ٻڍل فقير: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
درستی using AWB
سِٽَ 1:
شڪارپور کان اٽڪل پنجن ميلن جي مفاصلي تي، چوئي شاخ جي ساڄي ڪپ تي، هڪ ننڍڙي بستي آهي.جنهن جو اصل نالو ته بخشيو اُنڙ هو. پر هن وقت '''ٻڍل فقير''' جي ڳوٺ جي نانءَ مشهور آهي. شڪارپور جي چوڌاري گهڻائي ننڍڙا ڳوٺڙا آهن، پر هن ڳوٺ کي مکيه اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ ڳوٺ اڄ کان اٽڪل هڪ صدي اڳ هڪ اهل ولايت درويش جي رهڻ جو مقام هو، جنهن پنهنجي نغمه سَرائيءَ سان سنڌي ادب ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو. هن اهل ولايت درويش جو اسم گرامي حضرت صوفي ٻڍل فقير هو.
== ولادت ==
سِٽَ 20:
 
<big><big>هڪ ڀيري اتفاق سان پير جي ڳوٺ جي نامياري راشدي خاندان جو هڪ فرد، سيد علي سرور شاهه پنهنجي هڪ مريد وٽ، جنهن جو نالو فريد هو، فقير صاحب جي ڳوٺ ۾ اچي منزل انداز ٿيو. ٻڍل فقير جي والد کي جڏهن پير صاحب جي اچڻ خبر پئي، تڏهن فقير صاحب کي وٺي، پير صاحب جي خدمت ۾ حاضر ڪيائين. پير صاحب سندس ڪلام ۽ ظاهري جوش ۽ جذبي کي ڏسي بيحد متاثر ٿيو ۽ پنهنجي مريد کي حڪم ڏنائين، ته هن نوجوان کي پير جي ڳوٺ درگاهه تي وٺي وڃ. فريد ۽ فقير ٻڍل جي والد، پير صاحب جي حڪم جي تعميل ڪئي. ڏينهن گذرڻ بعد ٻُڍل سائين جن کي ساڻ ڪري پير سائين جن جي درگاه شريف ڏانهن پيادل رستي وٺي هليا. ۽ درياه تان ٻيڙيءَ رستي پار ٽپڻ جو ارادو ڪري ٻيڙيءَ تي چڙهيا. جڏهن ٻيڙي سِير ۾ پهتي ته ٻڏڻ لڳي. جنهن ڪري سڀئي ماڻهو ٻيڙيءَ تي ويٺل حيران ۽ پريشان ٿيڻ لڳا. فريد فقير سڀني ماڻهن کي چيو ته ٻيڙيءَ جي بچاءَ لاءِ ٻُڍل سائين کي سڀئي عرض ڪيو ته خير سلامتيءَ سان پار پهچئ پئون. پوءِ سمورا ماڻهو ٻُڍل سائين کي عرض ڪرڻ لڳا ته فقير سائين ٻيڙيءَ لاءِ رب پاڪ جي درگاه ۾ دعا گهرو ته خير سان هلي پار پهچون. پوءِ ٻُڍل سائين جن هڪ شعر جي نموني اٺاويهن مصرعن سان لولي چئي ۽ ٻيڙي رب جي ٻاجهه سان پار پهتي. پوءِ ٻُڍل سائين جن فريد فقير سان گڏجي پير سائين جن جي درگاه شريف تي پهتا.</big></big>
 
