آصف نواز جنجوعا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
{{صندوق معلومات شخص}}
|image = General Asif Nawaz.jpg
}}
پاڪستان جي اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف، جنرل '''آصف نواز جنجوعا''' جو تعلق، پنجاب جي [[جهلم ضلعو|ضلعي جهلم]] جي هڪ فوجي گهراڻي سان هو. سندس والد فوج ۾ ڪرنل هو. ننڍي هوندي کان سندس تربيت مڪمل فوجي ضابطي سان ٿي. 1954ع ۾ کيس پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جنهن بعد کيس وڌيڪ تعليم لاءِ انگلنڊ موڪليو ويو، جتي جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ ۽ گوهر ايوب به سندس هم ڪلاسي رهيا. <br />
تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، پاڪستان آرميءَ جي پنجاب رجمينٽ سان وابسته ٿيو، ۽ ان ئي رجمينٽ ۾ اعليٰ عهدن تي فائز ٿيو. جڏهن هو ڪراچيءَ جو ڪور ڪمانڊر بڻيو ته ان وقت ڪراچي، لساني فسادن ۽ دهشتگرديءَ جو ڳڙهه بنجي چڪي هئي. انهن حالتن ۾ جنرل آصف جنجوعا ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي روڪڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو. 16 آگسٽ 1991ع تي، جنرل مرزا اسلم بيگ جي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو ويو ۽ 11 جنوري 1993ع تي، هڪ مبينه واقعي ۾ وفات ڪري ويو.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%B5%D9%81%20%D9%86%D9%88%D8%A7%D8%B2%20%D8%AC%D9%86%D8%AC%D9%88%D8%B9%D8%A7</ref>