حسن: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 4:
 
'''حسن'''{{ٻيا نالا|انگريزي=Beauty}}رومانوي شاعريءَ ۾ اڪثر ڪري حسن ۽ عشق جا موضوع هوندا آهن. حسن باطني به ٿيندو آهي ته ظاهري پڻ. <ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>اناطول فرانس چيو ”مان نٿو مڃان ته اسان ڪڏهن به پوريءَ طرح ڄاڻي سگهنداسين ته ڪا شيءِ حسين ڇو آهي“،<ref name ="ول ڊيورنٽ" > ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ،ليکڪ: وِل ڊيوران سنڌيڪار، آغا سليم ؛ايڊيشن 2016 ؛ڇپائيندڙ:
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</ref>.وحشي ماڻهن کي ٿلهن چپن ۽ بت تي نڪتل نيرن ڪارن ليڪن ۾ حسن نظر ايندو آهي. يونانين کي حسن جواني ۽ توازن ۾ نظر ايندو هو ۽ رومين لاءِ تناسب، عظمت ۽ طاقت جو نالو حسن هو. نشاة الثانيه حسن کي رنگ ۾ ڏٺو ۽ جديد روح کي موسيقي ۽ ناچ ۾ حسن نظر آيو. هر جاءِ تي ۽ هر زماني ۾ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن نموني حسن کان متاثر ٿيندا رهيا آهن، ۽ ان کي حاصل ڪرڻ ۾ هنن زندگيون ڏيئي ڇڏيون آهن، رڳو فلاسفرن ان جي فطرت ۽ طاقت جو راز معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.<ref name = "ول ڊيورنٽ "/>اصل ۾ هي مسئلو نفسيات جو آهي پر نفسيات جي ماهرن ان کي فلاسافيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هرڪا سائنس پنهنجن مسئلن کي حل ڪري نه سگهندي آهي ته اهي فلاسافيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندي آهي<ref name = " ول ڊيورنٽ"/>.اسٽينڊهال غير شعوري طور هابز جي پيروي ڪندي چيو هو ”حسن مزي جو امڪان آهي.“<ref name = "ول ڊيورنٽ "/>حسن جو احساس اسان جي جنسي قوت جي گهٽجڻ ۽ وڌڻ سان گهٽندو ۽ وڌندو آهي، محبت ايترو حسن کي تخليق ڪندي آهي جيترو حسن محبت کي تخليق ڪندو آهي. هر عاشق پنهنجي محبوبه کي سڀ کان سهڻي عورت سمجهندو آهي، ڊي گورمنٽ ٿو چئي ته هڪ بڇڙي ڏيڏر کان پڇو ته حسن ڇا آهي ته جواب ڏيندو: ”منهنجي مادي، جنهن جون ٻه گول اکيون هن جي ننڍي مٿي مان نڪتل هونديون آهن، جنهن جو منهن ڦٿل، پيٽ هيڊو ۽ پٺي ڀوري آهي.“<ref name = " ول ڊيورنٽ"/>جيڪڏهن حسن جو معيار يوناني رهي ها ته اسان جي جمالياتي شعور تي مرد جو حسن حاوي هجي ها. يونان ۾ دوستي محبت تي حاوي هئي. اسپارٽا ۽ ايٿنز ۾ حسن جو آدرش خوبصورت ۽ بهادر جوان هو، انڪري يوناني آرٽ ۾ هڪ مڪمل مرد ۽ راندين جي ميدان جو عڪس نظر ايندو، پر اسان جي حسن جو احساس اسان جي دلين ۽ زندگين تي عورت جي حاوي هجڻ جي عڪاسي ٿو ڪري، ۽ جيڪڏهن هن زماني ۾ اسان کي ڪڏهن ڪنهن مرد جو حسن متاثر ڪيو آهي ته اهو انڪري ته جيئن دوستيءَ واري محبت مضبوط ٿئي.<ref name = " ول ڊيورنٽ "/>اسپنوزا جي چواڻي اسان ڪنهن شيءِ جي ان لاءِ خواهش نه ڪندا آهيون جو اها حسين هوندي آهي پر ان کي انڪري حسين سمجهندا آهيون جو اها اسان جي خواهش جو مقصد هوندي آهي.<ref name = " ول ڊيورنٽ "/>ايلس جو چوڻ آهي ته حسن ڏسڻ واري جو محتاج نه آهي پر خودمختيار آهي، پنهنجي ان راءِ جي حمايت ۾ هن چيو آهي ته دنيا جي گهڻي ڀاڱي نسلن جا جمالياتي لاڙا بنياديءَ طرح هڪجهڙا آهن. پر جڏهن اسان چيني موسيقي ۽ زولو قبيلي جي وَڍَ ڪُٽَ کي ڏسون ٿا ته اهو خيال ايترو صحيح نٿو لڳي<ref name = " ول ڊيورنٽ "/>.
 
==يوناني فلسفين جو تصور==