 
<big><big>جنهن وقت فقير ٻُڍل سائين جن ۽ فريد فقير پير صاحب حزب الله شاه سائين جن جي حضور پهتا ته پير سائين بادشاه فرمايو ته” فريد فقير ! هي روهڙيءَ وارو بيدل فقير ته نه آندو اٿي“. فريد فقير عرض ڪيو ته ” قبلا، هيءُ اسان جي ڳوٺ ۾ واسع فقير جو نينگر آهي. اوهان جي حضور ۾ دست بيعت ٿيڻ آيو آهي. پير سائين بادشاه جن فرمائڻ لڳا ته ” کير جو مٽ ته ڀريل آهي پر سانڀاڻ جي دير اٿس“. پوءِ ٻُڍل سائين ڏي مخاطب ٿي فرمائڻ لڳا ته” فقير منهنجو هي ڪلهو ته ڏس. هي زخمي ٿي پيو آهي. تنهنجي جي سڏڻ تي اچي ٻيڙيءَ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ڏنو اٿم“. فقير ٻُڍل سائين جن عرض ڪيو ته ” قبلا! مان به وري اوهان جي اولاد ۽ پيڙهيءَ لاءِ ڏينهن قيامت تائين لولي چئي اٿم“.دَست بيعت ٿيڻ بعد پير سائين بادشاه هادي سائين جن کي فَرمايو ته” اوهان آئينده لاءِ هيڏانهن اچڻ ۽ پنڌ جي تڪليف نه ڪندا ڪريو. جو اسان اوهان سان قيامت تائين ساڻ آهيون. اوهان ڪو به خيال نه ڪندا“.</big></big>
 
 
<big><big>حضرت ٻڍل سائين، پوءِ سندس ارادتمندن ۾ داخل ٿي ويو. ڪجهه وقت مرشد جي خدمت ۾ رهي، موٽي ڳوٺ آيو، جتي خاموشيءَ سان، رات ڏينهن ياد الاهيءَ ۾ گذاريندو رهيو. هاڻي سندس زندگي ڄڻ هڪ سالڪ جي سطح تي اچي ويئي. ماڻهن جون دليون ڏانهس ڇڪبيون ٿي رهيون. وقت گذرندو ويو ۽ محبت جي آڳ، جا اڳ ڀڙڪا کائي اٿندي هئي، هاڻي نورانيت ۾ تبديل ٿي وئي، جا هڪ صوفيءَ جي آخري منزل آهي. فراق جي منزل، وصال جي مقام م بدلجي وئي:</big></big>
 
 
:<big><big>محب مُئيءَ جي گهر آيو، ميندي مون اچي لايو.</big></big>
Line 33 ⟶ 30:
:<big><big>سير کٿوري واسيا، پيرل پير اچي پايو.</big></big>
:<big><big>اڱڻ ”ٻڍي“ جي عيد ٿي، پرينءَ پاڻ پسايو.</big></big>
 
 
 
== ٻڍل فقير جَن جي سَخا ۽ تارڪي ==
Line 40 ⟶ 35:
ٻُڍل سائين جن جي دل ۾ هر وقت اهو خيال رهندو هو ته ”جيڪو به مال اسباب آهي. سو رب جي راهه ۾ خيرات ڪري مسڪينن کي کارائي ڇڏجي“.
هڪ دفعي سندن والدين ٻئي ڳوٺ ڏانهن ويا ۽ هادي سائين کي چيائون ته ” اسان ڳوٺ کان ٻاهر ٿا وڃئون پُٺيان گهر ۽ مال جي حفاظت ڪندا“. جڏهن هو روانا ٿي ويا ته ٻُڍل سائين جن ڇا ڪيو جو ڳوٺ جي ماڻهن کي سڏائي ڏاند ۽ ٻيو جيڪو به مال ڍور ڍڳا هين انهن کي تڪبير ڏيارائون ۽ گاڏي ،پَاڃاري، هر ۽ ٻيا ڪاٺ ڪِلا وَڍائي ديڳين جي باه ۾ ساڙايائون ۽ گهر ۾ جيڪو به اناج هيو سو به رنڌرائي پسگردائي وارا ،مسڪين ۽ همسايه گُهرائي ۽ واٽهڙو سڏائي انهن کي کارائي ڇڏيائون.
 
