ٻولي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
لفظن جو مجموعو ۽ انهن کي ملائڻ جو طريقو (يعني [[گرامر]]) جيڪو ڪوئي گروه سمجهي ۽ انکي رابطي طور استعمال ڪري ته انکي '''ٻولي''' چيو ويندو آهي.
 
ٻوليءَ کي هنديءَ ۾ ڀاشا چيو ويندوآهي. هندستان جا سنڌي اديب اڪثر ٻوليءَ جي جاءِ تي عام طور ”ڀاشا“ جو لفظ ڪتب آڻيندا آهن. ڇاڪاڻ جو اهو لفظ ’مڪمل زبان‘ وارو مفهوم رکي ٿو. جڏهن ته ڪن ماهرن جي راءِ ۾ ٻولي صرف ڳالهايل زبان لاءِ ڪتب آڻڻ گهرجي. ڀاشا معنى ٻولي Language ۽ اپڀاشا معنى ٻوليءَ جو ننڍو دفعو (Dialect). البت سنڌيءَ ۾ لفظ ’ٻولي‘ مڪمل زبان واري معنيٰ رکي ٿو. <ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:[[سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]]</ref>ٻولي اوچتو پئدا نه ٿي آهي ۽ نه ديوتائن وٽان مليل سوکڙي آهي. پر اظهار جو هي وسيلو صدين جي ڪوششن کان پوءِ حاصل ٿيو آهي. ان جي شروعات مرد جي پنهنجي ماديءَ کي سڏڻ وارن آوازن سان ٿي ۽ انهن آوازن ارتقا جون منزلون لنگهي، شاعريءَ جي شڪل اختيار ڪئي. لفظن يا شَيِن جي نالن کان سواءِ جن سان ذهن ۾ خاص تصور ٿا اچن، شين جا اجتماعي تصور قائم ٿي نه سگهن ها. ۽ عقل ڪڏهن به وحشي پڻي جي منزل کان اڳتي وڌي نه سگهي ها. لفظن کان سواءِ فلسفو، شاعري، تاريخ ۽ نثر سڀ ناممڪن هئا. لفظن کان سواءِ ڪڏهن به آئن اسٽائن ۽ اناطول فرانس جي ذهنن جون باريڪيون حاصل ٿي نه سگهن ها. لفظن کان سواءِ نه مرد مرد هجي ها ۽ نه عورت عورت.<ref name ="ول ڊيورنٽ" > ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ،ليکڪ: وِل ڊيوران سنڌيڪار، آغا سليم ؛ايڊيشن 2016 ؛ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</ref>
 
ٻولين متعلق هڪ جائزي جي مطابق هن وقت دنيا ۾ تقريبن 6809 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.پر انهن جو انگ تيزي سان گهٽجي رهيو آهي ڇو ته نوي فيصد ٻولين جو تعلق هڪ لک کان گهٽ ڳالهائيندڙن سان آهي. 537 ٻوليون اهڙيون به آهن جنهنجا ڳالهائيندڙ 50 کان به گهٽ آهن، افسوسناڪ حالت انهن 46 ٻولين جي آهي جيڪي ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ختم ٿيڻ واريون آهن، ڇو ته انهنجا ڳالهائيندڙ هڪ يا ٻه انسان بچا آهن.