الرازي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
 
{{Infobox philosopher
| era = اسلامي سونھري دؤر
| image = Portrait of Rhazes (al-Razi) (AD 865 - 925) Wellcome L0005053 (cropped).jpg
| name = ابوبڪر محمد زڪريا رازي
| birth_date = 854 CE<ref>Pathfinders: ({{ISBN|978-1-84614-161-4}})</ref>
| birth_place =[[ري]]، [[فارس]]، گريٽر ايران
| death_date = 932 or 925
| death_place = ري ، فارس، گريٽر ايران
| main_interests = طب، فلسفو، الڪيمي
| influences =
| influenced =
| notable_ideas = گندرف جو تيزاب سڀ کان اول ھن ٺاھيو، ماتا ۽ ارڙي جي بيماري تي تحقيق، اکين جي بيمارين جو ماھر، ٻارن جي بيمارين تي ڪتاب لکيائين، نامياتي ۽ غير نامياتي ڪيمسٽري تي تحقيق ڪيائين، ڪيترن ئي ٻين فلسفي جي ڪتابن جو ليکڪ ھيو
}}
 
الرازي- مشهور طبيب، ڪيميادان، فلسفي ۽ ليکڪ ٿي گذريو آهي. سندس پورو نالو ابوبڪر محمد ابن ذڪريا -الرازي- هو. هو 250هه/ 864ع ۾ -[[ايران]] جي شهر ”ري“ ۾ ڄائو. رياضي، فلسفي، هيئت ۽ ادب جو گهرو مطالعو ڪيائين. وڏيءَ عمر ۾ پهچڻ کان پوءِ طب ڏانهن لاڙو رکيائين. ”ري“ جي حاڪم جي ملازمت ۾ آيو ۽ پوءِ انهيءَ شهر جي نئين وڏي اسپتال جو نگران اعليٰ مقرر ٿيو. بعد ۾ هو -بغداد- ۾ به ساڳئي عهدي تي رهيو. پنهنجي دؤر جو سڀني کان وڏو طبيب هئڻ سبب سندس شهرت مختلف بادشاهن جي درٻارن ۾ پکڙجي ويئي، پر بادشاهن جي مزاج ۽ غيريقيني سياسي صورتحال سبب -الرازي- ڪٿي به مستقل طور نه ويهي سگهيو. ڪئين ڀيرا پنهنجي وطن آيو. آخر اتي ئي 313هه/925ع ۾ وفات ڪيائين.
الرازي پنهنجي دؤر جو وڏو طبيب هو. هن مختلف مرضن تي ڪيترائي رسالا لکيا آهن. -ان- کان سواءِ طب جي فن بابت جيڪي ڪتاب هن لکيا آهن، اهي نهايت اهم حيثيت رکن ٿا. انهن مان ڪيترن جو لاطيني زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سندس هڪ ڪتاب ”الحاوي“ کي ته طب جي -انسائيڪلوپيڊيا- چيو ويندو آهي. -الرازي- انهيءَ ڪتاب لکڻ ۾ 15 سال لڳايا. طب کان سواءِ هن ڪيميا، طبعيات، مابعد طبعيات، سائنس ۽ فلسفي تي به ڪئين ڪتاب لکيا. بلاشڪ هو اسلامي دنيا جو تمام وڏو طبيب ۽ فيلسوف هو.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%84%D8%B1%D8%A7%D8%B2%D9%8A الرازي : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>