 
سسئيءَ جي بيتن ۾ ٻُڍل سائين جن فرمايو آهي ته؛
Line 53 ⟶ 47:
<big>سندن <big>والد صاحب جن جڏهن سفر تان موٽي آيا ته اهو حال ڏسي هو به فقير جي رضا تي راضي رهيا. ان بعد آهستي آهستي عشق وحدت جي اظهاري ٿيندي وئي. پاڻ ڪلام ۾ فرمايو اٿن ته؛</big></big>
 
 
:<big><big>نينهن ٻڍل نروار ڪيو هاڻي ڪاڏي لڪان؟</big></big>
Line 60 ⟶ 53:
<big><big>مثال آهي ته عشق ۽ مُشڪ لڪي نه سگهندو آهي. خود ذات حق کي به عشق ئي ظاهر ڪيو. پوءِ ڪٿي ٿو لڪي. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ فقير درگاه تي ٻڍل سائين جن جي تي آيو هادي شهنشاه جن جي فرزند سائين ” فقير عبدالحڪيم “ جن کان پڇا ڪيائون ته ٻُڍل سائين ڪٿي آهي. پر اُن ڏينهن ٻُڍل سائين جن ڊکڻ ڳوٺ دعوت کائڻ ويا هئا. پُڇا ڪندڙ کي ٻُڍل سائين جي فرزند فقير عبدالحڪيم اوڏاهن ڏس ڏنو. ان بعد هو به اوڏاهن روانو ٿي ويو. هوڏانهن هادي سائين جن دعوت کائي پنهنجي فقير امير بخش ۽ ٻين طالبن سان درگاه ڏانهن ٿي آيا. ته رستي ۾ اهو فقير ٻُڍل سائين جن سان وڃي مليو. کائنس پڇا ڪيائون ته ” ڪير آهين؟“ جنهن تي سائل عرض ڪيو ته ” منهنجو نالو عليشير آهي. ذات جو جويو آهيان. طالب سائين رکيل شاه جو آهيان. ويٺل ڳوٺ جتوئي لڳ ڳڙهي ياسين. مونکي ڪا ضرورت آهي. خدا واسطي هڪ سوء روپيه ڏيو.“ جنهن تي ٻُڍل سائين جن فرمايو ته ” فقير مون وٽ سوء رپيه ته ڪو نه آهن. جيڪو الله جي نالي تي دعوت مان مليو آهي سو وٺ“. سائل عرض ڪيو ته” مونکي سوء رپين کان گھٽ نه کپي جو ضرورت پوري نه ٿيندي“. پوءِ هادي سائين جن فرمايو ته” مونکي وٺي هلي ڪٿي وڪڻي سوء رپيه هٿ ڪريو“. پوءِ سائل ائين به ڪيو جو فقير ٻُڍل سائين جن گاڏي هلائيندڙ کي چيو ته” ڏاند گاڏي موٽائي ڳوٺ وڃ“. ۽ فقير امير بخش کي فرمايائون ته” اوهان درگاه تي وڃو. منهنجو سرُ خدا واسطي قبول پيو آهي جو مان هن سائل فقير جي پٺيان وڃان ٿو پوءِ جاڏي به ڪري.“</big></big>
 
 
:<big><big>اچن ٿا پير اڳ پايون ڏاڍي ڪنهن ڪست مان ڪاهيون،</big></big>
؛<big><big>ڪوپا ڏين ڪنڌ ڪپايون، اهي گڏ يار سان هوندا.</big></big>
:<big><big>”ٻُڍل سائين“</big></big>
 
 
<big><big>پوءِ سائل فقير ٻُڍل سائين جن کي ساڻ ڪري شڪارپور ڏانهن روانو ٿيو. چيائين ته ” اوهان کي سوء روپيه تي هلي ڪٿي وڪڻان ٿو“. اها خبر جڏهن دعوت ڪندڙ سومرن فقيرن کي وڃي پهتي ته اهي هڪدم وٺي ڊوڙيا ۽ ٻُڍل سائين جن کي رئيس واه تي شڪارپور جي ٻاهران اچي پهتا. ۽ سائل کي آزي نيزاريءَ سان چيائون ته” اسين تو کي سوء روپيه ڏيون ٿا. ٻُڍل سائين جن جي پچر ڇڏيو“.</big></big>
 
