فرانسس بيڪن: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 14:
 
بئڪن 22- جنوري سن 1561ع ۾ يارڪ هائوس (York House)، لنڊن ۾ ڄائو هو، اهو يارڪ هائوس سندس والد سرنڪولس بئڪن (Sir Nicholas bacon) جي رهائش جي جاءِ هئي. سندس والد ايلزبيٿ (Elizabeth) جي حڪمراني جي پهرين ويهن سالن ۾ شاهي سيل کي سنڀاليو هو. مئڪالي (Macauly) چوي ٿو، ته پٽ پنهنجي پيءُ جي مشهور نالي کي ڍڪي ڇڏيو آهي. حقيقت ۾ سرنڪولس جو رواجي ماڻهو ڪونه هو. اها هڪ توقع ڪرڻ جھڙي ڳالھه آهي، ڇاڪاڻ ته اعليٰ ذهن، ڪنهن خاص خاندان ۾ قابليت ذريعي نسل به نسل ترقي ڪندو رهي ٿو. تان جو ڪنهن هڪ شخص ۾ چوٽيءَ تي پهچي وڃي ٿو، تنهن کان پوءِ آئينده نسلن ۾ گهٽبو وڃي ٿو ۽ نيٺ معمولي صورت اختيار ڪري ٿو. بئڪن جي والده جونالو ليڊي ائن ڪوڪ (Lady Anne Cooke) هو، سر وليم سيسل، لارڊ برلي، جي سالي هئي. لارڊ برلي راڻي ايلزبيٿ جي خزاني جو امير هو ۽ انگلينڊ جو طاقتور ماڻهن مان هڪ هو. ليڊي ائن ڪوڪ جو والد شهنشاهه ايڊورڊ ڇهين (King Edward vi) جو خاص استاد ٿي رهيو هو. هوءَ خود ڪيتريون ئي ٻوليون ڄاڻندي هئي ۽ دينيات جي ماهر هئي. مذهبي پيشوائن سان يوناني زبان ۾ لکپڙهه ڪرڻ هن لاءِ بلڪل آسان هو. هوءَ پنهجي پٽ جي استاد هئي ۽ کيس تعليم ۽ تربيت ڏيڻ ۾ هن ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪئي.<ref>{{cite web |url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page8.html}}{ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}</ref> ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ بئڪن کي ٽرنٽي ڪاليج ڪئمبرج ڏي موڪليو ويو. اتي هو ٽي سال رهيو. ان عرصي ۾ سندس دل اندر تعليمي نصاب ۽ طريقن جي لاءِ نفرت جاڳي، ارسطو جي روايتن ۽ طريقن خلاف دشمني پيدا ٿي. هن ڪئمبرج کي الوداع چيو ۽ پڪو ارادو ڪيو، ته فلسفي کي وڌيڪ زرخيز رستي طرف وٺي ويندو، مڪتبي مناظرن (Scholastic Disputations) کان سندس رخ ڦيرائي، انساني ڀلائيءَ جي واڌاري ۽ ترقيءَ طرف سندس منهن موڙيندو. اڃا هو سورنهن ورهين جو ٻار هو، ته هن کي فرانس ۾ رهندڙ انگريز ايلچيءَ جي دفتر ۾ هڪ ملازمت جي آڇ ٿي. فائدن ۽ نقصانن کي خيال سان جاچيندي،آخرڪار هن اها آڇ قبول ڪئي. پنهنجي ڪتاب ”قدرت جي تشريح“ جي مقدمي ۾ هن پنهنجي فيصلي تي بحث ڪيو آهي. جنهن کيس فلسفي کان جدا ڪري، سياست طرف مائل ڪيو.<ref>{{cite web |url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page8.html}}{ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}</ref>
 
