اک: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 20:
 
==انساني اک==
[[File:Schematic diagram of the human eye en.svg|250px|]]<br>انساني اک جو علامتي خاڪو
 
 
انساني اک گول شڪل جي ھوندي آھي. اک جي اندروني حصي جا ٽي تھ ھوندا آھن: '''اسڪليرا''':(sclera): يعني ٻاھريون تھ؛ '''ڪورائڊ''':(choride) :يعني وچون تھ؛ ۽ '''ريٽينا''':(retina): يعني اندروني تھ.
اسڪيلرا بلڪل شفاف ھوندو آھي جنھن کي ڪورنيا:(Cornea) به چوندا آهن. اهو هڪ سنھي شفاف پردي ڪنجنڪٽو (conjunctive)سان ڍڪيل ھوندو آھي.ڪورائڊ رنگدار ۽ نسن (vascular) ھوندو آھي.ان جي اڳئين حصي ۾ ڪورنيا جي پٺيان رنگين وٿي يا گول سوراخ ھوندو آھي جنھن کي ماڻڪي چئبو آهي جنھن جي چوڌاري پٺا يا مشڪون (muscles) ھوندا آھن جيڪي سسندا ۽ وڌندا آهن، جنھن ڪري ماڻڪيء جي جسامت بہ گھٽبي۽ وڌندي آهي. ڪورنيا ۽ آئرس (Iris) جي وچ واري جاء کي پاڻياٺ وارو خانو Aqueous chamber چئبو آهي جنھن ۾ خاص قسم جي پاڻياٺي رطوبت (Aqueous humour) ڀريل ھوندي آھي.آئرس يا سوراخ جي پٺيان ھڪڙو محدب لينس يا بلور رکيل آهي، جنھن جي چوڌاري وارن جھڙا سنھڙا پٺا يا مشڪون ھونديون آھن جيڪي بلور جي گولائي کي گھٽ وڌ ڪري بدلائي جسم کي فوڪس تي آڻينديون آهن.بلور جي پٺيان ھڪ ٻيو شفاف خانو ھوندو آھي جنھن ۾ شفاف پاڻياٺ وٽريس ھيومر (vitreous humour) ڀريل ھوندي آھي.ھن خاني جي اندران حساس تھن (sensory layer)جو پڙدو ھوندو آھي، جنھن کي ريٽينا retina چئبو آهي. ھن ريٽينا ۾ ٻن قسمن جا حساس نيوران ٿيندا آهن. سين يا لٺ جھڙا نيوران (rods) جيڪي روشنيءَ کي محسوس ڪندا آهن ۽ ٻيا مخروط نيوران (cones) جيڪي رنگ محسوس ڪندا آهن.