شاھ ايليا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 9:
”شاهه ايليا“ يا ”ڪنگ ليئر“ جي ڊرامي ۾ شيڪسپيئر کي عوام جي اڳيان هڪ وڏو اصلاحي سبق پيش ڪرڻو هو. لهٰذا هن کي خيالات جو هڪ لاڳيتو سلسلو قائم ڪرڻو هو، تنهنڪري هن انهن جي اسبابن ۽ نتيجن جي وضاحت ڪرڻ لاءِ مٿي ذڪر ڪيل ٽن اتحادن کان گريز ڪرڻ لازمي سمجهيو، ان ڪري شاهه ايليا هڪ اهڙي ته روماني ٽرئجيڊي ٿي آهي، جنهن جا ڪيترا ڀاڱا اسٽيج تي آڻڻ مشڪل ٿي پون ٿا.
ڊرامي ۾ ادب جي ٻين شاخن وانگر اها ڳالهه ضروري آهي ته ٻين ڳالهين سان گڏ، ان دور ۾، جنهن ۾ ڊرامه نويس پيدا ٿيو ۽ ڪم ڪيو، ان ۾ جيڪا زندگيءَ جي نوعيت يا عوام جو طور طريقو هو، ان کي ملحوظ رکيو وڃي. اهوئي سبب آهي جو هن ڊرامي ۾ ٻولي، اشارات، عادات ۽ خيالات به اهي ئي ايلزبيٿ جي زماني جا ڏنل آهن ۽ سال 1400ع جي انگريزي قوم جي حياتيءَ جو عڪس نظر اچي ٿو.
[[لارڊ رسڪن]] جو چوڻ آهي ته شيڪسپيئر پنهنجي ڊرامن ۾ ايترا سورما (هيرو) پيدا نه ڪيا آهن، جيتريون سورميون (هيروئن) پيدا ڪيون آهن. سندس سڀني ڊرامن ۾ فقط ڪو هڪ به هيرو نظر نه ايندو، مگر ان جي برعڪس سندس ڪوبه اهڙو ڊرامو نظر نه ايندو، جنهن ۾ هڪ باڪمال عورت نه آندي ويئي هجي. مثلاً ڪارڊيليا يا صوفيا، ڊيسڊيمونا، ازبيلا، آئموجن ۽ هرموئن وغيره. هن جيڪي به عورتون پيدا ڪيون آهن، تن بابت پوپ جو چوڻ آهي ته: ”جيڪڏهن انهن هيروئن جون گفتارون سندن نالن ڏيڻ کان سواءِ ئي ڇپايون وڃن، ته به اهي جيڪر نهايت آسانيءَ سان انهن ڏي منسوب ڪري سگهجن ٿيون. خاص طور هيءَ حالت انهن هيروئن سان لاڳو ٿي سگهي ٿي، جي سندس غم انجام ڊرامن ۾ پيش ڪيون ويون آهن. بهر صورت، اهي گفتارون محض عورتن جون ئي سمجهيون ۽ اهي ڪڏهن به مردن جي واتان اچي نٿيون سگهن.<ref>شاهه ايليا -- هڪ مقبول سنڌي ڊرامو--
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ</ref>
 
==ايڪٽ پھريون==
شاهه ايليا ۾ حسب دستور پنج ائڪٽ آهن. پهرين ائڪٽ ۾ مکيه پلاٽ جي وضاحت آهي. هن ۾ ڪل پنج پردا آهن. پهرين پردي يا سين ۾ مکيه پلاٽ ۽ باءِ پلاٽ، ٻنهي جو انڪشاف ٿئي ٿو. مکيه پلاٽ ۾ شاهه ايليا ۽ سندس ٽي ڌيئرون ملڪا، زلفا ۽ صوفيا ۽ ملڪيت جي تقسيم ۽ باءِ پلاٽ ۾ روبيل ۽ سندس ٻه پٽ شمعون ۽ شمسون. ازانسوءِ شاهه ايليا جي وزير زابلون جو شهر بدر ٿيڻ، منسا جو نامنصفانه تقسيم تي اظهار افسوس ڪرڻ، شاهه ادر وس جو صوفيا کي بنا ڏاج قبول ڪرڻ، ملڪا جي شاهه ايليا سان بدسلوڪي، شمعون جي ڀاءَ سان دغابازي ۽ شمعون جي روپوشي وغيره سڀ ڪجهه ظاهر ڪيو وڃي ٿو.