عمرڪوٽ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ايپ سنوار اينڊروئيڊ ايپ سنوار
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 59:
[[File:Birthplace of Akbar.JPG|360px|thumb|اڪبر بادشاھ جي جاء پيدائش جت]]
سنه 949هه _سنه 1542ع) ۾ مرزا شاه حسن جي وقت همايون بادشاه شير شاه افغان کان ڀڄي سنڌ ۾ آيو ۽ اچي سنڌ ۾ رهيو ۽ اُتي انهيءَ سال جي رجب مهيني جي پنجين تاريخ اڪبر بادشاه ڄائو. راڻيءَ جو نالو حميده بانو هو. عمرڪوٽ تڏهن ننڍڙو ڳوٺ هو، تنهنڪري همايون اتان نڪري جونپور ۾ درياه جي ڪناري تي اچي رهيو.<ref name="autogenerated2" />
 
==عمرڪوٽ جي جنگي تاريخ ۾ حُرن جو ڪردار==
ٿر ۽ بئراج ايراضي جي ڳانڍاپي تي، تاريخي قلعي وارو سرحدي شھر عمرڪوٽ، گذريل 3 صدين دوران ٻاهرين ڪاهن ۽ اندروني بغاوتن سبب گهٽ ۾ گهٽ 7 ڀيرا رتوڇاڻ، ڦرلٽ ۽ جلائو گهيرائو جو شڪار ٿيو آھي پر 1971ع واري پاڪ ڀارت جنگ دوران مقامي حُرن ۽ ٻين سنڌي جوانن، پنهنجو رت ڏئي هن شھر کي وڏي مهارت سان ڀارتي فوج جي قبضي ۽ تباھي کان ذري تان بچائي ورتو هو.
 
عمر مارئي جي لوڪ داستان، مومل جي هڪ ماڙي جي آثارن ۽ اڪبر بادشاھ جي جنم جي هنڌ جي حوالن سان مشھور هن شھر ۾ ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي دور ۾ 1739ع ۾ ايران کان ڪاهي آيل نادر شاھ رتوڇاڻ ۽ ڦرلٽ ڪئي، هو ڪلهوڙن کان معاهدي ۾ ساليانو ڏَن مقرر ڪرائي واپس موٽي ويو، 1750ع ۾ مارواڙ جي راجپوتن عمرڪوٽ تي قبضي لاءِ ڪاھ ڪري تباهي مچائي پر شھر فتح ڪرڻ ۾ سوڀارا نه ٿيا، 1777ع ۾ ٽالپرن پاران سنڌ جون واڳون ڪلهوڙن کان ڦُرڻ جي ڪوشش دوران ٻنهي قبيلن وچ ۾ عمرڪوٽ ۾ گهرو ويڙھ ٿي، جنهن ۾ کوسن، ڪلهوڙن پاران ٽالپرن سان چوٽون کاڌيون، ڪلهوڙو حاڪم ميان غلام نبي عمرڪوٽ ۾ مارجي ويو هو. 1781ع ۾ ڪلهوڙن خلاف ٽالپرن جي هلندڙ بغاوت کي چٿڻ لاءِ ڪلهوڙن جي گذارش تي ڪاهي آيل مدد خان پٺاڻ عمرڪوٽ ۾ به ڦرلٽ ۽ قتلام ڪيو، 1783ع ۾ ڪلهوڙي حاڪم ميان عبدالنبي پنهنجي ئي وزيراعظم ۽ فوج جي سپھ سالار مير بجر خان ٽالپر کي قتل ڪرائڻ لاءِ '''مارواڙ رياست (جوڌپور)''' جي '''راجا وجئہ سنگھ''' سان هڪ ڳجهو معاهدو ڪيو، معاهدي موجب مير بجر خان جي قتل عيوض عمرڪوٽ شھر ۽ پرڳڻو سنڌ کان ٽوڙي مارواڙ رياست سان جوڙيو ويو، بجر خان جي قتل جي ردعمل ۾ سنڌ ۾ اٽڪل 75 ورهين وارو ڪلهوڙا دور پڄاڻي تي پهتو ۽ پوءِ 60 ورهين تائين هلندڙ ٽالپر دور جي شروعات ٿي.
 