<big><big>جنهن تي سائل سوء روپيه وٺي ٻُڍل سائين جن کي ڇڏيو جو ڊکڻ فقير ٻُڍل سائين جن کي وٺي پنهنجي ڳوٺ آيا. هوڏانهن اها حقيقت جڏهن امير فقير درگاه تي ٻڌائي ته فقير ٻُڍل سائين جن جو فرزند فقير عبدالحڪيم جن پنهنجي فقراه سميت ڊکڻن جي ڳوٺ اچي پهتا. سموري حقيقت معلوم ٿيڻ بعد سندن فرزند فقير عبدالحڪيم ٻُڍل سائين جن کي درگاه تي هلڻ لاءِ عرض ڪيو. مگر هادي سائين جن فرمايو ته ” اسين هنن سومرن وٽ وڪاڻل آهيون. اوهان درگاه شريف تي واپس وڃو. هاڻي منهنجو اوهان سان ۽ درگاه سان ڪو به واسطو نه آهي“. جڏهن سومرن هادي سائين جن کان هي الفاظ ٻڌا تڏهن انهن مڙني عرض ڪيو ته” سائين اسان اوهان کي اهي سوء روپيه راه الله بخشياسون. اوهان ڀلي درگاه شريف تي پنهنجي اهل اطفال ۽ فقراه سان وڃي خوش خورم رهو“. اهي الفاظ ٽي دفعا عرض ڪيائون. پوءِ پاڻ سائين جن راضي ٿي اتان موڪلائي درگاه شريف تي آيا. هي هُئي سندن سر جي سخا.</big></big>
Line 89 ⟶ 79:
<big><big>مرحوم فقير علي بخش سرڪي (ساڪن ڳڙهي حسن تعلقه ٺل) کان روايت آهي ته آءٌ ٻڍل فقير جي حاضريءَ ۾ گهڙو وڄائيندو هوس. هڪ دفعي ڪنهن نامعلوم ماڻهوءَ ٻڍل فقير کي پيرين پئي هٿ ڏنو ته، ٻڍل فقير ان وقت ٽيڪ ڏيئي ستا پيا هئا، نامعلوم ماڻهوءَ جا هٿ جيئن پيرن تي پيا ٻڍل فقير رڙ ڪري اٿي ويهي رهيو. چيائين ته ابا ماري ڇڏيئه! اَبا ماري ڇڏيئه! پوءِ معلوم ٿيو ته هٿ ڏيڻ وارو ذات جو سيد هو.</big></big>
 
== ٻڍل فقير جن جو اولاد ==
 
<big><big>ٻُڍل سائين جن کي ٽي فرزند ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيا. سندن وڏو فرزند فقير عبدالحڪيم ”ننگر ڌڻي بادشاه“ هڪ وڏي حال خيال وارا اهل ولايت صوفي درويش هئا. پاڻ ٻُڍل سائين جن جي برقع مٽائڻ کان پوءِ سجاده نشين ٿيا. سندس وِچون پٽ فقير مست محمد مقيم نه رڳو لائق پٽ هو، پر پيءُ جو حال محرم ۽ دل جو دوست هو. پاڻ هڪ قادر الڪلام صوفي شاعر ۽ فنافي الله مرد ڪامل هئا. هن ۾ ننڍپڻ کان ئي فقير صاحب وانگر مستيءَ جو جذبو سمايل هو، ان ڪري ماڻهو کيس ”مست مقيم “ جي نالي سان سڏيندا هئا. سندس مُک مان عجيب جلال پيو بکندو هو، وڏو محبتي جوان هوندو هو. اوچتو هي لنگ بند جوان ليٽي پيو. جوانيءَ جو موت، سو به هڪ لائق فرزند جو، فقير صاحب ان صدمي کي نهايت صبر سان سٺو. جوان پٽ جي ياد ۾ سندس آخري مرثيو هو:</big></big>
 
 
:<big><big>وَرَ لئي ڪنديس وَسَ، لهنديس لعل لڪن مون.</big></big>
Line 101 ⟶ 89:
:<big><big>ڪاهيون ويندس ڪيچ ڏي، وٺي گورن جو آئون گَسُ،</big></big>
:<big><big>ايندو ٻاروچو ’ٻڍل‘ چوي، پوندن ڪو شال تَرسُ</big></big>
 
