حسن: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 3:
رومانوي شاعريءَ ۾ اڪثر ڪري حسن ۽ عشق جا موضوع هوندا آهن. حسن باطني به ٿيندو آهي ته ظاهري پڻ. <ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>اناطول فرانس چيو ”مان نٿو مڃان ته اسان ڪڏهن به پوريءَ طرح ڄاڻي سگهنداسين ته ڪا شيءِ حسين ڇو آهي“،<ref name ="ول ڊيورنٽ" > ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ،ليکڪ: وِل ڊيوران سنڌيڪار، آغا سليم ؛ايڊيشن 2016 ؛ڇپائيندڙ:
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</ref>.وحشي ماڻهن کي ٿلهن چپن ۽ بت تي نڪتل نيرن ڪارن ليڪن ۾ حسن نظر ايندو آهي. يونانين کي حسن جواني ۽ توازن ۾ نظر ايندو هو ۽ رومين لاءِ تناسب، عظمت ۽ طاقت جو نالو حسن هو. نشاة الثانيه حسن کي رنگ ۾ ڏٺو ۽ جديد روح کي موسيقي ۽ ناچ ۾ حسن نظر آيو. هر جاءِ تي ۽ هر زماني ۾ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن نموني حسن کان متاثر ٿيندا رهيا آهن، ۽ ان کي حاصل ڪرڻ ۾ هنن زندگيون ڏيئي ڇڏيون آهن، رڳو فلاسفرن ان جي فطرت ۽ طاقت جو راز معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.<ref name = "ول ڊيورنٽ "/>اصل ۾ هي مسئلو نفسيات جو آهي پر نفسيات جي ماهرن ان کي فلاسافيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هرڪا سائنس پنهنجن مسئلن کي حل ڪري نه سگهندي آهي ته اهي فلاسافيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندي آهي<ref name = " ول ڊيورنٽ"/>.
 
==يوناني فلسفين جو تصور==
قديم يونان ۾ حسن تمام گهڻو تخليق ٿيندو هو ۽ ان کي قابلِ احترام به سمجهيو ويندو هو پر پوءِ به فلاسافر ان جي سحر کي سمجهي نه سگهيا. پيٿاگورس جماليات جي راند ائين کيڏي جو موسيقيءَ کي علم رياضيءَ جي قائدن ۾ آندو ۽ ڪائنات جي دائرن ۾ توازن ۽ هم آهنگيءَ جي ڳالهه ڪئي، سقراط کان اڳ جا يوناني، ڊارون کان اڳ جي سائنسدانن وانگر، حسن کي طبعيات ۽ علم رياضيءَ جي دائري ۾ آڻي ان جي مڪان ۽ مقدار جي ٻوليءَ ۾ تشريح ڪندا هئا. هنن لاءِ موسيقي آوازن جي ترتيب ۽ مادي حسن نسبتن جي ترتيب هو.
افلاطون، جيڪو بنيادي طرح اخلاق جو ماهر هو (جنهن پنهنجن هم وطنن کي زوال کان روڪڻ ٿي گهريو) ٻي حد تي پهتو ۽ هن حسن کي نيڪي سڏيو. هن جي خيال ۾ فن اخلاقيات جو حصو هو. موسقيءَ جا تعليمي فائدا هئا ۽ هن جي زميني تصوراتي جنت ۾ موسيقي کان سواءِ ٻئي ڪنهن به فن جي اجازت نه هئي. ارسطوءَ وٽان اسان کي اسان جي سوال جو خاص يوناني جواب ملي ٿو ته حسن توازن، تناسب ۽ مربوط ڪُلَ ۾ ان جي جزن جي فطري ترتيب جو نالو آهي. هي اهو تصور آهي جيڪو جُز ۽ ڪُلَ جي ان تصور سان نهايت وڻندڙ انداز ۾ مطابقت ٿو رکي. جنهن بابت اسان پوئين بابن ۾ ڳالهه ڪري آيا آهيون. هتي اسان ترتيب ۽ اصول ٺاهڻ جي خواهش کي روڪي نٿا سگهون. سوال آهي ته توازن ۽ تناسب، نظم ۽ وحدت روح کي سرور ڇو ٿا ڏين؟ اهو سوال اسان کي اسان جي فارمولن کان اڳتي وٺي ٿو وڃي. ونڪلمئن ۽ ليسنگ به ان سلسلي ۾ ڪي خاص جواب ڏيئي نه سگهيا. هنن به اکيون ٻوٽي يونانين جي پيروي ڪئي. حسن ۽ جمال جو مسئلو جوڙجڪ ۽ هيئت، تراشيل سنگ مرمر ۽ پهاڙن تي ٺهيل مندرن جو مسئلو رهيو جيڪو پارٿينن ۽ سندن آرائشن لاءِ مخصوص ٿي ويو. اها حقيقت ته ڪوبه بت ڪنهن گرم ۽ زندهه حسن جو نقل آهي ۽ حسن جو راز نقل کان وڌيڪ اصل ۾ لڪل آهي انهن سخت ۽ علمي ذهنن لاءِ مڃڻ جهڙو نه هو.<ref name = " ول ڊيورنٽ "/>
 
== حوالا ==