سقراط: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 17:
 
زهر جي پيالي پيئڻ کان پوءِ سقراط ٿوري دير تائين پسار ڪندو رهيو. پوءِ هو ڪمبل ويڙهي ليٽي پيو. پر وري ٿوري دير کان پوءِ هن آخري ڀيرو ڳالهيو، ”ڪرائٽو اسان تي واجب آهي ته هڪ ڪڪڙ شفا جي ديوتا جي نالي تي قربان ڪريون. ڇا تون اها قرباني ڏيندين؟ متان وساري ڇڏين.“ ٻئي ڏينهن ڪڪڙ جي قرباني ڏني وئي. [[ڪرائٽو]] لکي ٿو، ”اسان سقراط جي جسم کي دفن ڪري ڇڏيو. منهنجو خيال آهي ته سقراط بذات خود موجود نه هو، پر مون کي يقين آهي ته هي جتي به آهي خير سان آهي.“
 
==سقراط جي گھرو زندگي==
 
شايد ئي ڪنهن کي خبر هجي ته افلاطون جو ھي استاد ڪيئن زندگي بسر ڪندو هو، هن ڪڏهن به ڪو پورهيو ڪونه ڪيو، ۽ هن کي آئينده جو ڪوبه خيال ڪونه هوندو هو. جڏهن سندس پوئلڳ کيس دعوت ڏيندا هئا، تڏهن ئي کائيندو هو، انهن کي سندن سنگت ڏاڍي ڪا پسند هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته خوراڪ جي ڪميءَ جا هن جي بدن توڙي صحت ۾ ڪڏهن به ڪي نشان ڏسڻ ۾ ڪونه آيا، پر کيس پنهنجي گهر ۾ ايتري عزت نه ملندي هئي – ڇاڪاڻ ته سقراط کي زال ۽ ٻارن جو ڪوبه اونو ڪونه هوندو هو. سندن زال، زئن ٿيپي (Xanthippe)، جي راءِ موجب، هو هڪ بيڪار ۽ ڪاهل مرد هو، جنهن پنهنجي گهر ’مانيءَ‘ کان وڌيڪ ’بدنامي‘آندي هئي. زئن ٿيپي کي به ڳالهائڻ جو اهڙو ئي شوق هوندو هو. جهڙو سقراط کي. انهن جي وچ ۾ ضرور دلچسپ گفتگو ٿي هوندي، جنهن جو بيان افلاطون پنهنجي تحرير ۾ نه آندو آهي، پر هن جي زال جي به بهرحال ساڻس محبت به هوندي هئي. جو ستر سالن جي عمر کان پوءِ به سندس موت کي صبر سان سهي نه سگهي.<ref>{{cite web |url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page2.html}}{ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}</ref>
 
== حوالا ==