 
<big>
<big>پاڻ اٽڪل چاليهن ورهين جي عمر ۾ پنهنجي والد ماجد ٻُڍل سائين جن جي حياتيءَ ۾ دنيا کان دل کڻي عقبى ڏانهن روانا ٿيا. ٻُڍل سائين مٿس پنهنجي حياتي ۾ روزو ٺهرايو جو هن وقت موجود آهي. ٽيون فرزند سائين فقير عبدالڪريم جن سائين فقير عبدالحڪيم جن جي برقع مٽائڻ کان پوءِ سجاده نشين ٿيا. پاڻ هميشه پنهنجي مستي حال خيال ۾ گذاريندا هئا.</big></big>
 
 
== ٻڍل فقير جن جي صورت ۽ سيرت ==
<big>
<big>هادي سائين جن جو جنهن هڪ دفعو ديدار ڪيو هوندو. سو ئي بخوبي سندن صورت ۽ سيرت جو اندازو لڳائي سگهندو. سندن شڪل شبيهه ۾ چقمق جي ڪشش رکيل هئي ۽ پيشاني تي نوراني نور پيو بڪندو هو. سر مبارڪ جا وار هلڪا هين. سندن ڏاڙهي مبارڪ مٺ جيتري ۽ شهپرن کي سنت نبي ڪريمﷺ جي مطابق اختيار ڪيل هين ۽ منهن مبارڪ جو خط اصل نه وٺندا هئا. قدم مبارڪ ڪجهه وريل هوندا هين. جنهن ڪري خاص قسم جو بوٽ ٺهرايو ويندو هو. سندن پوشاڪ به نهايت سادي هوندي هئي. سر تي تاج مبارڪ، جسم تي ڊگھو چولو يا وقتي صوفين واري ڊگھي الفي، سٿڻ تمام هلڪي پائيندا هئا. اڪثر ڪري ڪپڙن کي ٻٻر جي کلن جو رنگ ڏياريندا هئا. سندن کاڌو سادو هوندو هين. جوئر جي ماني، سائي پالڪ ،سرهن جو ساڳ ۽ لسي ڀت کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا. کائڻ لاءِ ٿانوء ٺڪر يا ڪاٺ جا هوندا هين. عام طرح دعوت ڪندڙن کي پنهنجو اهو کاڌو قبول ڪرائي پوءِ ويندا هئا. سمهڻ لاءِ سادي رلهي ۽ رهڻ لاءِ ڪکائين جهوپڙي وڌيڪ وڻندي هين. بستري تي تڏو وڇائي پوءِ ويهندا يا سمهندا هئا. سارو ڏينهن ڪچهري کليل هوندي هين. جيڪڏهن ڪو به سوالي ايندو هين ته ان جو سوال پورو ڪندا هئا. فقراه سان وحدتون ڪندي ڏينهن بسر ڪندا هئا. ۽ شام جو فقراه جي چونڪي ٻڌندا هئا. آواز ڪلام جي ٻڌڻ جو ڏاڍو شونق هوندو هين.</big></big>
 
<big><big>شام جي ننگر هلڻ تائين آواز ڪلام ٻڌي پوءِ جاءِ تي ويندا هئا. خاص گوشائتي جاءِ مقرر ٿيل هين جتي ڪو به نه ويهندو هو. خدمتگار فقير دروازي کان ٻاهر ويٺا هوندا. فقير صاحب نهايت سادگي پسند هو. ڏينهن آيل مهمانن جي رهاڻ ۾ گذاريندو ۽ رات ڌڻيءَ جي عبادت ۾ گذاري ڇڏيندو هو. نه شيخي نه مشائخي، نه پيريءَ جي دعوا، نه بزرگيءَ جو ڏيکاءُ. اهو سندس اعلي اخلاق هو، جو ماڻهو ڏانهس ڇڪجي ايندا هئا. روحل فقير سچ فرمايو آهي:</big>/big>
 
 
:<big><big>ڪهڻي تان هرڪو ڪهي، پر رهڻي اؤکي بات،</big></big>
:<big><big>پڌري ٿيندي ذات، رهڻيءَ مان ’روحل‘ چئي.</big></big>
 
 
<big><big>فقير غلام علي ”مسرور“ بدويءَ جو چوڻ هو ته ”پوئين زماني ۾ منهنجي اکين ٻه عارف ڏٺا: هڪ ٻڍل فقير۽ ٻيومولوي عبدلغفور ”مفتون“ همايوني.</big></big>
 
