سقراط: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 21:
 
شايد ئي ڪنهن کي خبر هجي ته افلاطون جو ھي استاد ڪيئن زندگي بسر ڪندو هو، هن ڪڏهن به ڪو پورهيو ڪونه ڪيو، ۽ هن کي آئينده جو ڪوبه خيال ڪونه هوندو هو. جڏهن سندس پوئلڳ کيس دعوت ڏيندا هئا، تڏهن ئي کائيندو هو، انهن کي سندن سنگت ڏاڍي ڪا پسند هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته خوراڪ جي ڪميءَ جا هن جي بدن توڙي صحت ۾ ڪڏهن به ڪي نشان ڏسڻ ۾ ڪونه آيا، پر کيس پنهنجي گهر ۾ ايتري عزت نه ملندي هئي – ڇاڪاڻ ته سقراط کي زال ۽ ٻارن جو ڪوبه اونو ڪونه هوندو هو. سندن زال، زئن ٿيپي (Xanthippe)، جي راءِ موجب، هو هڪ بيڪار ۽ ڪاهل مرد هو، جنهن پنهنجي گهر ’مانيءَ‘ کان وڌيڪ ’بدنامي‘آندي هئي. زئن ٿيپي کي به ڳالهائڻ جو اهڙو ئي شوق هوندو هو. جهڙو سقراط کي. انهن جي وچ ۾ ضرور دلچسپ گفتگو ٿي هوندي، جنهن جو بيان افلاطون پنهنجي تحرير ۾ نه آندو آهي، پر هن جي زال جي به بهرحال ساڻس محبت به هوندي هئي. جو ستر سالن جي عمر کان پوءِ به سندس موت کي صبر سان سهي نه سگهي.<ref>{{cite web |url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page2.html}}{ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}</ref>
 
==ڪردار ۽ ويچار==
 
سندس شاگرد، کيس ايتري عزت ڇو ڏيندا هئا؟ شايد ان ڪري، جو هو هڪ فلسفي به هو، ۽ هڪ سٺو انسان پڻ. هڪ دفعي، هن لڙائيءَ هلندي پنهنجي پاڻ کي جوکي ۾ وجھندي، السيبياڊس جي حياتي بچائي هئي. هو هڪ معتبر انسان وانگر شراب جا جام بي ڊپائيءَ ۽ حد اندر پيئندو هو. پر سڀ کان بهترين شيءِ جا هنن کي پسند هئي، سا هئي هن جي ڏاهپ ڀري نماڻائي. هن ڪڏهن به اها دعويٰ نه ڪئي ته هو عقلمند آهي. هن صرف اها دعويٰ ڪئي ته کيس حڪمت (فلسفي) سان پيار هو. هو حڪمت جو واپاري نه هو، مگر ان جو عاشق هو. ائين چيو ويندو هو ته، ڊيلفيءَ وٽ، غيبي آواز، غير معمولي هوشمنديءَ جو مظآهرو ڪندي، کيس سڀني يونانين کان وڌيڪ عقلمند قرار ڏنو هو. سقراط انهيءَ ڳالهه جي هيءَ تشريح ٿي پيش ڪئي، ته غيبي آواز سنس اگنان واد (Agnostic) جي تصديق ڪئي هئي، هن جي فلسفي جو ابتدائي نقطو پڻ اهو ئي آهي. هو چوندو هو: ”فقط هڪ ڳالهھ مان ڄاڻان ٿو، ۽ اُها هيءَ آهي ته مان ڪجهھ به نه ٿو ڄاڻان.“ فلسفو تڏهن شروع ٿئي ٿو، جڏهن انسان شڪ ڪرڻ سکي ٿو. خاص طرح جڏهن هو پنهنجن دلپسند اعتقادن، نظرين ۽ اصولن ۾ شڪ ڪرڻ شروع ڪري ٿو. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙيءَ طرح انهن دلپسند اعتقادن، اسان جي اندر ۾، يقين جو روپ ورتو؟ ڇا اسان جي اندر جي ڪنهن ڳجھيءَ خواهش، مخفي طرح ته کين پيدا نه ڪيو آهي؟ ڇا اسان جي هِن يا هُن اعتقاد ۾، هڪ خواهش، خيال جو جامو ته نه پهريو آهي؟ حقيقي فلسفو ايستائين وجود ۾ ڪونه ٿو اچي. جيستائين مَن ڦري پنهنجو اندر نٿو جاچي، سقراط جو پهريون ۽ پويون سبق آهي ته ”پنهنجو پاڻ سڃاڻ.“
هن کان اڳ به ڪيترا فلسفي ٿي گذريا هئا. ٿيلس (Thales) ۽ هِرئڪلٽيس (heraclitus) جهڙا پختا ۽ طاقتور، ۽ ڪي تيز طبع ۽ گهري نظر رکندڙ، جيئن ته پارمينائيڊس (Parmenides) ۽ زينو (Zeno) ۽ ڪي فيثاغورث (Pythagoras) ۽ ايمپيڊ وڪلس (Empedocles) جهڙا اهل دل ۽ ڊگهي نظر وارا، پر اهي گهڻي قدر طبعياتي فلسفي هئا. اُنهن ٻاهرين شين جي رنگ ڍنگ يا فطرت کي جاچڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ۽ جسماني يا طبعياتي دنيا، جيڪا توري ۽ ماپي سگهجي ٿي، ان جي قاعدن ۽ جزن بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، سقراط چيو ته اها ڳالهه ته بلڪل ٺيڪ آهي، پر فلسفين جي مطالعي لاءِ پٿرن ۽ وڻن ۽ تارن کان گهڻو گهڻو مٿي ۽ وڌيڪ لائق موضوع ٻيو آهي، ۽ اهو آهي انساني نفس يا من. انسان ڇا آهي، ۽ هو ڇا بنجي سگھي ٿو؟<ref>{{cite web |url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page2.html}}{ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}</ref>
 
== حوالا ==