فرانسس بيڪن: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 55:
 
==ڪيريئر==
 
[[عڪس:Francis_Bacon.jpg|thumb|296x296 عڪسلون|سر فرانسس بيڪن]]
 
هڪ اثر رسوخ رکندڙ دوست هن سان سخاوت ڪئي. اهو ارل آف اسيڪس (Earl of Essex) هو، جنهن سان راڻي ايلزابيٿ محبت ڪندي هئي، پر محبت ناڪام ٿيڻ ڪري ساڻس نفرت ڪرڻ لڳي. سن 1595ع ۾ اسيڪس، بئڪن کي سياسي عهدي وٺي ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيو، ان جي عيوضي ۾ کيس ٽوڪن هام (Twickenham) جي خوبصورت جائداد تحفي طور ڏني. اهو هڪ شاندار تحفو هو. جنهن لاءِ بئڪن سڄي عمر شايد سندس احسان مند ٿي رهي ها، پر ائين نه ٿيو، ڪجهھ سالن کان پوءِ، اسيڪس راڻيءَ کي قيد ڪرڻ لاءِ منصوبو رٿيو ۽ سندس جانشين مقرر ڪرڻ جون رٿون ٺاهڻ شروع ڪيون. بئڪن پنهنجي محسن ڏانهن هڪ پٺيان ٻيو خط لکيو، ته هو راڻيءَ سان غداري نه ڪري، پر جڏهن هو نه مُڙيو، تڏهن بئڪن اسيڪس کي خبردار ڪيو ته کيس پنهنجي محسن لاءِ شڪرگذاري کان وڌيڪ راڻيءَ جي وفاداريءَ جو احساس آهي. اسيڪس پنهنجو داءُ لڳايو، پر هاريائين ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو. بئڪن راڻيءَ کي پنهنجي دوست لاءِ لڳاتار ايتري ته منٿ ڪئي، جو راڻيءَ آخرڪار ڪَڪَ ٿي چيس، ته ٻي ڪا ڳالھه ڪر. جڏهن اسيڪس کي عارضي طور آزاد ڪيو ويو ۽ هن لشڪر گڏ ڪري لنڊن تي ڪاهه ڪئي، تڏهن بئڪن سندس جاني دشمن ٿي پيو. انهيءَ عرصي ۾ بئن کي سرڪاري قانوني مشير مقرر ڪيو ويو. جڏهن اسيڪس کي وري گرفتار ڪيو ويو ۽ غداري لاءِ مٿس مقدمو هلايو ويو، تڏهن بئڪن سندس خلاف قانوني ڪاروائي ۾ سرگرم حصو ورتو.
اسيڪس کي ڪورٽ ڏوهي ٺهرايو ۽ کيس موت جي سزا ڏني وئي. ان مقدمي ۾ حصو وٺڻ ڪري، بئڪن ڪجهھ عرصي لاءِ عوام ۾ نامقبول ٿي پيو. ان وقت کان وٺي سندس دشمن موقعي جي تاڙ ۾ رهيا، جيئن هو کيس ختم ڪن. انهن سندس پرعزم هجڻ ڪري، کيس آرام ڪرڻ نه ڏنو. بئڪن هميشه غير مطمئن رهيو. ظاهري ٺاهه ٺوهه ۽ شان شوڪت قائم رکڻ ڪري هميش قرض ۾ مبتلا هوندو هو. جڏهن 45 ورهين جي عمر ۾ هن شادي ڪئي، تڏهن رسم ۽ رواج جي دٻدٻي تي ايترو ته پيسو خرچ ڪيائين، جو سندس زال کي مليل ڏاج جو وڏو حصو ان ۾ ختم ٿي ويو. سن 1598ع ۾ هن کي قرض جي سبب گرفتار ڪيو ويو. انهن سڀني مصيبتن جي باوجود ترقي ڪندو رهيو. سندس گوناگون قابليت ۽ بي انتها علم کيس هر مُکي ڪاميٽيءَ جو اهم ميمبر بنايو. آهستي آهستي وڏا عهدا هن لاءِ کليل ڇڏيا ويا. سن 1606ع ۾ هن کي سالسٽر جنرل (Solicitor General) ڪيو ويو ۽ 16133ع ۾ هن کي اٽارني جنرل (Attorney General) ڪيو ويو. سن 16188ع ۾ ستونجاهه سالن جي ڄمار ۾ لارڊ چانسيلر (Lord Chancellor) مقرر ٿيو.