 
<big><big>فقير صاحب کي شاهه ڀٽائيءَ، خواجه فريد، سچل سرمست، بيدل فقير، اصغر، صوفي خير محمد، عثمان چاڪي جي ڪلام سان محبت هوندي هئي. سماع سُڻندي ڪڏهن ته مٿس وجد جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. مسرور فقير بدوي شڪارپوري جن کان روايت آهي ته: ”هڪ ڀيري مان سندس روبرو پير علي گوهر شاهه اصغر جي هيءَ ڪافي چئي رهيو هوس ته فقير صاحب تي حال طاري ٿي ويو:</big></big>
 
 
:<big><big>رانول رمزون روح ۾، اڄ ڪي لاتئه نيون،</big></big>
:<big><big>ڦٽڙا جي درد فراق جا، تنهن ۾ وڌءِ وهِ جون وٽيون،</big></big>
:<big><big>اُهي تاب تنهنجي کان تتيون، جيئن تيل جون ٽچڪن تيون.</big></big>
 
<big><big>ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته فقير صاحب جي جهڙي صورت نوراني هئي، اهڙي ئي سيرت سبحاني. سندس اولاد مان حضرت فقير امام الدين هيئن ٿو سندس ساراهه ڪري:</big></big>
Line 140 ⟶ 120:
<big><big>هڪ ڏينهن هادي سائين جن هڪ مٽ پاڻيءَ جو اُن کي مٺو ڪرايائون ۽ فرمايائون ته ” هي پاڻي فقراه ۾ ورهايو. پر اهو ورهائي جيڪو هن جاءِ تي ويهندو“. پوءِ پنهنجي وڏي فرزند فقير عبدالحڪيم کي گھرائي اُتي ويهاري پاڻ دعا گھريائون ته” منهنجا مالڪ پاڪ منهنجي اولاد کي ايترو ميٺاج ۽ نينهن جو نشو ڏي جهڙو هن مٽ ۾ آهي. ۽ پاڻ فرمايائون ته ” سڄي فقراه کي هڪ هڪ پيالو پياريندو وڃ. جيئن هن پاڻي ۾ ميٺاج آهي تيئن منهنجي فقراه جي پاڻ ۾ ميٺاج ۽ محبت قيامت تائين قائم رهي“. جنهن تي سائين فقير عبدالحڪيم عرض ڪيو ته” سائين ڪيترا طالب هن وقت موجود نه آهن“. پاڻ فرمايائون ته ” انهن کي مان باطن ۾ محبت جو پيالو پياريو اٿم. پوءِ اهو مٺو پاڻي فقراه ۾ ورهايو ويو. فقراه کان اها ثابتي ملي ته انهيءَ ٽائيم تي جو فقراه جتي به هيو ته باطن ۾ مٺو پيالو پياريو ويو.</big></big>
 
 
{{ڪچو}}
Line 153 ⟶ 132:
<big>
<big>فقير صاحب جي شاعريءَ تي نظر ڪرڻ سان خبر پوندي ته سندس ڪلام گهڻو ڪري ڪافين ۽ بيتن جي صورت ۾ موجود آهي، جنهن کي ”عوامي شاعري“ جو نالو ڏنل آهي ۽ سنڌ ۾ ايترا ته گهڻا عوامي شاعر اسان کي ملن ٿا. جن جو ڳاڻيٽو سنڌ جي هڪ سري کان ٻي سري تائين هزارن جي تعداد ۾ ڪري سگهجي ٿو. ڪافيءَ جي صنف کي اختيار ڪرڻ وارن ۾ اسان کي اُهي بزرگ هستيون ملن ٿيون، جن جي فيض کان سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ واسجي چڪي آهي. اڄ به ”ڪوڙين ڪن سلام اچو آسڻ ان جي“. ان ڪري ڪافيءَ جو روحانيت سان گهرو ناتو آهي. ڪافي گو شاعر اڪثر حال ۽ قال صاحب ٿي گذريا آهن. سندن قال ۾ به حال جي جوش ۽ جذبي جو رنگ جهلڪندو نظر ايندو.</big></big>
 
