محمد ضیا الحق: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 37:
 
 
پاڪستان جو چئن ستارن وارو جنرل جيڪو 12 آگسٽ 1924 ۾ برٽش انديا جي پنجاب صوبي جي شھر جالنڌر، ۾ ڄائو ۽ 17 آگسٽ 1988 ۾ سي 130 جھاز واري حادثي ۾ فوت ٿي ويو. دھلي يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ھن شخصيت برٽش آرمي ۾ داخل ٿي ٻي جنگ عظيم جي برما ۽ برٽش ملايا وارن محاذن ۾ حصو ورتو. 1965 ۾ پاڪ ڀارت جنگ ۾ ٽينڪ ڪمانڊر ھيو.1970 ۾ ملٽري ٽريننگ مشن جي قيادت ۾ اردن روانو ٿيو جتي شاھ حسين جي خلاف [[بليڪ سيپٽمبر واري بغاوت]] کي ڪچلڻ ۾ مددگار ٿيو.1976 ۾ کيس ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو. ملڪ ۾ [[پاڪستان نيشنل الائنس]] جي سياسي تحريڪ شروع ٿيڻ کان پوءِ 5 جولاءِ 1977 تي ڀٽو حڪومت جي خلاف [[ڪوديتا]] يا فوجي بغاوت ڪري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو. ان فوجي آپريشن کي [[آپريشن فيئر پلي]] جو نالو ڏنائين.ملڪ جي اقتدار تي قبضو ڪري ملڪ جو آئين معطل ڪري مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيائين <ref>Rafiq Dossani (2005). Prospects for Peace in South Asia. Stanford University Press. pp. 46–50. {{ISBN|978-0-8047-5085-1}}.</ref> [[ذوالفقار علي ڀٽو ]] تي سياستدان احمد رضا قصوري جي قتل جي ڪيس جي جاچ ايف آء اي کان ڪرائي چالان ماجسٽريٽ جي بدران سڌو سنئون لاھور ھاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي مقدمو سيشن ڪورٽ جي بجاءِ سڌو سنئون لاھور ھاءِ ڪورٽ ۾ ھلرائي موت جي سزا ڏني وئي جنھن جي اپيل سپريم ڪورٽ ۾ ھلي جتي سزا بحال رکي ذوالفقار علي ڀٽو کي ٻن سالن جي اندر موت جي سزا ڏئي کيس اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ ڦاھي ڏني وئي ۽ لاش فوج جي سرپرستي ۾ ڳڙھي خدابخش ۾ عزيزن جي شرڪت کان سواءِ لاوارثن وانگر دفنايو ويو .ھن جي اقتدار ۾ اچڻ سان ملڪ آمريڪا ۽ سعودي عرب جي تعاون سان افغان ۽ سويت يونين واري جنگ ۾ افغان مجاھدن جي مدد ذريعي اڻ سڌي طرح شامل ٿي ويو ھن ملڪ کي مذھبي انتھا پسندي ڏي ڌڪيو ۽ جھادي نظريي کي فروغ ڏياريو <ref >{{cite book|ast1=Wynbrandt|first1=James|title=A Brief History of Pakistan|date=2009|publisher=Facts on File|page=216|quote=In his first speech to the nation, Zia pledged the government would work to create a true Islamic society.}}</ref><ref>{{harvnb|Haqqani|2010|p=131}}: "Zia ul-Haq is often identified as the person most responsible for turning Pakistan into a global center for political Islam. Undoubtedly, Zia went farthest in defining Pakistan as an Islamic state, and he nurtured the jihadist ideology."</ref> ھن جي حڪومتي پاليسين تحت لکن جي تعداد ۾ افغان جھادي پاڪستان ۾ آيا جن ذريعي پاڪستان اندر ھيروئن ۽ موتمار ھٿيارن جي پاڪستاني معاشري ۾ داخلا شروع ٿي وئي جيڪو سلسلو افغان جھاد سان گڏوگڏ 1989 تائين وڌندو رھيو . ھي يارھن سالن تائين پاڪستان جي اقتدار تي قابض رھيو ۽ ھن جي دور ۾ پريس تي شديد پابنديون رھيون<ref name=talbot-245-islam>{{cite book|last1=Talbot|first1=Ian|title=Pakistan, a Modern History|date=1998|publisher=St.Martin's Press|location=NY|pages=245|quote=Pakistan during the period 1977–1988 ... aspired to be an ideological state... the goal of an Islamic state was deemed to be its main basis.}}</ref> ھن جي دؤر ۾ پاڪستان جو ايٽمي پروگرام جاري رھيو ۽ ملڪ ۾ صنعتڪاري ۾ اضافو ٿيو . ھن جي دؤر ۾ پاڪستان جي جي ڊي پي جو تيزي سان اضافو ٿيو.1985 ۾ ھن مارشلا ختم ڪري ملڪ ۾ غير جماعتي چونڊون ڪرائي اقتدار نالي ماتر محمد خان جوڻيجو جي حوالي ڪيو ۽ پاڻ ملڪ جو ڊي فيڪٽو چيف ايگزيڪيوٽو رھيو ان لاءِ ھن آئين ۾ سٺي ترميم آڻي اھم اختيار پنھنجي قبضي ۾ ورتا <ref >{{cite web|last=GoPak|first=Government of Pakistan|title=The Eight Amendment|url=http://www.pakistani.org/pakistan/constitution/amendments/8amendment.html|publisher=Constitution of Pakistan|accessdate=16 November 2011}}</ref> 1988 ۾ اوجڙي ڪيمپ جو واقعو ٿيو جنھن بعد وزيراعظم محمد خان جوڻيجو ھن جي مرضيءَ خلاف جنيوا معاھدي تي صحيح ڪئي ۽ اوجڙي ڪيمپ واري واقعي جي جاچ جو اعلان ڪيو جنھن تي ھن محمد خان جوڻيجو جي حڪومت ڊسمس ڪري اسيمبليون ٽوڙي نومبر 1988 ۾ نئين اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو پر 17آگسٽ 1988 تي پنھنجي فوج جي اعلي قيادت ۽ سفارتڪارن سميت جھاز جي حادثي ۾ پراسرار طور تي مارجي ويو.