ڪٽنب: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
[[File:Family.svg|thumb|200px]]
'''ڪٽنب''' يا '''خاندان'''{{ٻيا نالا|انگريزي=Family}} معاشري ۾ رھڻ لاءِ [[انسان]] اڪيلو زندگي نٿو گذاري سگھي۔ ان لاءِ انسانن سان گڏ رھڻ جو نظام ٺاھيو ويو، جيڪو صدین کان لاڳو آھي۔ ھن نظام تحت انسان ڪنھن معاشري ۾ رھڻ لاءِ لاڳاپا ٺاھيندو آھي۔ پنھنجو ھڪ الڳ گھر ٺاھيندو آھي ۽ پوءِ اُن گھر جو وڏو بڻجي، گھر جي نظام کي سٺي طریقي سان ھلائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي۔ ھن نظام کي ڪُٽنب چيو ويندو آھي۔ ُن ۾ ڪنھن به انسان جا ويجھا ۽ خوني مائٽ شامل ٿي سگھن ٿا۔ ڪُٽنب جو سربراھ گھڻو ڪري بزرگ یا وڏي عُمر وارو شخص ھوندو آھي۔
{{مبسس4}}
معاشري ۾ رھڻ لاءِ [[انسان]] اڪيلو زندگي نٿو گذاري سگھي۔ ان لاءِ انسانن سان گڏ رھڻ جو نظام ٺاھيو ويو، جيڪو صدین کان لاڳو آھي۔ ھن نظام تحت انسان ڪنھن معاشري ۾ رھڻ لاءِ لاڳاپا ٺاھيندو آھي۔ پنھنجو ھڪ الڳ گھر ٺاھيندو آھي ۽ پوءِ اُن گھر جو وڏو بڻجي، گھر جي نظام کي سٺي طریقي سان ھلائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي۔ ھن نظام کي ڪُٽنب چيو ويندو آھي۔ ُن ۾ ڪنھن به انسان جا ويجھا ۽ خوني مائٽ شامل ٿي سگھن ٿا۔ ڪُٽنب جو سربراھ گھڻو ڪري بزرگ یا وڏي عُمر وارو شخص ھوندو آھي۔
 
اڄ کان هزارين سال اڳ ابتدائي وحشي دور ۾ انسان اڪيلو زندگي گذاريندو هو. هن کي خانداني رشتن جي ساڃاهه ڪانه هوندي هئي ۽ هو گڏيل زندگي جي لاڀ کان نا آشنا هو. پر جڏهن حالتون بدلجڻ لڳيون، سماج ترقي ڪرڻ لڳو ته هو انهيءَ سان اڪيلي سر ٽڪر کائڻ ۽ منهن ڏيڻ جي اهل ٿي نه سگهيو. هو اڪيلي سر نه صرف غذا حاصل ڪرڻ ۾ تڪليف محسوس ڪرڻ لڳو پر ويرين جي حملي کان به پاڻ بچائي نه سگهيو ته هن اڪيلي سر جيون گهارڻ کان گروهن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني. گروهن ۾ رهڻ ڪري هن کي شڪار ڪرڻ، غذا حاصل ڪرڻ ۽ ويرين جي حملي کان پاڻ بچائڻ جي سهولت ملي. ان ڪري اوائلي انسان ۾ ٻين سان گڏ رهڻ ۽ گڏجي محنت ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو. جڏهن انسان ابتدائي وحشي سماج ۾ گروهن جي شڪل ۾ رهڻ شروع ڪيو ته شروع ۾ هو خوني مائٽيءَ جي جذبي تحت گڏ ٿيو ۽ ان ئي لاڳاپي تحت ڪٽنب جو بنياد پيو.
 
خاندان، انسان جو هڪ اهڙو گروهه هوندو آهي، جنهن جا فرد هڪ ٻئي سان مائٽي تحت ڳنڍيل هوندا آهن ۽ اهي هڪ ئي نسل يا بڻ بڻياد مان هوندا آهن. تاريخ ۾ انهن خاندانن جو بنياد قديم راڄوڻي سماج (اوائلي اشتراڪي سماج) ۾ پيو. ان سماج ۾ خاندان جا سڀئي فرد گڏجي محنت ڪندا هئا ۽ ان جي ورهاست پڻ برابري جي بنياد تي ڪندا هئا. هنن جي هر حاصلات گڏيل ملڪيت هوندي هئي. پئداواري وسيلن جي گڏيل حاصلات ۽ گڏيل استعمال هڪ وڏي خاندان جي بنياد جو ڪم ڏيندو هو. ڪٽنب نه رڳو خوني رشتن تي ٻڌل هوندو هو، پر اهو معاشي ناتن ۾ پڻ جڪڙيل هوندو هو. خاندان جي تعمير ۾ اقتصادي حالتن جو وڏو هٿ هوندو هو. ڇو جو هڪ خاندان جي ماڻهن جو گڏجي رهڻ ڪو اتفاق يا حادثو نه هو ۽ نه ئي صرف رشتيداري جذبي تحت اها برادري ٺهي هئي، پر معيشت کي گڏيل نموني هلائڻ، گڏجي محنت ڪرڻ، هڪ ٻئي جو بچاءُ ڪرڻ ۽ پنهنجو نسل قائم رکڻ جو جذبو ان جي پٺيان ڪم ڪندڙ هو. <ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=491 قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي (رڪ سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref> <ref> Kitaab: Qomoon aein qoumi aazaadi jee tahreek, written by: Ruk Sindhi</ref>خاندان سماجي ادارن مان سڀ کان وڌيڪ فطري ادارو آهي جيڪو نه رڳو جنسي ميلاپ پر ٻار پيدا ڪرڻ جي قدرتي لاڙن تي ٻڌل آهي. هي ادارو ايتري ته بنيادي حيثيت ٿو رکي جو ان کي اخلاقي فرض سمجهڻ ضروري نه آهي. ٻار پيدا ڪرڻ جي جبلت، لاڙن، ترغيبن ۽ خواهشن جو هڪ منجهيل معاملو آهي.<ref name ="ول ڊيورنٽ" > ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ؛ليکڪ: وِل ڊيورانٽ ؛سنڌيڪار: آغا سليم
ايڊيشن؛ 2016 ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</ref>
 
==حوالا==