چارلس نيپئر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
درستی using AWB
سِٽَ 14:
 
==جنگيون==
15 فبروري 1843ع تي سنڌ جي 8000 پيادن ۽ گھوڙيسوار سپاهين گدو لڳ انگريز ريزيڊنسيءَ تي حملو ڪيو، جتي ميجر جنرل آئوٽرام هڪ سؤ سپاهين سان گڏ ترسيل هو. انگريزي فوجن جي مدد لاءِ هڪ آگبوٽ ’سيٽلائيٽ‘ به اچي پهتو. ’ڪئپٽن ڪانوي‘ جي اڳواڻيءَ ۾ انگريز سپاهي خوب وڙهيا، پر آئوٽرام سميت سمورن انگريز سپاهين وٽ ڀڄڻ کان سواءِ ڪوبه رستو نه بچيو هو ۽ هُو ڀتيون ٽپي ڀڄڻ لڳا. ’ڪئپٽن ڪانوي‘ کي به ڀت ٽپي سپاهين سميت مٽيارين ڏانهن رُخ رکڻو پيو. هن جنگ ۾ ٽي انگريز سپاهي مئا ۽ ٻارهن ڌڪي ٿيا، جڏهن ته سٺ [[سنڌي]] سپاهي شهيد ۽ هڪ سؤ زخمي ٿي پيا هئا. اهڙيءَ صورتحال کان پوءِ چارلس نيپئر، خيرپور کان نڪري 6 فبروريءَ تي نوشهري فيروز؛ 11 فبروريءَ تي سڪرنڊ؛ 14 فبروريءَ تي سعيدآباد ۽ 16 فبروري 1843ع تي مٽياريءَ منزلون ڪندو اچي پهتو. هن جي ڪمانڊ هيٺ 2700 فوجي آفيسر ۽ سپاهي جنگ لاءِ تيار هئا. 16 فبروري 1843ع تي ميجر آئوٽرام ۽ ڀڳل سپاهي به مٽيارين وٽ اچي نيپئر سان مليا.
 
