ڪٽنب: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 10:
==ول ڊيورنٽ جو تجزيو==
 
[[File:Awaji Minshuku 1980 Funase Img345.jpg]]<br>[[ھڪ جاپاني ڪٽنب]]
 
 
خاندان، انسان جو هڪ اهڙو گروهه هوندو آهي، جنهن جا فرد هڪ ٻئي سان مائٽي تحت ڳنڍيل هوندا آهن ۽ اهي هڪ ئي نسل يا بڻ بڻياد مان هوندا آهن. تاريخ ۾ انهن خاندانن جو بنياد قديم راڄوڻي سماج (اوائلي اشتراڪي سماج) ۾ پيو. ان سماج ۾ خاندان جا سڀئي فرد گڏجي محنت ڪندا هئا ۽ ان جي ورهاست پڻ برابري جي بنياد تي ڪندا هئا. هنن جي هر حاصلات گڏيل ملڪيت هوندي هئي. پئداواري وسيلن جي گڏيل حاصلات ۽ گڏيل استعمال هڪ وڏي خاندان جي بنياد جو ڪم ڏيندو هو. ڪٽنب نه رڳو خوني رشتن تي ٻڌل هوندو هو، پر اهو معاشي ناتن ۾ پڻ جڪڙيل هوندو هو. خاندان جي تعمير ۾ اقتصادي حالتن جو وڏو هٿ هوندو هو. ڇو جو هڪ خاندان جي ماڻهن جو گڏجي رهڻ ڪو اتفاق يا حادثو نه هو ۽ نه ئي صرف رشتيداري جذبي تحت اها برادري ٺهي هئي، پر معيشت کي گڏيل نموني هلائڻ، گڏجي محنت ڪرڻ، هڪ ٻئي جو بچاءُ ڪرڻ ۽ پنهنجو نسل قائم رکڻ جو جذبو ان جي پٺيان ڪم ڪندڙ هو. <ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=491 قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي (رڪ سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref> <ref> Kitaab: Qomoon aein qoumi aazaadi jee tahreek, written by: Ruk Sindhi</ref>خاندان سماجي ادارن مان سڀ کان وڌيڪ فطري ادارو آهي جيڪو نه رڳو جنسي ميلاپ پر ٻار پيدا ڪرڻ جي قدرتي لاڙن تي ٻڌل آهي. هي ادارو ايتري ته بنيادي حيثيت ٿو رکي جو ان کي اخلاقي فرض سمجهڻ ضروري نه آهي. ٻار پيدا ڪرڻ جي جبلت، لاڙن، ترغيبن ۽ خواهشن جو هڪ منجهيل معاملو آهي.<ref name ="ول ڊيورنٽ" > ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ؛ليکڪ: وِل ڊيورانٽ ؛سنڌيڪار: آغا سليم
ايڊيشن؛ 2016 ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</ref>