وياج: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
 
وياج{{ٻيا نالا|انگريزي= Interest}}{{ٻيا نالا|عربي=الربا}}{{ٻيا نالا|فارسي=بھرہ}} ([[اردو]] : [[سود]]) جي اها قيمت جيڪا قرض وٺندڙ، قرض ڏيندڙ کي خاص مدي دوران مقرر سيڪڙي جي حساب سان ادا ڪندو آهي. <ref>[http://dic.sindhila.edu.pk/define/Interest.php Interest | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون<!-- Bot generated title -->]</ref>قرآن فرمائي ٿو تہ جيڪي ماڻهو ربا يا وياج کائن ٿا ان جو حال ان شخص وانگر ھوندو آھي جنھن کي شيطان شھي چريو ڪري ڇڏيو ھجي ۽ ان حالت ۾ ھجڻ جو سبب اھو آھي تہ اھي چوندا آهن ته بيع يا تجارت بہ تہ آخر ربا يا وياج جھڙي چيز آهي، جڏھن تہ الله بيع يا تجارت کي حلال ۽ ربا يا وياج کي حرام ڪيو آھي.<ref>{القرآن: البقرة: آيت نمبر 275}</ref>تفھيم القرآن مطابق وياج لاءِ قرآن ۾ لفظ ربا استعمال ڪيو ويو آهي جنھن جي عربي ۾ معني آهي زيادتي يا اضافو. عربستان جا ماڻهو اصطلاحن ان لفظ کي زائد رقم لاءِ استعمال ڪندا ھئا جيڪا ڪو قرضدار ڪنھن قرضي کان ھڪ طئي ٿيل شرح مطابق اصل قرض ۾ ڏنل رقم کان وڌيڪ وصول ڪندو هو. ان کي اردو ۾ سود چوندا آهن. قرآن جي نازل ٿيڻ وقت عربن ۾ سودي معاملا ۽ انھن جا قسم رائج ھيا جن لاءِ عرب ربو جو لفظ استعمال ڪندا ھئا.<ref>{تفھيم القرآن، واليم 1، مولانا مودودي، صفحو 210, 211،ادارہ ترجمان القرآن،لاھور}</ref>
 
==حوالا==