1786ع ۾ عمرڪوٽ پرڳڻي جي ٿر واري ايراضي ۾ شڪار لاءِ ويل سنڌ جي والي، ٽالپر خاندان جي ماڻھن کي مارواڙي راجپوتن پاران بنا اجازت شڪار ڪرڻ جي ڏوھ ۾ درجنين ساٿين سميت قتل ڪرڻ کانپوءِ ٽالپرن، پنهنجي شڪارين جي قتل جو پلاند ڪرڻ لاءِ عمرڪوٽ تي ڪاھ ڪري شھر ۾ وڏي رتوڇاڻ ڪئي، 1813ع ۾ مير ڪرم علي جي دور ۾ ٽالپرن عمرڪوٽ تي ڪاھ ڪري راجپوتن کي هارَ ڏئي، شھر ۽ پرڳڻو فتح ڪري، 30 ورهين کان پوءِ وري واپس سنڌ ۾ شامل ڪري ورتو ۽ 1815ع ۾ نئونڪوٽ وارو ننڍڙو پڪو دفاعي قلعو جوڙائي مڪمل ڪيو.
 
انگريز دور ۾ 1857ع واري آزادي جي جنگ جي سلسلي ۾ 1859ع ۾ راجپوتن ۽ ٻين مقامي ماڻھن، ڪجھ پوليس اهلڪارن کي قتل ڪري شھر تي قبضو ڪري ورتو، اها بغاوت ڪچلڻ لاءِ انگريز فوج پاران بي رحم ڪاروائي دوران وڏي رتوڇاڻ ٿي، هن ئي دور ۾ انگريزن امر ڪردار '''راڻا رتن سنگھ''' کي عمرڪوٽ جي قلعي اندر ڦاسي تي چاڙھيو، هن دور ۾ ڏکڻ ٿر ۽ پارڪر وارا ڀاڱا انتظامي طور وڏو عرصو ڪڇ ڀُڄ سان جُڙيل رهيا، اتي راجپوتن، کوسن ۽ ڪولهين پاران ڪيل بغاوتون چٿڻ لاءِ ٿيل ڪارواين ۾ '''روپلي ڪولهي''' (Roplo Kolhi) سوڌو ڪيترن ئي محب وطن نوجوانن کي موت جي سزا ڏني وئي.
 
سال 1965ع جي شروع ۾، ڀارت جي جنگي تيارين کي ڏسندي، فوجي اختيارين پاران پنجاب جي چولستان کان ڪڇ جي رڻ تائين سرحدي دفاع کي ناقابل ِ تسخير بڻائڻ لاءِ اتي فوج سان گڏ وڏي انگ ۾ مقامي حُرن کي مقرر ڪري، سنڌ جي ان سرحدي پٽيءَ کي 2 سيڪٽرن ۾ ورهايو ويو هو، چولستان ۽ اڇڙي ٿر تي ٻڌل “اتر سيڪٽر“ لاءِ پير پاڳاري جي ننڍي ڀاءُ پير نادر علي شاھ کي جڏھن ته ٿر ۽ ڪڇ جي رڻ واري “ڏکڻ سيڪٽر“ لاءِ فقير امين مڱريو کي سيڪٽر ڪمانڊر ۽ پير پاڳاري کي حُرن جو چيف ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو، هنن ٽنهي ڪمانڊرن کي ڏورانهن محاذن تي مقرر حُرن سان رابطي لاءِ هيليڪاپٽر پڻ ڏنا ويا. جنگ دوران پير پاڳارو پاڻ عمرڪوٽ قلعي اندر قائم ڪيل هيڊ ڪوارٽر ۾ موجود هو ۽ اتان مختلف جنگي محاذن جا دورا ڪري حُرن جا حوصلا وڌائيندو رهيو.
 