==ڪيريئر==
هڪ اثر رسوخ رکندڙ دوست هن سان سخاوت ڪئي. اهو ارل آف اسيڪس (Earl of Essex) هو، جنهن سان راڻي ايلزابيٿ محبت ڪندي هئي، پر محبت ناڪام ٿيڻ ڪري ساڻس نفرت ڪرڻ لڳي. سن 1595ع ۾ اسيڪس، بئڪن کي سياسي عهدي وٺي ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيو، ان جي عيوضي ۾ کيس ٽوڪن هام (Twickenham) جي خوبصورت جائداد تحفي طور ڏني. اهو هڪ شاندار تحفو هو. جنهن لاءِ بئڪن سڄي عمر شايد سندس احسان مند ٿي رهي ها، پر ائين نه ٿيو، ڪجهھ سالن کان پوءِ، اسيڪس راڻيءَ کي قيد ڪرڻ لاءِ منصوبو رٿيو ۽ سندس جانشين مقرر ڪرڻ جون رٿون ٺاهڻ شروع ڪيون. بئڪن پنهنجي محسن ڏانهن هڪ پٺيان ٻيو خط لکيو، ته هو راڻيءَ سان غداري نه ڪري، پر جڏهن هو نه مُڙيو، تڏهن بئڪن اسيڪس کي خبردار ڪيو ته کيس پنهنجي محسن لاءِ شڪرگذاري کان وڌيڪ راڻيءَ جي وفاداريءَ جو احساس آهي. اسيڪس پنهنجو داءُ لڳايو، پر هاريائين ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو. بئڪن راڻيءَ کي پنهنجي دوست لاءِ لڳاتار ايتري ته منٿ ڪئي، جو راڻيءَ آخرڪار ڪَڪَ ٿي چيس، ته ٻي ڪا ڳالھه ڪر. جڏهن اسيڪس کي عارضي طور آزاد ڪيو ويو ۽ هن لشڪر گڏ ڪري لنڊن تي ڪاهه ڪئي، تڏهن بئڪن سندس جاني دشمن ٿي پيو. انهيءَ عرصي ۾ بئن کي سرڪاري قانوني مشير مقرر ڪيو ويو. جڏهن اسيڪس کي وري گرفتار ڪيو ويو ۽ غداري لاءِ مٿس مقدمو هلايو ويو، تڏهن بئڪن سندس خلاف قانوني ڪاروائي ۾ سرگرم حصو ورتو.
اسيڪس کي ڪورٽ ڏوهي ٺهرايو ۽ کيس موت جي سزا ڏني وئي. ان مقدمي ۾ حصو وٺڻ ڪري، بئڪن ڪجهھ عرصي لاءِ عوام ۾ نامقبول ٿي پيو. ان وقت کان وٺي سندس دشمن موقعي جي تاڙ ۾ رهيا، جيئن هو کيس ختم ڪن. انهن سندس پرعزم هجڻ ڪري، کيس آرام ڪرڻ نه ڏنو. بئڪن هميشه غير مطمئن رهيو. ظاهري ٺاهه ٺوهه ۽ شان شوڪت قائم رکڻ ڪري هميش قرض ۾ مبتلا هوندو هو. جڏهن 45 ورهين جي عمر ۾ هن شادي ڪئي، تڏهن رسم ۽ رواج جي دٻدٻي تي ايترو ته پيسو خرچ ڪيائين، جو سندس زال کي مليل ڏاج جو وڏو حصو ان ۾ ختم ٿي ويو. سن 1598ع ۾ هن کي قرض جي سبب گرفتار ڪيو ويو. انهن سڀني مصيبتن جي باوجود ترقي ڪندو رهيو. سندس گوناگون قابليت ۽ بي انتها علم کيس هر مُکي ڪاميٽيءَ جو اهم ميمبر بنايو. آهستي آهستي وڏا عهدا هن لاءِ کليل ڇڏيا ويا. سن 1606ع ۾ هن کي سالسٽر جنرل (Solicitor General) ڪيو ويو ۽ 16133ع ۾ هن کي اٽارني جنرل (Attorney General) ڪيو ويو. سن 16188ع ۾ ستونجاهه سالن جي ڄمار ۾ لارڊ چانسيلر (Lord Chancellor) مقرر ٿيو.<ref>{{cite web |url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page8.html}}{ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}</ref>
 
== حوالا ==