شاھ ايليا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 32:
==ايڪٽ پنجون==
ائڪٽ پنجين ۾ عقده ڪشائي ٿئي ٿي. هن ائڪٽ ۾ ڪل ٽي پردا آهن. پهرين پردي ۾ ملڪا ۽ زلفا جي رقابت ظاهر ٿئي ٿي ۽ شمسون، منسا کي ملڪا جو لکيل خط ڏئي ٿو. ٻي سين فقط هڪ صفحي جي آهي، جنهن ۾ شاهه ايليا جو جنگ ۾، صوفيا سميت گرفتاريءَ جو انڪشاف ٿئي ٿو ۽ ٽئين پردي ۾ ملڪا جي خط ظاهر ٿيڻ شرط زلفا ۽ ملڪا جو تصادم ٿئي ٿو. منسا، شمعون کي دغا، نمڪ، حرامي ۽ باغي هجڻ جي تهمت هيٺ گرفتار ڪري ٿو. شمعون، منسا سان ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ شرط ٻڌي ٿو. ڍنڍ ورو گهمي ٿو. شمسون اچي ٿو ۽ ٻنهي ڀائرن جي ترار هلي ٿي ۽ منسا خط ظاهر ڪري ٿو. شمعون ۽ ملڪا تهمون قبول ڪن ٿا. شمسون جو هن وقت تائين بدليل ويس ۾ لڪل هو، سو پاڻ کي ظاهر ڪري ٿو. امير زابلون جي به واقفيت ڪرائي ٿو. اوچتو ملڪا ۽ زلفا جي موت جي خبر هڪ نوڪر آڻي ٿو ته هڪ کي زهر مليوآهي ۽ ٻيءَ آپگهات ڪيو آهي.
شمعون هڪدم پڌرو ڪري ٿو ته هن شاهه ايليا ۽ صوفيا جي قتل جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، جلدي قلعي ڏي ماڻهو موڪليو وڃي ۽ نشانيءَ طور پنهنجي تلوار ڏئي ٿو، مگر ماڻهوءَ جي پهچڻ کان اڳ صوفيا کي قتل ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو لاش شاهه ايليا پاڻ کڻي اچي ٿو. اتي شمعون جي موت جي پڻ خبر اچي ٿي ۽ شاهه ايليا زابلون کي سڃاڻي ٿو. شاهه ايليا معصوم صوفيا جي لاش کي ڀاڪر وجهي روئي ٿو ۽ فرط محبت کان هانءُ ٻڏي وڃيس ٿو ۽ دم نڪري وڃيس ٿو. مطلب ته پنجين ائڪٽ ۾ سڀني ڳالهين جو انڪشاف ٿئي ٿو ۽ سڄو ڊرامو غم انجام ۾ پورو ٿئي ٿو.<ref>شاهه ايليا -- هڪ مقبول سنڌي ڊرامو--
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ</ref>
 
==وڌيڪ تعارف==
هن ڊرامي ۾ زندگيءَ جي فلسفي سان گڏوگڏ هڪ عورت جي جذبات جي پوري تصوير پڻ چٽي ويئي آهي. شڪسپيئر جي عورت يا ته انتهائي اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار جي مالڪ آهي يا بلڪل بدڪردار ۽ بداخلاق آهي. هن ڊرامي جي هيروئن شهزادي صوفيا جو ڪردار ايڏو ته بلند ۽ اعليٰ ڪري ڏيکاريو ويو آهي، جو هڪ فرمانبردار ۽ والد سان محبت رکندڙ ڌيءَ اهڙي ٻي هرگز ملي نه سگهندي، جيتوڻيڪ کيس سندس والد پنهنجي جائز حق کان به محروم ڪيو هو. هــــِـن طرف صوفيا ته هــُـن طرف سندس ٻن ڀينرن جي بي درد دل ۽ نافرماني به ضرب المثل آهي، جن سان پيءُ ايڏي مهرباني ڪئي، مگر هنن پنهنجي پيرسن پيءُ جي مهربانيءَ جو قطعي قدر نه ڪيو ۽ مٿس ڪوبه رحم نه آندو.