سنڌي ادبي بورڊ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ايپ سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
اداري جي ويب سائيٽ:[http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Index.html]
 
آگسٽ 1940ع ۾ سنڌ جي تڏهوڪي صوبائي وزير تعليم [[جي ايم سيد]] جي ڪوششن سان سنڌ سرڪار سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۽ تخليقي ۽ تحقيقي سرگرمين جي وسيع پئماني تي ڦهلاءَ خاطر ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي نالي سان هڪ اداري جو بنياد رکيو. جناب ميران محمد شاهه ان صلاحڪار بورڊ جي چيئرمن مقرر ٿيو. سندس سرواڻيءَ ۾ سنڌ جي ٻين عالمن ۽ ڏاهن ڊاڪٽر ايڇ. ايم. گربخشاڻي، شمس العلماء عمر بن محمد دائود پوٽي، [[علامه آء آء قاضي]]، ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ديوان سوڀراج نرملداس ”فاني“، جناب پير علي محمد شاهه راشدي، مولانا دين محمد وفائي ۽ جناب عثمان علي انصاريءَ سميت پندرهن ميمبرن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي. سن 1948ع ۾ سنڌ سرڪار طرفان ان مرڪزي صلاحڪار بورڊ جي انتظامي ڍانچي کي نئين سر ترتيب ڏيئي، جناب سيد ميران محمد شاهه چيئرمن، شمس العلماء عمر بن محمد دائودپوٽو وائيس چيئرمن ۽ جناب عثمان علي انصاريءَ کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.<br>
سيپٽمبر 1950ع ۾ سنڌ سرڪار سنڌي ادبي بورڊ ۾ تحقيق ۽ تاليف جي ڪمن کي عملي جامو پارائڻ خاطر ”سنڌي ادب لاءِ اعليٰ اختيارن واري ڪاميٽي“ قائم ڪري اُن کي ”مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ پاران منظور ڪيل رٿائن تي عمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. هن ڪاميٽيءَ جو چيئرمن صوبائي وزير تعليم مقرر ٿيو، جڏهن ته ”سنڌي ادب جي مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي چيئرمن، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ۽ سيڪريٽري تعليم سميت ست ٻيا ميمبر به ڪاميٽيءَ تي کنيا ويا.<br>