"اسڪيزوفرنيا" جي ورجائن ۾ تفاوت

درستی using AWB
(درستی using AWB)
 
'''اسڪيزوفرنيا''' (شيزوفرنيا) هڪ ذهني خلل آهي, جنهن ۾ حقيقت ڇا آهي کي سمجهڻ ۾ ناڪامي ۽ بيمار سماجي هلت ان جون خاصيتون آهن. عام علامتن ۾ غلط عقيدا، غير واضح يا منجهيل ويچار، آواز ٻڌڻ، گهٽ سماجي لاڳاپو ۽ جذباتي اظهار ۽ تحرُڪ جي کوٽ شامل آهن. اسڪيزوفرنيا سان ماڻهن کي گهڻو ڪري ذهني صحت جا مسئلا، جهڙو ڪر، اُڻتڻ گڙ ٻڙ طبيعت، ميجر ڊپريشن جو روڳ، يا نشيدار مادو واپرائڻ جي شڪايتن جا واڌو مسئلا رهن ٿا. عام طور تي علامتون هوريا هوريان، بالعپڻي کان شروع ٿين ٿيون ۽ ڊگهي عرصي تائين هلن ٿيون.
 
اسڪيزوفرنيا جي سببن ۾ ماحولياتي ۽ جينياتي عامل شامل آهن. امڪاني ماحولياتي سببن مان، شهر ۾ وڏو ٿيڻ، ڀنگ جو استعمال، ڪجهه وچڙندڙ بيماريون، والدين جي عمر ۽ حمل دوران ناڪافي عذا شامل آهن. جينياتي عاملن ۾ مختلف قسمن جا عام ۽ ورلي ملندڙ جينياتي قسم شامل آهن. مرض جي پرک، وهنوار جي مشاهدي ۽ فرد جي بيان ڪيل تجربن جي بنيادن تي ڪئي وڃي ٿي. مرض جي پرک دوران، فرد جي معاشرتي چال چلت کي لازمي طور تي ذهن ۾ رکڻ گهرجي. هن وقت تائين ان لاءِ ظاهري طور تي ڪا به هڪ ٽيسٽ مقرر ٿيل ناهي. اسڪيزوفرنيا مان مطلب ” ورهايل شخصيت“ يا ”هڪ کان وڌيڪ شخصيت هئڻ جي خرابي“  ڪونهي.  ان مونجهاري جي ڪري اها عام طور سمجهه ۾ نٿي اچي.
[[عڪس:Cloth_embroidered_by_a_schizophrenia_sufferer.jpg|thumb|اسڪيزوفرنيا ٿيل تشخيص واري شخص جو ڪپڙي تي ڀريل ڀرت ]]
اسڪيزوفرنيا سان فردن کي نظر جو فريب (سڀ کان وڌيڪ ”آواز ٻڌڻ“ بيان ٿيل آهن)، وسوسا (گهڻو ڪري حيران ڪندڙ يا فطرت ۾ آزاريندڙ) ۽ بي ترتيب سوچون ۽ ڳالهائڻ جو تجربو ٿي سگهي ٿو.
 
 
 
 
 
 
[[زمرو:اسڪيزوفرنيا]]
1,025

سنوارون