 
<big><big>ٻڍل فقير جي ڪلام تي ڪيترن ڪافي گو شاعرن جو اثر پيل آهي، جن مان سر مست سچل، خواجه غلام فريد ۽ قادر بخش بيدل جا نالا خاص طرح سان وٺي سگهجن ٿا. ان کان اڳ، جو سندس ڪلام تي تشريحي نظر وڌي وڃي، مان انهن بزرگن جي شاعريءَ سان فقير صاحب جي ڪلام جي ٿوري ڀيٽ ڪريان ٿو، جنهن مان خبر پوندي ته سندس ڪلام تي انهن بزرگن جي ڪلام جو ڪيترو نه اثر آهي. فقير صاحب سماع جو قائل هو، ان ڪري وٽس موسيقيءَ جي مجلسون متل ٿي رهيون، جنهن ۾ انهن بزرگن جو ڪلام ڳايو ويندو هو؛ هن پنهنجي رنگ ۾ سندن تتبع ڪيو.</big></big>
 
 
<big><big>فقير قادر بخش ’بيدل‘ جو مشهور ڪلام آهي.</big></big>
Line 167 ⟶ 144:
:<big><big>بارش برهه دي جنهن سر آئي، سوز عشق وچ جالي سدائي،</big></big>
:<big><big>بي دردان نو ڪل نه ڪائي، درد دي دود دکاوڻ دي.</big></big>
 
 
 
<big><big>ان رنگ ۾ فقير ٻڍل جو اسان کي هيٺيون ڪلام ملي ٿو:</big></big>
Line 179 ⟶ 154:
:<big><big>علم عقل نون عشق نه ملندا، جان جان هستي دا حال نه ڀندا،</big></big>
:<big><big>ڇوڙ تڪيا، انهيءَ خاڪي تندا، نيت نه رک ول آوڻ دي.</big></big>
 
 
<big>
Line 187 ⟶ 161:
:<big><big>لحمڪ لحمي، روحَڪَ روحي عالي اَسدالله،</big></big>
:<big><big>محبت وارن سان آ ساڻي، وانگي ساهه پساهه.</big></big>
 
 
 
<big><big>فقير ٻڍل فرمائي ٿو:</big></big>
Line 195 ⟶ 167:
:<big><big>اندر تونهين ٻاهر تونهين، تونهين ساهه پساهه.</big></big>
:<big><big>سڀ صورت ۾ سهڻو سائين، آهي پاڻ الله.</big></big>
 
 
 
<big><big>خواجه غلام فريد جو مشهور ڪلام آهي:</big></big>
Line 206 ⟶ 176:
:<big><big>ڪٿي ذڪريا، ڪٿي يحييٰ هي، ڪٿي موسي بن عمران آيا.</big></big>
:<big><big>ابوبڪر عمر عثمان ڪٿان، ڪٿي اسدالله ذيشان آيا.</big></big>
 
 
 
<big><big>ان تتبع تي فقير ٻڍل هيئن ٿو فرمائي:</big></big>
Line 216 ⟶ 184:
:<big><big>ڪٿي مٿي تخت تيار ڏٺم، ڪٿي چٽو چوڪيدار ڏٺم،</big></big>
:<big><big>ڪٿي ڪارائو ڪمدار ڏٺم، ڪٿي ناچو ٿي نروار آيا.</big></big>
 
 
 
<big><big>اهڙيءَ ريت، سرمست سچل جو مشهور شعر آهي:</big></big>
Line 223 ⟶ 189:
:<big><big>آءُ ادا سالڪ صحيح ڪر تون طلسمات کي،</big></big>
:<big><big>ڀڄ دوئي تا ڪل پوئي، دور ڪر درجات کي.</big></big>
 
 
 
<big><big>فقير ٻڍل فرمائي ٿو:</big></big>
Line 230 ⟶ 194:
:<big><big>آءُ ادا سالڪ، صحيح ڪر ڳالهه ڳجهه جي هيءَ ڳري،</big></big>
:<big><big>محبت سندي ميدان ۾ پوءِ مام ۾ مانجهي مري.</big></big>
 
