اخلاق: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
'''اخلاق'''
ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ:تاريخي ۽ لساني لحاظ کان اخلاق رسمن مان پيدا ٿيو آهي. شروع ۾ اخلاق انهن رسمن سان مطابقت جو نالو هو جيڪي قبيلي جي صحت ۽ بقاءَ لاءِ ضروري هيون. ڪجهه رسمون رڳو رواج آهن جيئن ميز تي ويهي ڇري ڪانٽي سان ماني کائڻ، انهن جو ڪو اخلاقي پاسو ڪونهي. سلاد کي ڇريءَ سان ڪٽڻ ڪو گناهه ڪونهي، پر ان جي وڏي سزا آهي، ڪي رسمون جيئن هڪ شادي، هڪ کان وڌيڪ شاديون. گهراڻي ۽ گهراڻي کان ٻاهر شادي، قبيلي ۾ ڪنهن کي قتل ڪرڻ ڏوهه ۽ قبيلي کان ٻاهر مباح آهي، اهي رسمون اجتماعي فائدي لاءِ سٺيون سمجهيون وينديون آهن. اهي ئي رسمون اخلاقي اصول ٿي وينديون آهن. جن کي نصيحت، پابندين ۽ جلاوطنيءَ سان محفوظ ڪيو ويندو آهي. رواج اهي رسمون آهن جن جو درس گهٽ ڏنو ويندو آهي ۽ انهن تي عمل وڌيڪ ڪيو ويندو آهي ۽ اخلاق اُهي فرض آهن جن کي پوري ڪرڻ جي اميد اسان ٻين مان ڪندا آهيون.<ref name ="ول ڊيورنٽ" > ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ؛ليکڪ: وِل ڊيورانٽ ؛سنڌيڪار: آغا سليم
ايڊيشن؛ 2016 ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</ref>اخلاقي نظام بدلبا رهن ٿا سوال آهي ته اها ڪهڙي طاقت آهي جيڪا انهن کي بدلائي ٿي؟ ڪهڙو سبب آهي ته ڪن جڳهن تي سٺا سمجهڻ وارا عمل ٻئي دور يا ٻئي هنڌ خراب سمجهيا ويندا آهن. شايد زندگيءَ جي اقتصادي بنيادن ۾ تبديليءَ سان اخلاقي تصورن ۾ به تبديلي ايندي آهي. تاريخ ۾ اهڙي قسم جا ٻه انقلاب آيا آهن. هڪ شڪاري زندگيءَ مان زرعي زندگيءَ وارو انقلاب ۽ ٻيو زرعي زندگيءَ مان صنعتي زندگيءَ وارو انقلاب. انساني ارتقا ۾ هي ٻه اهڙا انقلاب آهن جن تي ٻين واقعن جو دارومدار آهي. انهن ٻنهي انقلابن کانپوءِ وارن دورن ۾ اهو اخلاقي نظام جيڪو زندگيءَ جي پراڻي انداز ۽ اجتماعي ڀلائيءَ جو امين هو، بيڪار سمجهيو ويو ۽ نئين دور ۾ آهستي پر وڏي اٿل پٿل سان بدلبو رهيو.<ref name = "ول ڊيورنٽ "/>
ايڊيشن؛ 2016 ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</ref>
 
==اخلاقي اضافيت==