حسن: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 13:
 
حيوانن جي اکين ۾ حسن جو احساس هوندو آهي، ڊارون جو چوڻ آهي ته ڪي پکي پنهنجن آکيرن کي رنگين پنن ۽ ڪوڏين، پٿرن، پرن ۽ ڪپڙي جي انهن ٽڪرن سان سجائيندا آهن جيڪي انسانن جي گهرن ۾ هوندا آهن. شاهي ڪڪڙ پنهنجي ماديءَ لاءِ آکيرو ٺاهيندو آهي جيڪو گهاٽين ٽارين سان ڍڪيل هوندو آهي، فرش تي گاهه وڇائيندو آهي ويجهي تلاءَ مان پٿر چونڊي انهن کي فنڪاراڻي نموني سان ٻنهي پاسن ۾ رکندو آهي، ديوارن کي چمڪندڙ پرن، ڳاڙهن ٻيرن ۽ ٻين سهڻي شين سان سجائيندو آهي. آخر ۾ هو دروازي کي سِپن ۽ چمڪندڙ پٿرين سان سجائي ان کي حسن ۽ وقار بخشيندو آهي، بوش جو چوڻ آهي ته رڳو هڪ دفعو ان ”محل“ کي ڏسڻ سان يقين ٿي ويندو آهي ته حسن مان مزو وٺڻ ان پکيءَ جي فطرت ۾ شامل آهي. ڪجهه پکي پاڻ کي آئيني ۾ ڏسندا آهن، آئيني کي سج جي روشنيءَ سان چمڪايو ته ڪيترا چڪور گڏ ٿي ويندا، هنن تي گوليون وسنديون ته به هو انڌ ۾ آئيني ڏانهن وڌندا، مينا، ٽاڪرو ڪانءُ ۽ ٻيا پکي، چمڪندڙ شيون، چاندي ۽ جواهر چورائيندا آهن، خبر نه آهي ته اها خودپسندي آهي، هوس آهي يا تجسس آهي، ڇا آهي جيڪو هنن کي ائين ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهي. بي جان شين ۾ رڳو جانور حسن ڏسندا آهن ۽ هنن جو جمالياتي شعور معمولي ۽ ٻئي درجي جو هوندو آهي. پکي لڳ جي موسم ۾ ماديءَ آڏو پاڻ ڏيکاريندو آهي، ڊارون جو چوڻ آهي ته گهڻن حيوانن ۾ حسن جو احساس رڳو مخالف جنس جي ڪشش تائين محدود هوندو آهي<ref name = "ول ڊيورنٽ "/>
 
 
==عورت جو حسن==
حسن جو احساس اسان جي جنسي قوت جي گهٽجڻ ۽ وڌڻ سان گهٽندو ۽ وڌندو آهي، محبت ايترو حسن کي تخليق ڪندي آهي جيترو حسن محبت کي تخليق ڪندو آهي. هر عاشق پنهنجي محبوبه کي سڀ کان سهڻي عورت سمجهندو آهي، ڊي گورمنٽ ٿو چئي ته هڪ بڇڙي ڏيڏر کان پڇو ته حسن ڇا آهي ته جواب ڏيندو: ”منهنجي مادي، جنهن جون ٻه گول اکيون هن جي ننڍي مٿي مان نڪتل هونديون آهن، جنهن جو منهن ڦٿل، پيٽ هيڊو ۽ پٺي ڀوري آهي.“
<ref name = " ول ڊيورنٽ "/>
 
==نٽشي جو خيال==