"ڳجهارت" جي ورجائن ۾ تفاوت

٦٤٦ بائيٽون واڌ ،  ٣ سال پهرين
سنوار جو تَتُ ڪونھي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
'''ڳجهارت'''{{ٻيا نالا|انگريزي=Riddle}} لفظ سنسڪرت جي لفظ “ڳھه” ارٿ مان نڪتل اھي. جنهن جي معنيٰ ڳجهو يا اونهو مطلب آهي. يعني تمام اونھي مطلب واري حقيقت، جنھن ۾ ڪو راز رکيل ھجي. ”ڳجھارت“ پروليءَ جو ھڪ ڳوڙھو نمونو اھي، جنھن کي ڀڃڻ لاءِ پختن خيالن ۽ عمدن دليلن جي ضرورت اھي. جيتوڻيڪ کجھارت جو سنگ بنياد پروليءَ تي ئي اھي، پر سٽاءَ جي لحاظ کان ٻنھي ۾ فرق اھي. پرولي ڀڃڻ لاءِ ٿورو اشارو مليل ھوندو آھي، پر ڳجھارت ۾ حافظي ۽ ڄاڻ کي وڏو دخل آهي. بي سري ڳجهارت کي سگهڙ اهميت نه ڏيندا آهن، پر سُريلي يا سُر واري ڳجهارت کي مڃيو ويندو آهي. ڳجهارت پائي سان بند سان ڀڄندي آهي. ان ۾ مذڪر ۽ مونث کي نرنان ۽ نار چئبو اھي. سگھڙ عبدالغکور منگيءَ جي ھڪ کجھارت جو مثال ڏجي ٿو: ڏيڻي: '''ولايت جي شھر ۾، نالي اکواڻ سان، ا جي ۾، مردن جي ڪئي'''! ھيءَ ڳجھارت ڇھن پاون جي اھي، جي هن ريت آهن: (1) ولايت: ترڪي، (2)شھر: استنبول، (3) نالو: نبي بخش، (4) اڳواڻ: پيش امام، (5) ا جي: مسجد، (6) مردن جي: ڪچھري. ڀڃڻي: ترڪيءَ جي شھر [[استنبول]] ۾ نبي بخش، مسجد جي پيش امام سان ڪچھري ڪئي.
<ref>{{http://dic.sindhila.edu.pk/define/%DA%B3%D8%AC%D9%87%D8%A7%D8%B1%D8%AA.php سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.}}</ref>.<ref name="autogenerated1">.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>آرچر ٽيلر مطابق ڳجھارت ھڪ آفاقي فن آھي . ھن پنھنجي تحقيق ۾ سوين مختلف سماجن جا حوالا ڏنا آهن جن ۾ فنش، ھنگيرين، آمريڪي ريڊ انڊين، چائنيز، روسي ، ڊچ، فلپينو ۽ ٻين ڪيترن ئي سماجن ۾ ڳجھارت جو ذڪر ڪيو آهي.<ref>Archer Taylor, ''[http://www.archertaylor.com/contact-books.html English Riddles from Oral Tradition]'' (Berkeley: University of California Press, 1951), p. 3.</ref>. ڪيتريون ئي ڳجھارتون ۽ ڳجھارتي موضوع پوري دنيا ۾ ملن ٿا، تنھن ھوندي بہ مغرب ۾ گذريل ڪجھ ڏھاڪن کان رواج مان نڪري ويون آهن ۽ انھن جي جاء ٻين زباني ۽ ذھني آزمائشن جھڙوڪ ڪئيز وغيره وٺي ڇڏي آهي. .<ref>Annikki Kaivola-Bregenhøj, ''[http://oa.finlit.fi/site/books/detail/12/riddles/ Riddles: Perspectives on the Use, Function, and Change in a Folklore Genre]'', Studia Fennica, Folkloristica, 10 (Helsinki: Finnish Literature Society, 2001), p. 163 {{doi|10.21435/sff.10}}.</ref>ڳجھارت جو سڀ کان قديم رڪارڊ بابل مان مليو آهي جيڪو ان وقت جي اسڪول جي لکت جو حصو آهي.