افلاطون: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 21:
اهڙيءَ ريت -افلاطون- جو نظام فلسفي جي دنيا ۾ پهريون جامع عينيت پسند ۽ تصوراتي يا آدرشي فڪر (Idealism) آهي. هن جي خيال ۾ هن دنيا جون طبعي شيون غير حقيقي يا نقل آهن ۽ -ان- جي مقابلي ۾ اعيان، دائمي ۽ آدرشي آهن. خدا ۽ خير جو تصور ٻين سڀني تصورات جو ڄڻ ته نقطئه ڪمال آهي.
بهرحال، -افلاطون- فلسفي جي دنيا ۾ ماديت پسند (Materialism) فلسفي جي مقابلي ۾ آدرشيت يا عينيت (Idealism) جو وڏي ۾ وڏو نمائندو آهي. -افلاطون- جي مستقل -تصنيف- سندس مڪالمات (Dialogues) آهن، جيڪي ڪيترن عنوانن تي مشتمل آهن. مشهور فلسفي -ارسطو- سندس شاگرد هو.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%81%D9%84%D8%A7%D8%B7%D9%88%D9%86 افلاطون : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
==خدا بابت خيال==
افلاطون، قبول ٿو ڪري ته ڪابه قوم ايستائين مضبوط نه ٿيندي، جيستائين ان جو خدا ۾ اعتماد نه آهي. ڪابه ڪائنات جي قوت يا پهريون سبب يا زندگيءَ جو متو، جنهن ۾ ڪا خاص شخصيت نه آهي، سا مشڪل سان ئي اميد، عقيدت يا جان نثاري پيدا ڪري سگهندي. اهي، نااميديءَ ۾ متبلا ٿيل دلين کي، آرام هرگز آڇي نه سگهندا، ۽ نه ئي وري، ڪشمڪش ۾ گرفتار ٿيل روحن کي تسڪين پهچائيندا. فقط دائم ۽ قائم، هڪ خدا تعاليٰ هستي ئي آهي، جيڪا ائين ڪري سگهندي. اها هستي ئي، هڪ خود غرض انفراديت پسندا انسان کي تلقين ڪندي يا ڊپ ڏياريندي، ته هو پنهنجي خواهشن ۾ ڪجهه قدر ڪمي ڪري ۽ پنهنجي هوس ۽ حواسن تي غالب پوي. جيڪڏهن ماڻهو، خدا ۾ ايمان سان گڏوگڏ، پنهنجي شخصي روح جي لافاني هئڻ جو يقين رکن، ته جيڪر نهايت خاطر خواه نتيجا نڪرن. هڪ ٻي زندگيءَ، جي اميد، اسان ۾ همت پيدا ڪري ٿي. جيئن اسان موت جو مقابلو مردانگي سان ڪري سگهون ۽ پنهنجي عزيزن خواه قريبن جا موت به صبر سان برداشت ڪريون. جڏهن اسان ايمان سان جنگ جوٽيون ٿا ته اسان جي قوت ٻيڻي ٿئي ٿي. فرض ڪريو ته اسان جي انهن اعتقادن جي ڪابه ظاهري ثابتي ٿي نٿي سگهي. خدا تعاليٰ، صرف اسان جي اميد ۽ عشق جو معياري مجسمه آهي ۽ روح، هڪ سرود جي سُر سمان آهي ۽ اهو سر، ان سرود سان گڏ ئي ختم ٿي وڃي ٿو. جنهن ان کي صورت بخشي. پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود، انهن اعتقادن مان اسان کي ڪوبه ضرر (اهنج) ڪونه رسندو، اسان کي ۽ اسان جي ٻارن کي بيحد فائدو حاصل ٿيندو.<ref>{{cite web |url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page2.html}}{ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}</ref>
 
== حوالا ==