البانيا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 98:
==جاگرافي==
البانيا بلقان اپٻيٽ جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع آهي جتي ان جون حدون اتر اولھ ۾ [[مونٽي نيگرو]]، اتر اوڀر ۾ [[ڪوسووو]]، اوڀر ۾ [[ريپبلڪ آف ميسيدونيا|ميسيدونيا]] ۽ ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر۾ [[يونان]] سان ملن ٿيون.ھن ملڪ جو وڏو حصو جابلو آھي جنھن ۾ اتريون البانيائي [[الپس جبل]] ۽ اوڀر ۾ [[ڪوراب جبل]] ، ڏکڻ وارو [[سرونيئن جبل]] ۽ وچ البانيا ۾ [[اسڪيندر بيگ جبل]] پڻ شامل آھن.ھن ملڪ جا ساحلي ڪنارا اتر اولھ ۾ [[ايڊريئاٽڪ سمنڊ]] ۽ ڏکڻ اولھ ۾ [[آئيونيئن سمنڊ]] سان ملن ٿا ان سان گڏوگڏ [[درياءَ البانيا]] پڻ ھن ملڪ ۾ وھي ٿو.ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ
41 00 N, 20 00 E آھي. يورپ جي ھن ننڍڙي ملڪ جي ايراضي28748 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 27398 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 1350 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جي ملڪن ۾ 145 نمبر تي آهي. ھن ملڪ جي زميني سرحد 691 ڪلوميٽر آهي جن مان 212 ڪلوميٽر يونان سان، 112 ڪلوميٽر ڪوسووو سان، 186 ڪلوميٽر مونٽي نيگرو سان ۽ 181 ڪلوميٽر ميسيدونيا سان مليس ٿي. ملڪ جو سامونڊي ڪنارو 362 ڪلوميٽر آهي ۽ سمنڊ م ھن ملڪ جي حد 12 [[ناٽيڪل ميل|ناٽيڪل ميلن]] تائين آهي.ھن ملڪ جي سمنڊ جي سطح کان سراسري بلندي 708 ميٽر آھي. ملڪ جو سڀ کان اوچو مقام [[ماجاء ڪورابت]] (گولام ڪوراب) آھي جيڪو سمنڊ جي سطح کان 2764 ميٽر بلند آھي.<ref>{{cite web |url=https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/al.html}}</ref>
 
==زراعت ۽ معدني وسيلا ==