قومي زبان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
[[File:European Parliament languages.jpg|thumb|يورپي پارليامينٽ جون ٻوليون]]
{{مبسس4}}
'''قومي زبان'''{{ٻيا نالا|انگريزي=National Language}}
الڳ [[قوم|قومي]] وجود جو ٻيو ثبوت '''قومي زبان''' (Qoumi Zibaan) آهي. جنهن وسيلي ڪنهن به قوم کي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ ان جي الڳ قومي وجود کي مڃيو ويندو آهي. ٻولي قومي سڃاڻپ جو بنيادي پٿر هوندي آهي. جيڪا هزارين ورهين کان ڪنهن هڪ خطي اندر رهندڙ ماڻهن وچ ۾ هوريان هوريان ارتقا جون منزلون طئي ڪندي آهي ۽ اتان جي معاشرتي ۽ معاشي اثر قبول ڪندي انساني سماجي ارتقا سان گڏ هڪ خاص صورت اختيار ڪندي آهي.
 
Line 5 ⟶ 6:
 
اسان کي دنيا ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي قومون ملنديون، جيڪي هڪ ئي ٻولي ڳالهائين ٿيون، پر آهن جدا جدا. جيئن آمريڪا ۽ برطانيا وارن جي ساڳي ٻولي (انگريزي) آهي، مختلف عرب ملڪن جي هڪ ٻولي (عربي) آهي، پر اهي جدا جدا قومون آهن. رڳو ٻولي (Bboli) جي هڪجهڙائي به ڪنهن قوم جي جدا قومي وجود جو بنيادي شرط ڪونه آهي. پر ان سان گڏ جدا جاگرافيائي وطن، جدا تاريخ ۽ تهذيب ۽ گڏيل پيداواري ذريعا پڻ ان سان لاڳاپيل آهن. ان ڪري ڪنهن به انساني گروهه جنهن ۾ هڪ يا ان کان وڌيڪ هڪجهڙايون آهن، ان انساني گروهه کي هڪ قوم ۾ شمار ڪري نه ٿو سگهجي. پر اهو ئي انساني گروهه الڳ قوم چوائڻ جو اهل آهي، جنهن ۾ قوم هجڻ جون مڙئي صفتون موجود هجن.<ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=491#25789 ڪتاب؛ قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي، ليکڪ؛ رڪ سنڌي] پاران سنڌسلامت ڊاٽ ڪام</ref>ملڪ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ تي به مبني هوندا آهن، پر انهن مان ڪا ٻولي جيڪا داخلي انتظامن لاءِ، ايڪي، ٻڌي، سالميت ۽ قومي مفادن جي ترجمان هوندي آهي. اها زبان سڀني لهجن ڳالهائيندڙن وچ ”پل“ جو ڪردار ادا ڪندي آهي. پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهيون وڃن ٿيون. پر اردوءَ کي پاڪستان جي قومي ٻولي قرار ڏنو ويو آهي، پر پاڪستان جي تشڪيلي جوڙجڪ ۾ شامل سمورن صوبن جون مکيه زبانون اصل ۾ قومي زبانون آهن، هندستان ۾ 26 قومي زبانون آهن، جن ۾ سنڌي به شامل آهي. <ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>.
 
 
 
==حوالا==