شاھ ايليا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 22:
==ايڪٽ ٽيون==
ائڪٽ ٽئي ۾ ڪل ست پردا آهن ۽ منجهس ڪشمڪش وڌندي ٿي وڃي ۽ ڊرامو پنهنجي انتهائي عروج تي پهچي وڃي ٿو. شاهه ايليا ديوانگيءَ جي حالت ۾ کلي ميدان ۾ مينهن ۽ طوفان ۽ کنوڻ ۾ هليو وڃي ٿو ۽ کيس ان حالت ۾ صوفيا سان ڪيل بي انصافيءَ جو احساس ٿئي ٿو ۽ پردي ٻئي ۾ چوي ٿو ته:
”آءٌ به انسان آهيان، پر جيترو ظالم آهيان، تنهن کان وڌيڪ ٻين مون سان گناهه جهڙي هلت ڪئي آهي.“ روبيل جون اکيون به هن سين ۾ ڪڍيون وڃن ٿيون ۽ ڪالاب جو زخمي ٿيڻ وغيره اهڙا واقعات آهن، جي سڀ گڏجي هن ائڪٽ ۾ هڪ زبردست ڪشمڪش پيدا ڪري وجهن ٿا.<ref>شاهه ايليا -- هڪ مقبول سنڌي ڊرامو--
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ</ref>
 
==ايڪٽ چوٿون==
ائڪٽ چوٿين ۾ ڪل ست پردا آهن ۽ هتي ڊرامو پنهنجي انتها کي پهچي ٿو، يعني ڪلائيمڪس جي منزل تي اچي ٿو ۽ صورت حال نهايت خطرناڪ بنجي پوي ٿي. روبيل جو پنهنجي پٽ شمسون سان نابينيءَ جي حالت ۾ گڏجڻ، شمعون جو پاڻ کي نانگي فقير جي صورت ۾ مخفي رکڻ، ججال جي بادشاهه منسا سان سندس راڻي ملڪا جو اختلاف ۽ شمعون سان عشق و محبت، جيشان جي بادشاهه حالاب جو موت، ملڪا جي پنهنجي ڀيڻ زلفا سان رفاقت جي شروعات، صوفيا کي شاهه ايليا جي مصيبتن جو اطلاع ملڻ ۽ طبيب ۽ نوڪرن سان اچڻ. مطلب ته سڀ واقعات هن ائڪٽ ۾ اچي جمع ٿين ٿا. هن ائڪٽ جي ڇهين ۽ ستين سين خاص اهميت واريون آهن. ڇهين سين کي Steep سين يا ٽڪريءَ جي چوٽيءَ واري سين چئجي ٿو. هن ۾ روبيل کي خودڪشيءَ جو خيال ٿئي ٿو. سندس پٽ شمسون کيس بنا سڃاڻپ ڪرائڻ جي ساڻس چرچا ڪري ٿو. مثلاً، جڏهن روبيل کيس چوي ٿو ته: ”بابا! تنهنجو آواز مون کي ڦريل معلوم ٿو ٿئي. تون اڳي کان بهتر ٿو ڳالهائين، جهڙو لفظن ۾ تهڙو معنيٰ ۾.“ تڏهن شمسون چويس ٿو ته:”پريا مڙس، تون ڀلجين ٿو، پوشاڪ کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ بدليل ڪانهي.“ هتي روبيل جي ملاقات شاهه ايليا سان پڻ ٿئي ٿي ۽ سندس حالت تي افسوس جو اظهار ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته: ”افسوس عجيب انسان بگڙي پيو آهي. هيءُ سارو جهان نيٺ ائين خراب ۽ نابود ٿي ويندو. افسوس! جيڪي ڳالهائين ٿو، سو معنيٰ وارو به آهي ۽ بي معنيٰ به. چريائيءَ جي حالت ۾ به عقل جون گفتارون پيو ڪري.“ هن سين ۾ واقعي شاهه ايليا جون سڀئي گفتارون ديوانگيءَ جي رنگ ۾ پــُـرمعنيٰ ۽ زندگيءَ جي فلسفي سان ڀرپور آهن.