ماديت پسندي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
ماديت پسندي __(Materialism):
 
روحاني قدرن جي ڀيٽ ۾ مادي شين کي ترجيح ڏيڻ . دنيا جي مسئلن ۽ شين ۾ ايترو ته گهرائي ۾هليو وڃڻ، جو روحانيت وارين شين کان پري ٿي وڃجي. ماديت پسند گهڻو ڪري اهڙين شين جي وجود کان به انڪار ڪندا آهن، جن کي جسماني وجود نه هجي. <ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ:ماديت اهڙي فلاسافي آهي جنهن کي انهن ذهنن قبول ڪيو، جن فطرت کان مٿاهن اعتقادن کي رد ڪري ڇڏيو۔ انڪري هي دنيا جي باري ۾ پهريون تصور آهي جيڪو ڪنهن اهڙي قوم ۾ اُڀري ٿو، جنهن ۾ سرڪاري مذهبي عقيدا ختم ٿيڻ وارا هوندا آهن. سقراط کان اڳ وارن مفڪرن کي، بيڪن ۽ فٽشي انهن فلاسافرن کان وڌيڪ سمجهندا هئا جن جو مقام هنن کانپوءِ اچڻ وارن فلاسافرن کان مٿاهون هو ۽ جيڪي ماده پرست هئا. ٿيلس، اناڪسي مينڊر Anaximander ۽ اناڪسي مينس Anaximenes ڪائنات جي تشريح ڪئي ته اها پاڻي، باهه ۽ هوا مان پيدا ٿي آهي. ليوسي پس Leucippus ۽ ڊيموڪريٽس Democritus ماديت کي ايٽمن جي شڪل ڏني جنهن جي ڪري قدامت پرست تيستائين مطمئن رهيا جيستائين جديد طبعيات ۾ ڪيميا، ائٽم کي ڀڃي ذرن ۾ نه ورهايو. انهن سادين فلاسافين کي ڪيترن سالن تائين زينو جي شڪ پسندي ۽ اناڪسي گورس Anaxagoras جي دوئي وارن نظرين سان گڏ پنهنجو پاڻ کي قائم رکيو. تنهن کان پوءِ سقراط خارجي دنيا کان منهن ڦيريو ۽ خوديءَ کي ڳولهي ڪڍيو جيڪا مادي کان ايتري ته مختلف هئي جو سقراط ان کي موت کان مٿاهون سمجهيو، افلاطون مادي کي ڪجهه نه چيو ۽ ٻين سڀني ذهن کي احترام لائق شين کان وڌيڪ احترام سان ڏٺو. هن خارجي دنيا کي ذهن جا تصور ۽ ان جي جوڙجڪ ۽ عمل کي Idea جي اثر هيٺ سمجهيو ۽ ڪائنات هن کي ڪنهن تخليقي روح جي سوچيل ڪائنات جو نقل لڳي. حياتيات جي ماهر ارسطو کي دنيا بدلجندڙ ۽ پتوڙيندڙ لڳي، جنهن کي هو ائٽمن ۽ خال ۾ بدلائي نه سگهيو. هن لاءِ دنيا جي اصليت روح آهي. هر مادي ۾ فعاليت آهي جيڪا تيستائين مطمئن نٿي ٿئي جيستائين ان جي تڪميل نٿي ٿئي. هر هيئت اعليٰ درجي جو مادو آهي ۽ هر حقيقت ۾ ترقيءَ جو جوهر موجود آهي. جنهن کي ماديت پوريءَ طرح بيان ڪري نٿي سگهي. سو سالن ۾ ماڻهن ڊيموڪريٽس کي وساري ڇڏيو. ايپي ڪيورس هن جو اوتار ۽ انتقام هو. هڪ لحاظ کان هو پلانڪ، بوهر ۽ ڪيوريز جو پيشرو هو. هن ائٽم ۾ آزادي ۽ غير يقينيت کي ڏٺو ۽ ان کي تخريب ۽ فنا جي علامت سمجهيائين. سڀ شيون آزاد هيون ۽ سڀني کي ختم ٿيڻو هو. ليوڪريٽس Lucretius جيڪو زندگيءَ کان بيزار هوندو هو ان جو ٻڌو ته هر شيءِ مرندي ته هن کي ڏاڍي خوشي ٿي. هن کي اها ڳالهه سٺي پر ڏکوئيندڙ لڳي ته شاعر به ائٽم جا ٺهيل آهن ۽ هر شيءِ ۽ هر ائٽم ختم ٿي ويندو ۽ سڀني کي زندگيءَ جي ڏکن کان نجات ملندي.<ref name ="ول ڊيورنٽ" > ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ؛ليکڪ: وِل ڊيورانٽ ؛سنڌيڪار: آغا سليم ايڊيشن؛ 2016 ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</ref>
 
== حوالا ==