<ref>{{cite web |url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page8.html}}{ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}</ref>خاص رواج هوندو هو، ته منصف ’سوکڙيون‘ قبول ڪن. بئڪن ان ڳالهه ۾ ٻين کان پوئتي نه رهيو. بئڪن جو خرچ هميشه سندس ڪمائيءَ کان وڌيڪ هوندو هو، جنهن ڪري هو اخلاقي اصول به قائم رکي نه ٿي سگهيو. ان ڳالهه تي جيڪر ڪوبه ڌيان نه ڏنو وڃي ها، پر بئڪن اسيڪس جي ڪيس ۾ ڪيترا جاني دشمن پيدا ڪيا. هو هميشه گفتار جي تلوار سان دشمنن جو منهن بند ڪندو رهيو، پر اندروني طور سندس دشمن وڌڻ لڳا. هڪ دوست کيس چتاءُ به ڏنو، ”ته درٻار ۾ اها ڳالهه عام آهي، ته جيئن تنهنجي زبان ڪن لاءِ تلوار جو ڪم ڪيو آهي، تيئن انهن جي زبان پڻ تنهنجي لاءِ ٿيندي.“ پر هن انهن ڳالهين تي ڪوبه توجھه ڪونه ڏنو. هن سمجھيو ٿي، ته هو شهنشاهه جو خاص ماڻهو آهي. سن 1618ع ۾ هن کي بئرن (Baron) بڻايو ويو ۽ سن 1621ع ۾ وائڪائونٽ سينٽ (Viscomt St.) ٿيو. ٽي سال هو چانسيلر ٿي رهيو. پوءِ اوچتو هن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. سن 1621ع ۾ هڪ نا اميد مدعي مٿس هڪ ڪيس ۾ رشوت وٺڻ جو الزام مڙهيو. اها ڪا غير معمولي ڳالهه ڪانه هئي، پر بئڪن کي يڪدم خبر پئي، ته جيڪڏهن سندس دشمن ان ڳالهه تي زور ڏنو، ته پوءِ سندس ٻيڙو سير ۾ هوندو. هُن پنهنجي گهر ۾ اڪيلائي اختيار ڪئي ۽ معاملي جي وڌڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. جڏهن کيس معلوم ٿيو ته سندس سڀ دشمن سندس موقف لاءِ پڪاري رهيا هئا، تڏهن هن پنهنجي گناهه جو اقرار جيمس پهرئين وٽ موڪلي ڏنو. بادشاهه نئين فتحمند پارليامينٽ جي زور بار اڳيان جھڪي ويو، جنهن کان بئڪن کيس هميشه پنهنجن تقريرن ذريعي بچائيندو رهيو هو. بئڪن کي قيد خاني ۾ موڪليو ويو، پر ٻن ڏينهن کانپوءِ کيس آزادي ملي ۽ بادشاهه ڳري ڏنڊ ڏيڻ کان معافي ڏني، جيڪو هن تي مڙهيو ويو هو. ان هوندي به هن پنهنجو فخر برقرار رکيو. چيائين ته ”انهن پنجاهه سالن اندر مان انگلينڊ جو سڀني کان وڌيڪ انصاف پسند منصف هوس. پر ٻن سو سالن اندر انگلينڊ جي پارليامينٽ اهڙي انصاف واري فتويٰ ڪانه ڏني، جهڙي منهنجي خلاف.“<ref>{{cite web |url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page8.html}}{ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}</ref>