افلاطون: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
{{صندوق معلومات شخص}}
'''افلاطون''':'''Plato''':
 
سقراط سان ملاقات افلاطون جي زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي آندي هئي. هو لاڏ ۽ ڪوڏ سان پليو هو. هو بيحد وڻندڙ ۽ طاقتور نوجوان هو. چون ٿا ته اهو نالو (Plato) مٿس انهيءَ ڪري ئي پيو هو، جو هن جا ڪُلها موڪرا هئا. هن هڪ قابل ۽ بهادر سپاهيءَ جي زندگيءَ به گذاري هئي ۽ هو راندين جي قومي مقابلن ۾ ٻه ڀيرا انعام به حاصل ڪري چڪو هو. اهڙي اغرض شباب مان هڪ فلسفيءَ جو اُسرڻ ناممڪن نه ته به مشڪل ضرور هو. پر هن اڙٻنگ نوجوان جي بي آرام ۽ نازڪ روح، سقراط جي منطقي بحث مباحثن ۾ راحت ۽ مسرت محسوس ڪئي. سندس معزز استاد جڏهن عام تسليم شده عقيدن ۽ قياس آرائين کي پنهنجن موزون ۽ تز سوالن جي نيز نوڪ سان ڦاڙيندو ۽ اکيليندو هو. تڏهن افلاطون جي دل خوشيءَ ۾ پيئي ٽپندي هئي. هو شغل ۾ پڻ اهڙي ئي شوق ۽ امنگ سان شامل ٿيندو هو. جيئن ڪسرت گاهه جي ڪرتبن ۽ جسماني راندين ۾، سقراط کي هو ”ٻڍو درويش“ سڏيندو هو. ۽ هُن جي رهبريءَ ۾ هو، ٺلهي بحث مباحثي جي منزل ٽپي، شين ۽ ڳالهين جي باخبر ڇنڊڇاڻ ۽ باريڪ تحقيق ڪرڻ لڳو. هو پنهنجي استاد سان ۽ ان جي صحبت ۾ فلسفي سان پر جوش محبت ڪرڻ لڳو هو چوندو هو ته ”خدا جو شڪر آهي جو مان يوناني ٿي ڄائس ۽ نه وحشي، آزاد ٿي ڄائس ۽ نه غلام، مرد ٿي پيدا ٿيس ۽ نه عورت، پر سڀ کان وڌ مان خدا جو شڪر گذار انهيءَ ڪري آهيان، جو مون سقراط جي زماني ۾ جنم ورتو.“
 
هو اٺاويهن ورهين جو هو، جڏهن سندس استاد فوت ٿيو، اُن جي صلح پسند زندگيءَ جي المناڪ پڇاڙيءَ، هن جي فڪر جي هر پهلوءَ تي اونها ۽ گهاٽا اثر وڌا. ان ڪري ئي هو جمهوريت سان نفرت ڪرڻ لڳو ۽ ماڻهن جي انبوهه کي ڌڪارڻ لڳو. هن پڪو ارادو ڪيو ته جمهوريت کي ناس ڪرڻ گهرجي ۽جمهوريت جي بدران وڌ ۾ وڌ دانشمندن ۽ اعليٰ هستين جي حڪومت برپا ڪجي، اهو سندس زندگيءَ جو اهم ترين مسئلو ٿي پيو ته ڪيئن اهڙا دانشمند بزرگ ڳولي لهجن، ۽ ڪيئن ان ڳالهه تي انهن کي رضامند ڪجي، ته هو حڪومت جون واڳون سنڀالين.
سقراط کي بچائڻ جي لاءِ ڪيل هن جي ڪوششن، جمهوريت جي اڳواڻن جي دلين ۾ خود افلاطون جي سلامتيءَ متعلق شڪ پيدا ڪيا هئا، تنهنڪري هن جي دوستن، هن کي مشورو ڏنو هو ته اٿينس هُن لاءِ خطري کان خالي نه هئي. تنهنڪري اهو هن لاءِ سٺو موقعو هو ته ٻاهر دنيا ۾ سفر جي خيال کان نڪري وڃي ۽ ڪجھ وقت اٿينس کان ٻاهر رهي. ۽ دنيا کي ڏسي وائسي. انهيءَ خيال کانپوءِ انهيءَ سال يعني 399 ق.م تي هو سفر تي روانو ٿيو، اسان کي پوريءَ ريت معلوم نه آهي ته هو ڪٿي ڪٿي ويو. پر شايد سڀ کان اول هو مصر ويو هجي، اُتي جڏهن هُن اتان جي مذهبي پيشوائن کان ٻڌو ته يونان اڃا ٻاراڻي اُوستا ۾ هو، تڏهن هن کي ڏاڍو صدمو پهتو. انهن جي راءِ موجب، يونان کي اڃا ڪي محڪم ثقافتي روايتون ڪونه هيون ۽ نه ئي ان جو ڪو پائدا تمدن هئي ۽ ان ڪري يونان ڪنهن خاص ڌيان جي لائق نه هو.<ref>{{cite web |url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page2.html}}{ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}</ref>
[[عڪس:plato.png|thumb|افلاطون]]
هن جو پورو نالو ارسطو قليس هو، بعد ۾ افلاطون ٿيو. شايد ايٿنس ۾ 428 ق م ۾ پيدا ٿيو. سٺي خاندان جي ڇوڪرن وانگر [[ادب]] [[موسيقي]] ۽ [[رياضي]] جي تعليم حاصل ڪيائين. هو شعر به چوندو هو ۽ پهلوان ۽ ڪسرتي به هو. ويهن سالن جي عمر ۾ [[سقراط]] جو شاگرد ٿيو. اٺن سالن تائين هن کان علم پرائيندو رهيو.