اخلاق: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: '''اخلاق''' ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ:تاريخي ۽ لساني لحاظ کان اخلاق رسمن مان پيدا ٿيو آهي. شروع ۾ اخلاق انه...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 2:
ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ:تاريخي ۽ لساني لحاظ کان اخلاق رسمن مان پيدا ٿيو آهي. شروع ۾ اخلاق انهن رسمن سان مطابقت جو نالو هو جيڪي قبيلي جي صحت ۽ بقاءَ لاءِ ضروري هيون. ڪجهه رسمون رڳو رواج آهن جيئن ميز تي ويهي ڇري ڪانٽي سان ماني کائڻ، انهن جو ڪو اخلاقي پاسو ڪونهي. سلاد کي ڇريءَ سان ڪٽڻ ڪو گناهه ڪونهي، پر ان جي وڏي سزا آهي، ڪي رسمون جيئن هڪ شادي، هڪ کان وڌيڪ شاديون. گهراڻي ۽ گهراڻي کان ٻاهر شادي، قبيلي ۾ ڪنهن کي قتل ڪرڻ ڏوهه ۽ قبيلي کان ٻاهر مباح آهي، اهي رسمون اجتماعي فائدي لاءِ سٺيون سمجهيون وينديون آهن. اهي ئي رسمون اخلاقي اصول ٿي وينديون آهن. جن کي نصيحت، پابندين ۽ جلاوطنيءَ سان محفوظ ڪيو ويندو آهي. رواج اهي رسمون آهن جن جو درس گهٽ ڏنو ويندو آهي ۽ انهن تي عمل وڌيڪ ڪيو ويندو آهي ۽ اخلاق اُهي فرض آهن جن کي پوري ڪرڻ جي اميد اسان ٻين مان ڪندا آهيون.<ref name ="ول ڊيورنٽ" > ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ؛ليکڪ: وِل ڊيورانٽ ؛سنڌيڪار: آغا سليم
ايڊيشن؛ 2016 ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</ref>
هيءَ ڳالهه حيرت جهڙي آهي ته اخلاقي نظام بدلجندو رهندو آهي سينٽ آگسٽ کي (حضرت) ابراهيم جي گهڻن شادين واري ڳالهه ڏکي لڳندي هئي پر هن جي گهڻين شادين جي ان رخ کي ساراهيندو هو ته پراڻي دور جي يهودين لاءِ گهڻين زالن جو خرچ برداشت ڪرڻ ڪو گناهه نه هو ڇاڪاڻ ته اهو ان زماني جو رواج هو ۽ قبيلي لاءِ نقصانڪار نه هو. جنگ جي زماني ۾ گهڻيون شاديون يقيناً رحمت هيون جو انهن سان اولاد وڌندو هو سماجي نظام کان اڳ قبائلي نظام ۾ مردن جو انگ عورتن جي انگ کان تمام گهٽ هو ۽ گهڻيون شاديون انهن حالتن جو منطقي نتيجو هيون، هڪ عورت مرد کانسواءِ رهڻ جي بدران مرد جي ڪجهه حصي تي ئي قناعت ڪندي هئي هڪ شادي قبائلي امن جو نتيجو آهي.<ref name = " ول ڊيورنٽ "/>اوڀر جو ماڻهو مٿو ڍڪي ۽ اولهه جا ماڻهو مٿو اگهاڙو ڪري ڪنهن جو احترام ڪندا آهن. جپاني عورت (ٿي سگهي ٿو ته اڄڪلهه ائين نه هجي) ڪنهن مزور جي اوگهڙ ڏانهن ڌيان نه ڏيندي آهي پر ساڳئي وقت هو شرم ۽ حيا واري به هوندي آهي. عرب عورت لاءِ مُنهن تان پردو هٽائڻ ۽ چيني عورت لاءِ پير اگهاڙا ڪرڻ فحاشيءَ جي برابر آهي. انهن ٻنهي حالتن ۾ پردو تخيل ۽ خواهش کي اُڀاريندو هو ۽ انساني نسل لاءِ فائدي وارو هو. ملائيشيا جا ماڻهو پنهنجن بيمارن ۽ پوڙهن کي جيئري پوري ڇڏيندا هئا ۽ انهن کي ختم ڪرڻ ئي رحمدليءَ جو اظهار هو. لبوڪ جو چوڻ آهي ته چين ۾ ڪنهن پوڙهي لاءِ ڪفن جو تحفو ئي مناسب تحفو سمجهيو ويندو هو. اڄ به سمجهيو وڃي ٿو خاص ڪري جڏهن هو بيمار هجي. سمر ٿو چئي ته نيويرٽين جي ٻيٽ ۾ انساني گوشت ائين وڪامندو آهي جيئن اسان وٽ ڪاسائن جي دڪان تي جانورن جو گوشت، سلمان ٻيٽن مان گهٽ ۾ گهٽ ٻن چئن ٻيٽن ۾ ماڻهوءَ کي (خاص ڪري عورتن کي) دعوتن لاءِ سوئرن وانگر پاليندا آهن، اهڙا سوين مثال وڏي سولائيءَ سان گڏ ڪري سگهجن ٿا جن ۾ اهي ڳالهيون جيڪي اسان وٽ بداخلاقي سمجهيون وڃن ٿيون اهي ڪنهن زماني ۽ ڪنهن دور يا ڪنهن سرزمين تي سراسر اخلاق آهن، پراڻي زماني جي هڪ يوناني فلاسافر چيو هو ته اوهان ڪنهن هنڌ جون مقدس ۽ اخلاقي رسمون گڏ ڪيو ۽ انهن مان اهي رسمون ڪڍي ڇڏيو جيڪي ڪنهن ٻئي سماج ۾ غيرمقدس آهن ته پوءِ باقي ڪجهه به نه بچندو.<ref name = "ول ڊيورنٽ "/>