اليگزينڊر گراھم بيل: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
 
{{صندوق معلومات شخص}}
 
دنيا جو مڃيل سائنسدان ۽ [[ٽيليفون]] جو مؤجد -اليگزينڊر گراهم بيل-، اسڪاٽلئنڊ جي شهر ”ايڊنبرا“ ۾ 3 مارچ 1847ع تي ڄائو. 1858ع ۾ ”ايڊنبرا“ جي رايل هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين، جتان -تعليم- حاصل ڪرڻ بعد، 1863ع ۾، ويسٽن هائوس اسڪول ۾ -استاد- ٿيو. بعد ۾ 1866ع ۾ ”سومرسٽ شاير“ ڪاليج ۾ -استاد- جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. -ان- کانسواءِ لنڊن ۾ ٻوڙن جي اسڪول ۾ -استاد- مقرر ٿيو. -ان- دوران لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي -تعليم- کي پڻ -جاري- رکيائين. 1870ع ۾ والدين سان گڏ ڪئناڊا ويو ۽ 24 سالن جي عمر ۾ 1873ع ۾ بوسٽن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، -جتي- ميبل هبارڊ (Mabel Hubbard) سان سندس پهرين ملاقات ٿي. -ان- دؤران هو ”هارمونڪ -ٽيليفون-“ جا تجربا ڪندو رهيو ۽ نيٺ 1875ع ۾، -ٽيليفون- ايجاد ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. 10 مارچ 1876ع تي هن دنيا جو پهريون -ٽيليفون- پيغام موڪليو ۽ ساڳئي ئي سال 25 جون تي فلاڊيلفيا (Philadelphia) ۾ -ٽيليفون- جي نمائش جو اعلان ڪيائين. 9 -جولاءِ- 1877ع تي ”-بيل- -ٽيليفون- ڪمپنيءَ“ جو بنياد وڌو ويو. اليگزينڊر 11 -جولاءِ- 1877ع تي ”ميبل هبارڊ“ (Mabel Hubbard) سان شادي ڪئي. 1879ع ۾ ”-بيل- -ٽيليفون- ڪمپنيءَ“ مان استعيفيٰ ڏئي، اسڪاٽلئنڊ جي ”گريناڪ“ شهر ۾ ٻوڙن ٻارڙن لاءِ اسڪول قائم ڪيائين. -ان- کان پوءِ هن 1883ع ۾ واشنگٽن ۾ ٻوڙن جي لاءِ هڪ الڳ اسڪول کوليو. هن 1886ع ۾ ”باديڪ بي“ شهر ۾ ذاتي جڳهه خريد ڪري، هڪ لئبارٽري قائم ڪئي. -آمريڪا- ۾ ٻوڙن کي ڳالهائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ لاءِ هڪ تنظيم جو بنياد پڻ وڌائين، جنهن جو پهريون صدر پاڻ ٿيو. -ان- کان سواءِ ”نئشنل جاگرافڪ سوسائٽيءَ“ ۾ ”سمٿ سونين“ اداري جو صدر پڻ ٿيو. -ٽيليفون- ذريعي، دنيا کي ”گلوبل نيٽ“ (Globel net) بڻائيندڙ هن عظيم سائنسدان، 75 سالن جي عمر ۾ 2 -آگسٽ- 1922ع ۾ وفات ڪئي.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%84%D9%8A%DA%AF%D8%B2%D9%8A%D9%86%DA%8A%D8%B1%20%DA%AF%D8%B1%D8%A7%D9%87%D9%85%20%D8%A8%D9%8A%D9%84</ref>