حسن: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 18:
حسن جو احساس اسان جي جنسي قوت جي گهٽجڻ ۽ وڌڻ سان گهٽندو ۽ وڌندو آهي، محبت ايترو حسن کي تخليق ڪندي آهي جيترو حسن محبت کي تخليق ڪندو آهي. هر عاشق پنهنجي محبوبه کي سڀ کان سهڻي عورت سمجهندو آهي، ڊي گورمنٽ ٿو چئي ته هڪ بڇڙي ڏيڏر کان پڇو ته حسن ڇا آهي ته جواب ڏيندو: ”منهنجي مادي، جنهن جون ٻه گول اکيون هن جي ننڍي مٿي مان نڪتل هونديون آهن، جنهن جو منهن ڦٿل، پيٽ هيڊو ۽ پٺي ڀوري آهي.“
<ref name = " ول ڊيورنٽ "/>عورت حسن جو سرچشمو ۽ معيار انڪري ٿي بڻجي جو عورت لاءِ مرد جي محبت، عورت جي مرد لاءِ محبت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ گهري هوندي آهي، ۽ مرد جي طلب جو جوش عورت جي حسن کي تخليق ڪندو آهي، عورت مرد جي ان تصور کي قبول ڪندي آهي. ته هوءَ مرد کان وڌيڪ حسين آهي ۽ ڇاڪاڻ ته هن ۾ ملڪيت حاصل ڪرڻ جي خواهش کان وڌيڪ محبوب بڻجڻ جي خواهش هوندي آهي، انڪري هوءَ پاڻ ۾ انهن هرکائڻ وارن صفتن کي اُڀاريندي آهي جيڪي خواهش کي وڌائينديون آهن. ٻيو هي ته عورت مرد ۾ حسن نه ڳولهيندي آهي ۽ نه ئي پنهنجي محبوب ۾ حسن جو تصور ڪندي آهي. هوءَ مرد ۾ طاقت ۽ ٻارن جي حفاظت ڪري سگهڻ جي صلاحيت کي ڳولهيندي آهي. هوءَ اهو به ڏسندي آهي. هن کان جيترو پڄندو هو دنيا جا خزانا هن جي قدمن ۾ آڻي رکندو.<ref name = "ول ڊيورنٽ "/>
 
==فطرت جي حسن==
 
ول ڊيورنٽ فطرت جي حسن کي ثانوي حسن قرار ڏنو آهي پنھنجي ڪتاب پليژرز آف فلاسافي{{ٻيا نالا|انگريزي=Pleasures of Philosophy}} ۾ لکي ٿو تہ: محبت حسن جي ماءُ آهي ان جو ٻار نه آهي، اها شين جي حسن جي نه پر انساني حسن جو بنياد آهي پر اسين انهن لکين شين جي حسن جي ڪهڙي تشريح ڪري سگهون ٿا، جيڪي اسان کي سهڻيون لڳنديون آهن، پر انهن جو محبت سان ڪو تعلق نه هوندو آهي. اسان پنهنجي چوڌاري پکڙيل حسن جي ڪيئن وضاحت ڪري سگهون ٿا.<ref name = "ول ڊيورنٽ "/>
 
==نٽشي جو خيال==