جنگ ڇڙڻ کانپوءِ ڀارتي فوج پنجاب وٽان سرحد پار ڪري پاڪستاني علائقي تي قبضو ڪري ورتو، سنڌ جي سرحد تي دفاعي مورچن ۾ موجود حرن کي حڪم مليو ته ردعمل طور هو به پيش قدمي ڪري ڀارت جو علائقو فتح ڪندا، حُر، جنگي جهازن ۽ تربيت ورتل فوج جي مدد سان اڳتي وڌي، ڀارتي فوج جي سخت مزاحمتن کي منهن ڏيندا راجستان ۾ مغل دور جي 2 تاريخي قلعن، '''ڪشن ڳڙھ''' ۽ گهوٽاڙو سميت اهم فوجي ڇانوڻيون، ڪيتريون ئي سرحدي چوڪيون ۽ ريلوي اسٽيشنون فتح ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿيا، ڀارت پاران حرن جي اڳڀرائي روڪڻ لاءِ هٿيارن ۽ بارود سميت تازا فوجي دستا کڻي ايندڙ هڪ ريل گاڏي کي کوکرو پار - موڻاٻائو (Khhokhhuro paar - Monnaabaao) ريلوي لائين تي، پنهنجي منزل تي پهچڻ کان اڳ پٽڙي تان ڪيرائي، باھ ڏئي ساڙي تباھ ڪيو ويو، 2 هفتن جي هن جنگ ۾ حُرن راجستان جو اٽڪل 1800 چورس ڪلوميٽر علائقو فتح ڪري ورتو هو، هن جنگ ۾ ڪيترائي حُر نوجوان شھيد ۽ زخمي ٿيا. سرڪار پاران پير پاڳاري، خليفي فقير امين مڱريو، وحيد ڪٽپر ۽ ٻين حُرن کي بهترين جنگي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي “ستاره جرئت“ “تمغہ جرئت“ ۽ ٻين فوجي اعزازن ۽ سَنَدن سان نوازيو ويو هو.
 
1971ع واري جنگ وقت پاڪ فوج ۾ اعليٰ عهدن تي وڏي انگ ۾ مقرر بنگالي آفيسرن جي بغاوت سبب هتان جي دفاع لاءِ گهربل فوجي دستا ۽ حُر مجاهد وقت سر پنهنجي اڳين مورچن تائين پهچي نه سگهيا جنهن جو فائدو وٺندي ڀارتي فوج کي سنڌ جي محاذ تي پاڪستان کان 1965ع برگيڊيئر راجا ڀواني شنڪر جي اڳواڻي ۾ ڀارتي فوج جي مختلف رجمينٽن تي ٻڌل هڪ وڏي انگ ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر شھرن سميت اتر-اوڀر ٿر جي هڪ وڏي ايراضي تي قبضو ڪري ورتو، جنهن جي ڪري عورتون ۽ ٻار کڻي سر بچائڻ لاءَ اتان ڀڄي وڃي بئراج ايراضي جي مختلف ڳوٺن ۾ پناھ ورتائون.
 
