محمد تقي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
صفحو سرجيو ويو
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
[[File:امام تقي جو مقبرو.jpg|thumb|امام تقي جي مزار]]
 
حضرت امام '''محمد تقي''' عليه السلام، نائون امام تسليم ٿيل آهي. سندس ولادت 10 رجب 195هه مطابق 8 اپريل 811ع تي جمعي جي مبارڪ ڏينهن مديني منوره ۾ ٿي. سندن والده خيزران عرف سبيڪه جو تعلق ام المومنين بيبي ماريه قبطيه جي خاندان سان هو. امام محمد تقي عليه السلام جو اسم مبارڪ ”محمد،“ لقب ”تقي“ ۽ ڪنيت ”ابو جعفر“ هئي، پر سڀ کان مشهور لقب ”جواد“ ۽ ”تقي“ هو. جڏهن ته سندن لقبن ۾ مختار، منتجب، معرضيٰ، قانع ۽ عالم وغيره پڻ ڄاڻايل آهي. پاڻ عباسي بادشاهه امين جي وقت ۾ پيدا ٿيو. ان بعد مامون رشيد ۽ معتصم عباسي جا دور پڻ ڏٺائين. پاڻ اڃا ننڍي عمر جو هو ته سندس والد حضرت امام علي رضا عليه السلام کي مامون رشيد عباسيءَ زهر ڏياري شهيد ڪرايو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي. بنو اميه ۽ بنو عباسين، اولاد رسول کي شهيد ڪرڻ ۽ اذيتن ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، ظلم ۽ تشدد جي انتها ڪري ڇڏي.<ref name=":0">{{حوالو ويب|url=http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%AA%D9%82%D9%8A%20%D8%B9%D9%84%D9%8A%D9%87%20%D8%A7%D9%84%D8%B3%D9%84%D8%A7%D9%85%20%D8%A7%D9%85%D8%A7%D9%85|title=تقي عليه السلام امام|date=|accessdate=26 نومبر 2017ع|website=[[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا]]، (جي ويب-سرزمين)|publisher=[[سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو]]، حيدرآباد.|last=|first=}}</ref>