتي آهي تيستائين مراقبا ڪرڻ مفيد نه آهن. خودي جي تڪميل کان پوءِ ئي مراقبي جي ضرورت آهي. ”موتوا قبل ان تموتوا“ جي صحيح مهل ان وقت شروع ٿئي ٿي. دنيا جو ڪوبه فيلسوف يا نبي اهڙو ڪونه ٿي گذريو آهي جنهن ڪجھ وقت لاءِ دنيا کان الڳ ٿلڳ ٿي مراقبن جو منزلون طئي نه ڪيون آهن. علامه صاحب جن اهي مراقبن جون منزلون پوءِ وڏي هوندي طئي ڪيون، جڏهن سڀني علومن کي پڙهي، انهن جي اصولن کان باخبر ٿيا. مون کي ڪيترائي دفعا فرمايائون ته: ”جيستائين هنن ظاهري اکين پنهنجو ڪم پورو نه ڪيو آهي تيستائين کين ٻوٽي اندر ۾ جهاتي پائڻ يعني مراقبو ڪرڻ فطرتي اصول جي خلاف آهي؛ فطرت ائين ڪرڻ نه ڏيندي، بلڪ مجبور ڪندي ته اکيون کولي ظاهري دنيا کي ڏسجي. جڏهن انهن جو ڪم پورو ٿيندو تڏهن اهي پاڻيهي ظاهري دنيا کان منهن موڙينديون ۽ بند ٿينديون.“<ref name = " جتوئي "/>علامه صاحب ارڙهن سالن جي عمر (1904ع) ۾ سنڌي فائنل جو امتحان خانگيءَ طور پاس ڪيو ۽ فارسيءَ ۾، جيڪو ان وقت لازمي مضمون هو، پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. 1905ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان خانگي اميدوار جي حيثيت ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين.
پروفيسر جتوئي لکي ٿو تہ:مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ وري اچي قاضي صاحب جن کي ويراڳ لڳو، سو ڀڄي وڃي جوڳين سان مليا، جن سان اٽڪل ڇهه مهينا گذاريائون، مگر پوءِ وري اچي پڙهڻ کي لڳا.<ref name = " جتوئي "/> مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ علامه صاحب علي ڳڙهه ۾ سر سيد احمد جي قائم ڪيل ڪاليج ۾، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. هڪ سال کان پوءِ قاضي صاحب علي ڳڙهه مان موٽي آيو ۽ تعليمي سلسلو منقطع ڪري ڇڏيائين. 1907ع ۾ پنهنجي ماروٽ ميان عبدالقادر حافظ سان گڏجي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو، جتي هڪ سال خانگي طرح ايڪانامڪس (اقتصاديات) جي تعليم ورتائين. 1909ع ۾ لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۾ داخل ٿيو. ڊاڪٽر ڪنٽن وٽ پڙهيو. علامه صاحب کي مختلف مضمونن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۾ جنون جي حد تائين لڳاءُ هو، تنهنڪري لنڊن جي قيام دوران مختلف تعليمي ماهرن کان مختلف مضمونن ۾ ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو. ڊاڪٽر ”برائون“ کان نفسيات جي تعليم حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ فزڪس ۽ بائيلاجي خانگي طرح پڙهيو. ڊاڪٽر ”آرنولڊ“ کان فلسفي جي تعليم حاصل ڪيائين. انهيءَ دوران علامه صاحب کي قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ 1910ع ۾ ”لنڪنس اِن“ (لنڊن) ۾، ”بار ايٽ لا“ لاءِ داخلا ورتائين. تعليم دوران علامه صاحب جي ملاقات مس [[ايلسا قاضي|ايلسا]] نالي جرمن خاتون سان ٿي. مس ايلسا هڪ قابل ۽ بلند پايي جي ليکڪا ۽ شاعره هئي. سندن طبيعتون هڪٻئي سان ملي ويون ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ پريت ٿي وئي. 1910ع ۾ ايلسا سان شادي ڪري ازدواجي رشتي ۾ منسلڪ ٿيو. 1911ع ۾ بار ايٽ لا جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي وطن واپس وريو.پروفيسر جتوئي لکي ٿو تہ:ستت ئي بي. اي. ڪرڻ لاءِ علي ڳڙهه هليا ويا. پهرئين سال ۾ جيڪي ڪتاب درسي طور رکيل هئا، سي سندن اڳئي ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان اڳ پڙهيل هئا، سو سمجهيائون ته علم حاصل ڪرڻ جي بجاءِ وقت ضايع ٿيندو. وقت جي ضايع ٿيڻ جو احساس قاضي صاحب جن کي ان وقت کان ئي هو. اهو احساس بيدار زندگي جي اهم نشاني آهي، سو قاضي صاحب جن علي ڳڙهه ڇڏي ولايت هليا ويا ۽ مختلف علومن ۾ داخلائون ورتائون. مون کي ٻڌايائون ته: ”مختلف علومن ۾ داخلائون ڊگرين حاصل ڪرڻ لاءِ ڪونه ورتيم، مگر حق کي ڳولڻ، سمجهڻ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ ورتم. فقط قانون ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪيم، تنهنڪري بئريسٽري ڪيم. انهيءَ وقت به کين روحاني بي چيني رهندي هئي. فرمايائون ته انهيءَ بي چيني جي حل تلاش ڪرڻ لاءِ ديوان حافظ مان فال ڪڍيم ۽ هيءَ سٽ نڪتي:<br>
[[ما مريدانِ، خدائيم، خدا تهبت ما است ]]<br>بس، ان وقت کان وٺي پنهنجي رب جو در نه ڇڏيم ۽ اُن کان ئي رهبري پنندو رهيس. الله تعاليٰ منهنجي رهبري ڪندو رهيو. قرآن پاڪ کي ٻنهي هٿن سان چنبڙي پيس ۽ ان جي احڪامن تي سختيءَ سان پابند ٿيڻ لڳس. نماز پنجن ئي وقتن تي باقاعدي پڙهندو هوس، ايتريقدر جو ڪنهن وقت کي نه گسائڻ خاطر هڪ گني خرچ ڪري به وقت تي گهر اچي نماز پڙهندو هوس.“ اتي مون پڇيومانس ته: ”سائين، اڄڪلهه اسين توهان کي سانجهيءَ جي نماز پڙهندي ڪونه ٿا ڏسون.“ فرمايائون ته: ”ابا، هاڻي ٻيپهري ۽ ٽيپهري گڏي پڙهندو آهيان ۽ سانجهي ۽ سومهڻي جي نماز به گڏي پڙهندو آهيان، پر اهڙن وقتن تي جڏهن هڪ نماز جو آخرين وقت هوندو آهي ۽ ٻيءَ نماز جو اول وقت. اسان جي فقيهن جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ۽ آءٌ به ذاتي طرح سان انهيءَ نتيجي تي پهتس ته ائين ڪري سگهجي ٿو.“<ref name = " جتوئي "/>
واپسيءَ بعد مختلف علمن جو مطالعو جاري رکيائين. ڪجهه عرصي بعد وري انگلنڊ هليو ويو، جتي پنهنجو مطالعو جاري رکيائين. قاضي صاحب 1919ع ۾ لنڊن مان واپس موٽيو. 1921ع ۾ پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز بحيثيت مئجسٽريٽ ڪيائين. ڪجهه عرصي لاءِ ٽنڊي محمد خان ۾ مقرر ڪيو ويو. اپريل 1922ع ۾ خيرپور رياست ۾ سيشن جج مقرر ٿيو.