شاھ ايليا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
دراصل ”شاهه ايليا“ دنيا جي بي نظير ڊرامانويس وليم [[شيڪسپيئر]] جي ڊراما ”[[ڪنگ ليئر]]“ جو ترجمو آهي، جو سنڌ جي مايه ناز اديب ۽ شاعر مرحوم [[مرزا قليچ بيگ]] سال 1900ع ۾ ڪن معمولي ڦيرين ڦارين سان مڪمل ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين ڪتاب جو اضافو ڪيو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي لکي ٿو تہ:اها ته هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ترجمو ڪنهن به حالت ۾ اصل جي برابر ٿي نٿو سگهي، تاهم جيڪڏهن ترجمان قابل قدر ۽ لياقت ۽ قابليت جو مالڪ آهي ته سندس ترجمو اصل جون سڪون لاهي ٿو ڇڏي. مرحوم مرزا صاحب سنڌ جو اعليٰ پايه جو مڃيل اديب ۽ عالم آهي. سندس ڪيترائي انگريزي ڪتاب ترجمو ڪيل آهن، جن جي ياداشت ڏيڻ هتي ضروري نه آهي.
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته مرزا صاحب ”ڪنگ ليئر“ جي ترجمي ۾ وڏيءَ محنت ۽ قابليت کان ڪم ورتو آهي ۽ شيڪسپيئر جا اهي سڀيئي خيال، جي هن کي پنهنجي اداڪارن جي واتان چوائڻ مقصود هئا، اهي هر صورت ۾ برقرار رکيا ويا آهن، ۽ جيترو ٿي سگهيو آهي، اوترو انگريزي اصطلاحن جو ترجمو به موزون سنڌي اصطلاحن ۾ ڏيئي ڊرامي جو اصل روح قائم رکيو اٿس. ٻوليءَ جي سلاست، جا هڪ چڱي ڊرامي جي وڏي ۾ وڏي خوبي آهي، جنهنڪري هر هڪ پڙهيل خواهه اڻ پڙهيل تماشبين به ان کي ٻڌي ۽ سمجهي سگهي، تنهن جو بلڪل پورو پورو خيال رکيو ويوآهي.
انگريزي نالن کي بدلائي قديم تاريخي نالا ڏنا ويا آهن ۽ ڪيترن مناسب هنڌن تي مترجم موزون شعر لکي ڊرامي کي وڌيڪ دلچسپ بنايو آهي. البت ڪن راڳن ۾ اهڙا الفاظ ڪم آندا ويا آهن، جن جي آڻڻ کان پرهيز ٿي سگهي ٿي، ۽ ڪرڻ به مناسب هئي. مثلاً ائڪٽ ٻئي، پردي ٻئي ۾ زابلون جيڪو راڳ ڳائي ٿو، ان ۾ نامناسب الفاظ وڏي انداز ۾ موجود آهن، جهڙوڪ منهن ڪارو ڪر، حرامي، ڪتي جا ڦر، ڪتي جا پڇ، احمق، لچا، گيدي، مرون، رهزن، بدمعاش، ڪارا ڪتا، پادر کائڻ وارا کودڙا ۽ گولاڙا وغيره.<ref>شاهه ايليا -- هڪ مقبول سنڌي ڊرامو--
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ</ref>
 
==ٽريجڊي ڊرامو==