ڀارتي فوج رستي ۾ ايندڙ ڳوٺن ۾ کي پار ڪندي ڇاڇري کان اڳتي وڌي، عمرڪوٽ تي قبضي لاءِ شھر ٻاهران “هڱورو ڀٽ“ تي گڏ ٿيڻ شروع ڪيو هو، عمرڪوٽ ڏانهن پيش قدمي جون خبرون پهچڻ سبب عمرڪوٽ جا رهواسي ڊپ ۾ شھر مڪمل طور خالي ڪري چڪا هئا، اتان جي اڳوڻي ضلعي ناظم مگهن مڱريو جي والد فقير ترڪو مڱريو جي اڳواڻي ۾ حُرن جي “عمرڪوٽ ڪمپني“ شھر جي دفاع لاءِ هڱورو ڀٽ ۽ شھر جي وچ ۾ واقع “پنجا تلي ترائي“ وٽ قائم ڪيل مورچن ۾ اڳ ئي موجود هئي، ڀارتي فوج 18 مدراس رجمينٽ جي ڪمانڊ ۾ 3 ڏينهن تائين هڱورو ڀٽ وٽ ڪئمپ قائم ڪري، وڌيڪ گهربل هٿيار، بارود ۽ تازه دم دستا گهرائي انهن جي مدد سان عمرڪوٽ تي قبضي جي رٿابندي ڪري رهي هئي، حرن جي ڪمپني ڪمانڊر ترڪو مڱريو پاران ڀارتي فوج جي وڏي انگ ۽ ڪاھ جي تيارين کي ڏسندي شھر جي دفاع لاءِ وڌيڪ لشڪري گھرايا ويا تنهنڪري 26 بلوچ رجمينٽ جي هڪ ڪمپني، ڪئپٽن ممتاز جي اڳواڻي ۾ حر مجاهد فورس جي مدد لاءِ پهتي، هن جنگي معرڪي ۾ ذاتي طور حصو وٺندڙ متارو مڱريو، محمد آريسر ۽ امام بخش ڀنڀرو ٻڌائين ٿا ته “اسان جي مدد لاءِ هڪ بلوچ ڪمپني پهچڻ کانپوءِ ٻنهي ڪمپني ڪمانڊرن فيصلو ڪيو ته عمرڪوٽ تي قبضي لاءِ دشمن جي رٿيل چال کي ناڪام ڪرڻ جي رٿابندي ڪرڻ بدران ڇو نه پاڻ اڳرائي ڪري دشمن جي ڪئمپ تي اوچتي ڪاھ ڪري، ٿر جي فتح جي غرور ۽ عمرڪوٽ تي قبضي جي ارادن کي مٽي ۾ ملائي کين اتان واپس ڀڄڻ تي مجبور ڪيون“ رٿابندي موجب حُر ۽ بلوچ ڪمپنين مان پنهنجي نوعيت جي هن خاص جنگي ڪاروائي لاءِ چونڊيل ڦُڙت، بهادر ۽ جانثار جوانن صبح جو 4 وڳي ڀارتي فوج جي ڪئمپ تي اتر ۽ اولھ کان وِڄَ وانگر ڪڙڪي اوچتي ڪاھ ڪئي، ڪاروائي دوران سڀ کان پهرين پنهنجي دفاعي مورچن وٽان ماٽر گولا فائر ڪرڻ کانپوِ پاڻ سان گڏ کنيل دستي بم ۽ هٿيار ڪتب آڻيندي، دشمن جي سخت مزاحمت کي مات ڏئي کين وڏي انگَ (تعداد) ۾ هٿيار، بارود، راشن، درجنين گاڏيون ۽ ٻيو جنگي سامان ڪئمپ ۾ ڇڏي پنڌ واپس ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ويو، هن ڪاروائي ۾ پاڪستان پاران بلوچ ۽ حر ڪمپنين جي رڳو 150 جوانن حصو ورتو، جڏھن ته ڀارتي فوج جي ڪئمپ ۾ ان وقت اٽڪل 700 ويڙھاڪ فوجي موجود هئا جن مان 49 ڄڻا هن ڪاروائي دوران ٿڏي تي مارجي ويا. انهن جي لاشن کي اتي ئي کوٽيل هڪ گڏيل قبر ۾ دفن ڪيو ويو، ڪجھ زخمين سميت ويهارو کن گرفتار ڪري جنگي قيدي بڻايا ويا، جڏھن ته هتان وارا رڳو 4 جوان شھيد ۽ 12 زخمي ٿيا، ويجهي جنگي تاريخ ۾ تمام ٿوري افرادي قوت سان پاڻ کان ٽيڻ کان وڌيڪ انگ واري دشمن جي فوج مٿان اهڙي طرح ڪاروائي ڪري سوڀ حاصل ڪرڻ جو ٻيو ڪوبه مثال نٿو ملي، هن جنگي ڪاروائي دوران بهادري ۽ جرئت سان سر تريءَ تي رکي عمرڪوٽ جو دفاع يقيني بنائڻ عيوض ڪئپٽن ممتاز، صوبيدار گل خان ۽ ٻين کي فوجي تمغن سان نوازيو ويو، سرڪار پاران 26 بلوچ رجمينٽ جي ان ڪمپني ۽ حرن جي عمرڪوٽ ڪمپني جي خاص پذيرائي ڪندي کين “هڱورين“ جو نالو ڏنو ويو، جيڪي اڃا تائين وڏي فخر سان ان نالي سان سڃاتيون وڃن ٿيون، عمرڪوٽ جي دفاع واري هن جنگ جي انهن 4 شھيدن جي ياد ۾ قلعي اندر عجائب گهر لڳ هڪ يادگار ٺهيل آھي جنهن تي ان معرڪي جا انگ اکر به ڏنل آھن. <ref>عمرڪوٽ جي جنگي تاريخ ۾ حُرن جو ڪردار، روزآني ڪاوش 6 سيپٽمبر، 2018، ليکڪ: نور محمد سمون</ref>
 
==عمر ڪوٽ جو قلعو==