صالح محمد شاهه: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
درستی using AWB
سِٽَ 10:
ان دوران هن آعا سليم جي ڊرامي '''گلن جهڙا گهاوءَ'''، امر جليل جي '''سڄڻ سفر هليا'''، علي بابا جي ڊرامي '''رڻ جا راهي''' ۽ '''تموچن''' ۾ مرڪزي هيرو جو ڪردار ادا ڪيو. هن جا اهي سڀئي ڊراما ڏاڍا مشهور ٿيا.
 
1958ع ۾ [[حيدرآباد]] اسٽيشن تان '''ڳوٺاڻن جي ڪچهريءَ''' جي نالي سان هڪ پروگرام شروع ٿيو، جنهن جي لاءِ 80 سالن جي ڪنهن دور انديش، سماجي سائنس جي ماهر، لوڪ دانش رکڻ واري پوڙهي جي ضرورت هئي. ان وقت صالح محمد شاهه جي عمر رڳو ويهه ٻاويهه سال هئي، پر جڏهن هن ان پروگرام ۾ 80 سالن جي جهوني پوڙهي جي گهربل ڪردار جي صداڪاري ڪئي ته ريڊيو انتظاميا سندس ان ڪردار کي قبول ڪري ورتو.
 
ان پروگرام جو ٿيم، سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻن جي وچ ۾ ٿيڻ واري ڳالهه ٻولهه مان ورتو ويو هو. ڳوٺن ۾ سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار کان پوءِ شام جو بَڙَ، نم، ۽ ٽالهيءَ جي وڻن هيٺان ويهي ڪچهري جو سلسلو شروع ٿيندو هو. جتي اهي اوڙي پاڙي، ڳوٺ ۽ شهر جي سماجي حالتن، وطن جي صورتحال ۽ سياست جا حال احوال اوريندا هئا.
سِٽَ 24:
سنڌي ٻوليءَ جي ڊرامي نويس عبدالقار جوڻيجو هڪ هنڌ ذڪر ڪيو آهي ته ان زماني ۾ اسان ٻڌو ته فتح خان جهڏو شهر جي ويجهو هڪ ڳوٺ '''آهوري''' ۾ اچي رهيو آهي ته ماڻهن جا هشام کيس ڏسڻ لاءِ گڏ ٿي ويا هئا. اڳتي هلي هن جي پروگرام جو نالو '''فتح خان جي ڪچهري''' رکيو ويو، جيڪو پوءِ آخر تائين ان نالي سان ئي هليو.
 
صالح محمد شاهه لڳ ڀڳ ٽي ڏهاڪن تائين پي ٽي وي سان پڻ لاڳاپيل رهيو. ريڊيو تي سندس موهيندڙ صداڪاري جو ئي ڪمال هو جو ريڊيو کان پوءِ ٽي وي تي به سندس پروگرام '''اوطاق''' جي نالي سان شروع ڪيو ويو.
 
اها ڳالهه پڻ مشهور آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو، عبدالحفيظ پيرزادو جو والد عبدالستار پيرزادو، مخدوم طالب المولا، ممتاز ڀٽو ۽ جي ايم سيد جهڙا وڏا ناميار انسان پڻ فتح خان جو پروگرام ٻڌڻ جا شوقين هئا.
 
صالح محمد شاهه ذوالفقار علي ڀٽو کي سياسي طور پسند ڪندو هو. هڪ دفعو هن پي ٽي وي ۾ پنهنجي پروگرام '''اوطاق''' ۾ '''جيئي ڀٽو''' جو نعرو هڻي وڌو. جنهن جي نتيجي ۾، ضيا دور ۾، سندس پروگرام تي پورو هڪ سال پابندي رهي. جڏهن سندس پروگرامن تي پابندي هنئي وئي ته جي ايم سيد خط لکي ۽ مولانا گرامي پنهنجي اخبار ۾ ايڊيٽوريل لکي حڪومت جي ان عمل کي رد ڪيو. ان جي ڪجهه وقت کان پوءِ سيد صالح محمد شاهه جو آواز وري ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڳونجڻ لڳو.
 
==لاڏاڻو==
سِٽَ 34:
<ref>[http://www.dawnnews.tv/news/1044107 صالح محمد شاہ: نصف صدی تک راج کرنے والی آواز - Opinions - Dawn News<!-- Bot generated title -->]</ref>
<ref>صالح محمد شاہ: نصف صدی تک راج کرنے والی آواز، ابراهيم ڪنڀر</ref>
[[https://en.wikipedia.org/wiki/Syed_Saleh_Muhammad_Shah]]
 
{{حوالا}}