ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: '''ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي'''{{ٻيا نالا|انگريزي= Diwan Koromal Chandanmal Khilnani}} سنڌ جو ھڪ مشھور اديب ھيو. ڊا...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
'''ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي'''{{ٻيا نالا|انگريزي= Diwan Koromal Chandanmal Khilnani}} سنڌ جو ھڪ مشھور اديب ھيو. ڊاڪٽر جي اي الانا لکي ٿو تہ ديوان منوهرداس ڪوڙي مل پنھنجي ڪتاب ”ساهتڪ پشپ“ ۾ ديوان ڪوڙي مل چندن مل کِلناڻي کي ’سنڌي نثر جو ابو‘ سڏيو آهي. هو هن سلسلي ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته: ”سڀي ۾ وڏو، پهريون پهيرون اِنڊا ڀريندڙ، ترجما ڪندڙ، جهنگ کي ڪٽيندڙ، سڙڪ ٺاهيندڙ، ديوان ڪوڙو مل هو، جنهن کي ’سنڌي نثر جو ابو‘ چئي سگهجي ٿو" <ref>{ڊاڪٽر غلام علي الانا جو مضمون:
"شمس العلماء مرزا قليچ بيگ -جديد سنڌي ادب جو باني"; مھراڻ رسالو 2003 شمارو 53 سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}</ref><ref>{منوهرداس ڪوڙومل: ساهتڪ پشپ، ساهتيه اڪيڊمي، نئين دهلي، 1960ع، ص 4.}</ref> ديوان منوھرداس جي ان خيالن سان سنڌي اديبن جي اڪثريت سھمت ناھي ڊاڪٽر الانا لکي ٿو تہ:ديوان منوهر داس ڪوڙي مل جي اِنهيءَ راءِ کي مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ حوالي طور پيش ڪيو هو. سندس انهيءَ راءِ جو احترام ڪندي. آءُ هيئن عرض ڪندس ته بيشڪ ديوان ڪوڙي مل، محنت ڪري، سنڌي نثر لاءِ جهگ ڪاٽيا، واٽُن گهڙيون، اِنڊا ڀريا ۽ راهون هموار ڪيون، پر جڏهن مرزا قليچ بيگ جهڙي قداور نثر نگار جي قد ۽ نثر نويسيءَ جي ميدان ۾ سندس ڪيل خدمتن جو ڪاٿو لڳائجي ٿو، تڏهن ائين محسوس ٿئي ٿو ته اسان جا ٻيا سڀ نثر نگار، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ادبي معيار جي مقابلي ۾ ايترا قداور نه آهن. مرزا صاحب سنڌي نثر نويسيءَ جي ميدان ۾ ايترو ته وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ ايتري ته محنت ۽ جاکوڙ ڪئي اٿن جو هن جي محنت ۽ جاکوڙ، سنڌي ٻوليءَ کي اُن وقت جي جدد ادب ۾ دنيا ۾ وڏي مقام ۽ معيار تائين پهچائي ڇڏيو هو. <ref>{ڊاڪٽر غلام علي الانا جو مضمون:
"شمس العلماء مرزا قليچ بيگ -جديد سنڌي ادب جو باني"; مھراڻ رسالو 2003 شمارو 53 سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}</ref><ref>{منوهرداس ڪوڙومل: ساهتڪ پشپ، ساهتيه اڪيڊمي، نئين دهلي، 1960ع، ص 4.}</ref>