پلٽڻ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
درستی using AWB
سِٽَ 1:
{{فوجي جٿا}}
'''پلٽڻ''' (''[[انگريزي]]: Paltoon'') هڪ فوجي ٽولي کي چيو ويندو آهي. هڪ پلٽڻ ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ فوجي [[دستو (فوج)|دستا]] شامل هجن ٿا. پلٽڻ جي جوڙجڪ مختلف ملڪن ۾ مختلف هجي ٿي، پلٽڻ جي جوڙجڪ فوجي شاخن جي حوالي سان پڻ مختلف هوندي آهي. پر آمريڪا جي سرڪاري ڪاغذن مطابق آمريڪا جي فوج ۾ هڪ پلٽڻ ۾ رائيفل سان ليس 39 پيادا هجن ٿا يا واري بحري فوج جي پلٽڻ ۾ 43 سپاهي هوندا آهن. پيادي پلٽڻ جا مختلف قسم هوندا آهن، جيئن ''antiarmor, heavy machinegun, light armored reconnaissance, mortar, reconnaissance, scout, scout sniper, and weapons'' وغيره. پيادن سپاهين کان سواءِ مختلف قسمن جي پلٽڻ ۾ سپاهين جو تعداد بنهه گھٽ به هوندو آهي، جيئن آمريڪا جي رابطن واري پلٽن ([[انگريزي]]: Communication Paltoon) 9 سپاهين تي مشتمل هجي ٿي. پلٽڻ جي سربراهي ننڍي عهدي وارو فوجي آفيسر ڪندو آهي. پلٽڻ جي سربراهه کان پوءِ [[پلٽڻ حولدار]] پلٽڻ جو اڳواڻ هوندو آهي، جنهن جي صلاح سان پلٽڻ جو سربراهه فيصلا وٺندو آهي.<ref>{{cite web|title=Infantry Platoon and Squad ATP 3-21.8|url=https://www.apd.army.mil/epubs/DR_pubs/DR_a/pdf/web/ATP%203-21x8%20FINAL%20WEB%20INCL%20C1.pdf|access-date=28 November 2017}}</ref><ref> {{cite web |url=http://www.marines.mil/Portals/59/Publications/MCRP%205-12D%20Organization%20of%20Marine%20Corps%20Forces.pdf|title=Organization of Marine Corps Forces MCRP5-12D|access-date=28 November 2017}}</ref> 
 
فرانس ۾ پلٽڻ مان مراد صرف گھوڙسوار سپاهي هوندا آهن، جڏهن ته پيادن جي ٽولي کي'' '''سيڪشن''''' چيو ويندو آهي.
 
=== فائرنگ دستي جو استعمال ===
شروع ۾ پلٽڻ هڪ منظم فوجي تنظيم بجاءِ صرف فائرنگ ڪندڙ سپاهين جي ٽولي کي چيو ويندو هو. ان جي شروعات [[سوئيڊن]] ۾ [[گوستاوس ايڊولفس]] 1681ع ۾ ڪئي. 1970ع ۾ [[فرانس]] جي فوج ۾ هڪ بٽالين کي 18 پلٽڻ ۾ ورهايو ويندو هو ۽ 3 پلٽڻ گڏجي وڙهندا هئا. اهو طريقڪار [[برطانيا]]، [[آسٽريا]] ۽ [[روس]] جي فوج ۾ پڻ استعمال ٿيندو هو.<ref>p.250 Curtis, Thomas ''The London Encyclopaedia: Or, Universal Dictionary of Science, Art, Literature, and Practical Mechanics...'' Volume 9 T. Tegg, 1829</ref> <ref>p.486 Lynn, John A. ''Giant of the Grand Siècle: The French Army, 1610-1715'' Cambridge University Press, 14/12/2006</ref>
 
=== بنگلاديش ===
[[بنگلاديش]] جي فوج ۾ پيادن جي پلٽڻ ۾ 30 کان 50 سپاهي هوندا آهن. جنهن جي سربراهي [[ڪيپٽن (فوج)|ڪيپٽن]] يا [[ميجر (فوج)|ميجر]] ڪندو آهي. ان کان سواءِ 3 کان 4 [[ليفٽيننٽ]] پڻ بلا آفيسرن جا صلاحڪار هوندا آهن.{{حوالو گهربل}}
 
 
== References ==