شاھ ايليا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 13:
 
==ايڪٽ پھريون==
شاهه ايليا ۾ حسب دستور پنج ائڪٽ آهن. پهرين ائڪٽ ۾ مکيه پلاٽ جي وضاحت آهي. هن ۾ ڪل پنج پردا آهن. پهرين پردي يا سين ۾ مکيه پلاٽ ۽ باءِ پلاٽ، ٻنهي جو انڪشاف ٿئي ٿو. مکيه پلاٽ ۾ شاهه ايليا ۽ سندس ٽي ڌيئرون ملڪا، زلفا ۽ صوفيا ۽ ملڪيت جي تقسيم ۽ باءِ پلاٽ ۾ روبيل ۽ سندس ٻه پٽ شمعون ۽ شمسون. ازانسوءِ شاهه ايليا جي وزير زابلون جو شهر بدر ٿيڻ، منسا جو نامنصفانه تقسيم تي اظهار افسوس ڪرڻ، شاهه ادر وس جو صوفيا کي بنا ڏاج قبول ڪرڻ، ملڪا جي شاهه ايليا سان بدسلوڪي، شمعون جي ڀاءَ سان دغابازي ۽ شمعون جي روپوشي وغيره سڀ ڪجهه ظاهر ڪيو وڃي ٿو.<ref>شاهه ايليا -- هڪ مقبول سنڌي ڊرامو--
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ</ref>
 
==ايڪٽ ٻيون==
ائڪٽ ٻئي ۾ جملي چار پردا آهن، جن ۾ پيچيدگيون يا مونجهارو پيدا ٿئي ٿو ته آخر ڇا ٿيندو ۽ تماشبين نتائج لاءِ نهايت منتظر رهن ٿا. زابلون ۽ شمشاد جو تڪرار ۽ زابلون جو ڪاٺ پوڻ، شمعون جو پنهنجي پيءَ روبيل کي پنهنجي ڀاءُ شمسون جي برخلاف ڪرڻ، زلفا ۽ شاهه ڪالاب جي شاهه ايليا سان روگرداني، شاهه ايليا جو اهڙي شاڪ سببان دماغي توازن وڃائڻ ۽ جهنگ جي طرف، طوفان، بجليءَ ۽ بارش ۾ نڪري وڃڻ وغيره. هتي سڀ پلاٽ پاڻ ۾ گڏجي مسجي هڪ اهڙو ته مونجهارو پيدا ڪن ٿا، جنهن کي سلجهائڻ جي خواهش پيدا ٿئي ٿي ته اڳتي هلي الاجي ڇا ٿيندو.