شاھ ايليا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 27:
==ايڪٽ چوٿون==
ائڪٽ چوٿين ۾ ڪل ست پردا آهن ۽ هتي ڊرامو پنهنجي انتها کي پهچي ٿو، يعني ڪلائيمڪس جي منزل تي اچي ٿو ۽ صورت حال نهايت خطرناڪ بنجي پوي ٿي. روبيل جو پنهنجي پٽ شمسون سان نابينيءَ جي حالت ۾ گڏجڻ، شمعون جو پاڻ کي نانگي فقير جي صورت ۾ مخفي رکڻ، ججال جي بادشاهه منسا سان سندس راڻي ملڪا جو اختلاف ۽ شمعون سان عشق و محبت، جيشان جي بادشاهه حالاب جو موت، ملڪا جي پنهنجي ڀيڻ زلفا سان رفاقت جي شروعات، صوفيا کي شاهه ايليا جي مصيبتن جو اطلاع ملڻ ۽ طبيب ۽ نوڪرن سان اچڻ. مطلب ته سڀ واقعات هن ائڪٽ ۾ اچي جمع ٿين ٿا. هن ائڪٽ جي ڇهين ۽ ستين سين خاص اهميت واريون آهن. ڇهين سين کي Steep سين يا ٽڪريءَ جي چوٽيءَ واري سين چئجي ٿو. هن ۾ روبيل کي خودڪشيءَ جو خيال ٿئي ٿو. سندس پٽ شمسون کيس بنا سڃاڻپ ڪرائڻ جي ساڻس چرچا ڪري ٿو. مثلاً، جڏهن روبيل کيس چوي ٿو ته: ”بابا! تنهنجو آواز مون کي ڦريل معلوم ٿو ٿئي. تون اڳي کان بهتر ٿو ڳالهائين، جهڙو لفظن ۾ تهڙو معنيٰ ۾.“ تڏهن شمسون چويس ٿو ته:”پريا مڙس، تون ڀلجين ٿو، پوشاڪ کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ بدليل ڪانهي.“ هتي روبيل جي ملاقات شاهه ايليا سان پڻ ٿئي ٿي ۽ سندس حالت تي افسوس جو اظهار ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته: ”افسوس عجيب انسان بگڙي پيو آهي. هيءُ سارو جهان نيٺ ائين خراب ۽ نابود ٿي ويندو. افسوس! جيڪي ڳالهائين ٿو، سو معنيٰ وارو به آهي ۽ بي معنيٰ به. چريائيءَ جي حالت ۾ به عقل جون گفتارون پيو ڪري.“ هن سين ۾ واقعي شاهه ايليا جون سڀئي گفتارون ديوانگيءَ جي رنگ ۾ پــُـرمعنيٰ ۽ زندگيءَ جي فلسفي سان ڀرپور آهن.
هن ئي سين ۾ شهزادي ملڪا جي فتنه انگيز نوڪر شمشاد جو موت ٿئي ٿو ۽ شمسون کي ملڪا جو خط، جو هن ڊراما جي ولئن شمعون ڏي لکيو آهي، سو هٿ اچي وڃي ٿو ۽ اهو ئي خط ائڪٽ پنجين ۾ اڳتي هلي عقده ڪشائي ڪري ٿو. هتي ئي شاهه ايليا تندرست ٿئي ٿو ۽ شهزادي صوفيا، جا هن ڊرامي جي هيروئن آهي، ان جي ڪمال اخلاق جو اندازو به هتي ئي لڳائي سگهجي ٿو. ستين سين ۾ جڏهن شاهه ايليا ڪجهه طبيعت ۾ بهتر آهي، تڏهن صوفيا چويس ٿي ته”پيارا بابا، شل تندرستي اوهان جي بيماريءَ جو علاج منهنجي چپن تي آڻي، جو اوهان جو مٿو ۽ منهن چمان ۽ جيڪو رنج ۽ غم اوهان کي هن پيريءَ جي عمر ۾ منهنجي ٻن ڀينرن رسايو آهي، سو جهٽ ۾ دور ڪري ڇڏيان.“ (چمي ڏئيس ٿي).<ref>شاهه ايليا -- هڪ مقبول سنڌي ڊرامو--
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ</ref>
 
==ايڪٽ پنجون==
ائڪٽ پنجين ۾ عقده ڪشائي ٿئي ٿي. هن ائڪٽ ۾ ڪل ٽي پردا آهن. پهرين پردي ۾ ملڪا ۽ زلفا جي رقابت ظاهر ٿئي ٿي ۽ شمسون، منسا کي ملڪا جو لکيل خط ڏئي ٿو. ٻي سين فقط هڪ صفحي جي آهي، جنهن ۾ شاهه ايليا جو جنگ ۾، صوفيا سميت گرفتاريءَ جو انڪشاف ٿئي ٿو ۽ ٽئين پردي ۾ ملڪا جي خط ظاهر ٿيڻ شرط زلفا ۽ ملڪا جو تصادم ٿئي ٿو. منسا، شمعون کي دغا، نمڪ، حرامي ۽ باغي هجڻ جي تهمت هيٺ گرفتار ڪري ٿو. شمعون، منسا سان ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ شرط ٻڌي ٿو. ڍنڍ ورو گهمي ٿو. شمسون اچي ٿو ۽ ٻنهي ڀائرن جي ترار هلي ٿي ۽ منسا خط ظاهر ڪري ٿو. شمعون ۽ ملڪا تهمون قبول ڪن ٿا. شمسون جو هن وقت تائين بدليل ويس ۾ لڪل هو، سو پاڻ کي ظاهر ڪري ٿو. امير زابلون جي به واقفيت ڪرائي ٿو. اوچتو ملڪا ۽ زلفا جي موت جي خبر هڪ نوڪر آڻي ٿو ته هڪ کي زهر مليوآهي ۽ ٻيءَ آپگهات ڪيو آهي.