 
<big><big>فقير صاحب جي ڪلام تي، اهڙيءَ ريت انهن بزرگن جي ڪلام جو گهڻو پرتوو پيو آهي، سندس ڪلام به صوفين جي سرمستيءَ وانگر جوش ۽ جذبي سان ڀريل آهي. حال ۽ قال وارن صاحبن جي شاعريءَ، جو سڄوئي، اندرين ڇڪتاڻ تي آهي، جنهن کي روحانيت جي تڪميل سڏجي ٿو. ٻاهرين شاعري جا رڳو تخيلي آهي، ان ۾ قلبي واردات جو ڪوبه نشان نظر نه ايندو، پر جنهن شاعريءَ جو قلب جي جذبات سان واسطو آهي، ان کي پيغام آهي ۽ بني نوع انسان جي ڀلائيءَ جو باعث بڻجي ٿي. فقير صاحب جي شاعري به روحانيت جو هڪ ڀنڊار آهي، جيڪا مرادوند طالب لاءِ صراط المستقيم آهي. اهو پيغام ڪنهن هڪ مذهب ۽ ملت تائين محدود نه آهي، پر هڪ عالمگير پيغام آهي:</big></big>
 
 
:<big><big>عشق وارن جو پنڌ پراهون، اوري دين ايمان.</big></big>
Line 240 ⟶ 202:
:<big><big>عشق اساڏا قبلا ڪعبا، عشق دا عالي شان.</big></big>
:<big><big>عشق ’ٻڍل‘ اُتي پهچائي، جاتي مردن جا ميخان.</big></big>
 
 
 
<big><big>حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي به ان پر فرمايو آهي:</big></big>
Line 248 ⟶ 208:
:<big><big>نڪا دل دوزخ سين، نڪي بهشت گهرن،</big></big>
:<big><big>اُڀاائين چون، ته پرين ڪجو پانهنجو.</big></big>
 
 
 
<big><big>خدا جي نيڪ بندن جو اهو غير فاني اصول آهي ته هو پرائي لاءِ به ايترو ئي هڏ ڏوکي آهي، جيترو پنهنجن لاءِ. دوئيءَ جو لفظ مٽجي وڃي ٿو، ڇو ته وٽن وحدت جو پيغام آهي. سندن مقصد ئي خدا تعالي جي خلق جي خدمت آهي:</big></big>
 
 
:<big><big>جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته صفا ڪر سينو،</big></big>
Line 258 ⟶ 215:
:<big><big>دائم وسي ٿو دل ۾، رانجهن رنگينو،</big></big>
:<big><big>من مان مدينو، مري پوءِ معلوم ٿئي.</big></big>
 
 
<big><big>اهوئي عمل جو درس آهي، جنهن مان پريت جو هر پانڌيئڙو ماڳ جو دڳ لهي ٿو. جتي ’پاڻ‘ جو اکر ۽ وجودي وسيلا موجود آهن، اُتي محبت جي راهه جو طئي ٿيڻ ئي مشڪل آهي، ان ڪري نفي ۽ نابودي، سلوڪ جي مسافر لاءِ، نئين حياتي ڏيندڙ آهن.</big></big>
 
 
:<big><big>جن نيهن جا نڪتا پڙهيا، سي ته پور پهرين ئي چڙهيا.</big></big>
:<big><big>نينهن جو نعرو هڻي، ويا برهه جي بازي کڻي،</big></big>
:<big><big>سڪ ساهه ۾ هُيڙن گهڻي، سي عام ۾ هت نا اَڙيا.</big></big>
 
 
<big><big>هيءَ سڙڻ ۽ جلڻ ئي محبت الاهي جو ڏاج آهي، جنهن کي محبت وارا وڏيءَ دل سان قبول ڪن ٿا. منصور جو نالو محبت جي دنيا ۾ اَمر آهي. تصوف جي صاحبن ۾ منصور جي مقام کي انفرادي ۽ ممتاز حيثيت آهي. ان کي چون ”منصوري مقام“. فقير صاحب منصوري مقام جي رمز پنهنجي سادن لفظن ۾ هئين ٿو سمجهائي:</big></big>
 
 
:<big><big>منصوري اها مام، عاشق ٻاجهون ٻيو ڪير سمجهي،</big></big>