==مياڻي واري جنگ==
17 فبروري 1843ع تي مياڻيءَ جي ميدان تي [[سنڌ]] پنهنجي بقا جي آخري جنگ وڙهي. هڪ طرف انگريزن جون تربيت يافته ۽ هٿياربند فوجون هيون ۽ ٻئي طرف وطن جا بهادر ۽ بيباڪ سپاهي هئا، جن سان گڏ ٽالپر حڪمران به وڙهڻ لاءِ تيار ٿي چڪا هئا. مياڻيءَ جي ميدان تي وڏي جنگ ٿي، ڪيترن سرفروش سپاهين شهادتون ماڻيون، پر انگريزن جي هن 61 سالا چالاڪ جنرل نيپئر جي چالاڪين ۽ مڪارين آڏو [[سنڌي]] سپاهي بيهي نه سگهيا. مياڻيءَ جي جنگ 17 فبروري 1843ع تي جمعي جي ڏينهن مياڻيءَ جي ميدان ۾ لڳي. هن جنگ ۾ شڪست کائڻ کان پوءِ حيدرآباد جا سڀئي ٽالپر امير گرفتار ڪيا ويا. جنهن کان پوءِ ميرپورخاص وارو مير شير محمد خان ٽالپر بلوچن جي هڪ وڏي لشڪر سان اچي دُٻي ۾ پهتو، جتي 24 مارچ 1843ع تي ديهه ناريجاڻيءَ ۾ ’دٻي جي جنگ‘ لڳي. هن جنگ ۾ به انگريزن کي فتح نصيب ٿي. مياڻيءَ جي جنگ ۾ هوش محمد شيدي وڏي بهادريءَ سان وڙهيو هو ۽ لشڪر جي ڇڙوڇڙ ٿيڻ کان پوءِ پنهنجن ساٿين سميت اچي مير شير محمد ٽالپر سان گڏيو هو. هوشو شيديءَ جو آخري دم تائين: ”مر ويسون، پر [[سنڌ]] نه ڏيسون“ جو نعرو لڳندو رهيو. هن دٻيءَ جي جنگ ۾ وڙهندي، دشمنن کي ڪيرائيندي، سرچن نالي انگريز سپاهيءَ هٿان شهادت ماڻي. هوشو شيديءَ جي بهادري ڏسي چارلس نيپئر به سندس لاش کي سلام ڪيو ۽ هن بهادر [[سنڌي]]ءَ جو لاش عزت سان کڻائي، ديهه ناريجاڻيءَ ۾ موجوده سيالن جي ڳوٺ لڳ دفن ڪرايو. ڪن مؤرخن ۽ ليکڪن جو خيال آهي ته هوشوءَ جو لاش [[حيدرآباد]] جي پڪي قلعي ۾ آهي، جتي سندس مزار جي مٿان بيڪري ٺاهي، ان کي منهدم ڪيو ويو. پر تحريري سندون پهرين حقيقت تي روشني وجهن ٿيون. سنڌ فتح ڪرڻ جي اهڙي سوڀ تي چارلس نيپئر کي 60 هزار پائونڊ انعام مليو ۽ ٻين بيشمار رعايتن سان گڏ سندس پگهار 8000 پائونڊ مقرر ٿيو. چارلس نيپئر ساڍا چار سال 1847ع تائين سنڌ کي ڦُريندو ۽ ديس واسين مٿان ڳرا محصول مڙهي مٿن ظلم ڪندو رهيو. ان دوران ڪنهن به قسم جي بغاوت کي ڪچلڻ لاءِ سنڌ ۾ فوج تي ساڍا ٽي ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا، جيڪي محصول جي صورت ۾ سنڌ مان ئي اوڳاڙيا ويا. انگريز فوج جي اهڙي زورآوريءَ جي نتيجي ۾ سنڌ جون اقتصادي حالتون تمام ڪمزور ٿي ويون ۽ سنڌ مرڪز وٽ ستر لکن جي قرضي ٿي وئي. [[حيدرآباد]] واري قلعي تي قبضي دوران ميرن جي منشين، سردارن ۽ ٻين ماڻهن وٽان جيڪا مالي ڦرلٽ ڪئي، سا به انگريزن کي ڦٻي وئي.
 
==بيماري ۽ وفات==
اپريل 1846ع ۾ ڪالرا وگھي ڪراچيءَ ۾ ست هزار ماڻهو مُئا، جن ۾ نيپئر جو ڀائيٽيو ’جان‘ به فوت ٿيو. چارلس نيپئر به هن بيماري ۾ مبتلا ٿيو. چارلس نيپئر 1847ع ۾ گورنريءَ تان استعيفا ڏئي، آڪٽوبر ۾ هندستان ڇڏي، برطانيا روانو ٿي ويو ۽ 29 آگسٽ 1853ع تي برطانيا ۾ وفات ڪيائين.
 
==اعتراف==
[[سنڌ]] تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ بمبئي هيڊڪوارٽر ڏانهن پيغام اماڻيندي چارلس نيپئر، لاطيني ٻوليءَ جو لفظ ’پڪائولي‘ (Piccivli) اصطلاح طور استعمال ڪيو، جنهن جو مطلب هي ڪڍيو ويو: ‘I have sinned’ انهيءَ رمز واري جملي جون لکت واري فرق سان ٻه معنائون نڪري سگهن ٿيون. هڪڙي ته: ”مون [[سنڌ]] فتح ڪري ورتي“ ۽ ٻي معنيٰ اها ته: ”مون سنڌ تي قبضو ڪري، پاپ جهڙو ڪم ڪيو آهي!“ انهيءَ جملي مان سندس ندامت جو اظهار ٿئي ٿو.<ref>ڪتاب: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012</ref>
 
{{حوالا}}