<ref>Archer Taylor, ''The Literary Riddle before 1600'' (Berkeley, CA: University of California Press, 1948), pp. 12–13, citing M. Jaeger, "Assyrische Räthsel und Sprichwörter", ''Beiträge zur Assyriologie'', 2 (1894), 274–305.</ref> ڳجھارتن جي مقابلن جو ذڪر مھا ڀارت ۾ پڻ آيو آهي.<ref>{{https://oa.finlit.fi/site/books/10.21435/sff.10/Annikki Kaivola-Bregenhøj, Riddles: Perspectives on the Use, Function, and Change in a Folklore Genre, Studia Fennica, Folkloristica, 10 (Helsinki: Finnish Literature Society, 2001), pp. 11–12; doi:10.21435/sff.10.}} </ref>ڳجهارت پروليءَ جو ڳوڙهو نمونو آهي، جنهن کي پرکڻ پرجهڻ لاءِ پڻ ڳوڙهن خيالن ۽ ٺوس دليلن جي ضرورت پوندي آهي. تنهن لاءِ عبدالڪريم سنديلو صاحب هيئن لکي ٿو: ”ڳجهارت، پروليءَ جو هڪ ڳوڙهو نمونو آهي، جنهن کي ڀڃڻ لاءِ پختن خيالن ۽ عمدن دليلن جي ضرورت آهي. سگهڙن جي چوڻي آهي، ته پروليءَ مان پار، پَرَ ڳجهارت ۾ غار (غرق ٿي وڃڻ) آهي.“<ref>{. سنديلو، عبدالڪري، 1986ع، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، ص 34، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو.}</ref> <ref>{محمود ڏاھري جي مضمون"ديوان ڪوڙيمل چندنمل کلناڻيءَ
جي ڪتاب ”سنڌي ڳجهارتون“ جو جائزو", مھراڻ رسالو سال 2018, شمارو 1۽2, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}</ref>ڳجهارت ۾ استعمال ٿيندڙ تجنيسن ۽ تلميحن بابت ”ڪلاڌر متوا“ پنهنجي ڪتاب ”ڳجهارتون“ ۾ لکي ٿو: ”تجنيس جو مطلب آهي جملي ۾ يا شعر ۾ هم شڪل يا هم آواز لفظن جو استعمال ۽ ان ۾ مقصد واري چيل ڪا ڳالهه. ٻين لفظن ۾ چئجي ته لفظي جي لباس ۾ ڍڪيل ڳالهه. تلميح معنيٰ ڪنهن واقعي يا قصي ڏانهن اشارو.“<ref>{متوا، ڪلاڌر: (2012ع) ”ڳجهارتون“، (مهاڳ)، سنڌي ساهتيه اڪادمي، گجرات، انڊيا.}</ref>
 
==ڳجھارت ۽ پرولي ۾ فرق==
ڳجهارت در حقيقت پرولي ئي آهي. ان جو بنياد به پروليءَ تي رکيل آهي، پر سٽاءُ جي لحاظ کان ٻنهي ۾ فرق ضرور آهي. پرولي ڀڃڻ ۾ آسان ۽ ان جا اهڃاڻ نمايان ملندڙ هوندا آهن، پر ڳجهارت جي ڳولا ڪرڻ انتهائي ڏکيو هوندو آهي، جنهن جي ڳجه ڳولڻ لاءِ وڏي غور خوض جي ضرورت پوندي آهي. ڊاڪٽر بلوچ پرولي ۽ ڳجهارت بابت خاص فرق سٽاءَ جي لحاظ کان ٻڌايو آهي. سندس مطابق: ”منوي لحاظ کان جيتوڻيڪ ڳجهارت هڪ قسم جي پرولي آهي، مگر سٽاءَ جي لحاظ کان ڳجهارت ۽ پروليءَ ۾ فرق آهي. ’پرولي‘ جو بنياد تشبيه ۽ استعاري تي آهي، ۽ ’ڳجهارت‘ جو مدار تجنيس ۽ تلميح تي آهي.“<ref>{. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: (1969) ”ڳجهارتون“، ص 1، آن لائين لائبريري، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.}</ref><ref>{محمود ڏاھري جي مضمون"ديوان ڪوڙيمل چندنمل کلناڻيءَ