محمد علي جناح: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 70:
 
== ابتدائي زندگي ==
جناح ابتدائي تعليم جھرڪ جي سرڪاري اسڪول مان ۽ پوءِ [[سنڌ مدرسته الاسلام]] مان پرائي. اعليٰ تعليم لاءِ [[لنڊن]] ويو{{sfn|Singh|p=54}}{{sfn|Ahmed|p=26}}<ref name=SharifDawnRest>Sharif, Azizullah. "[http://www.dawn.com/news/521273/karachi-restoration-of-church-mission-school-ordered KARACHI: چرچ مشن اسڪول جي بحالي ordered]" ([http://www.webcitation.org/6PqX0t8r5 Archive]). ''[[ڊان اخبار|ڊان]]''. 20 February 2010. Retrieved on 26 May 2014. "Taking notice of the highly dilapidated and bad condition of the Church Mission School (CMS) where Quaid-i-Azam Mohammad Ali Jinnah had studied,[...]"</ref> لنڊن تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 1892 ۾ روانو ٿيو جتان 1894 ۾ آنربل سوسائٽي آف لنڪنس ان (Lincoln's Inn) مان بئريسٽري جو امتحان پاس ڪيائين ۽ 1896 ۾ ڪراچي موٽي آيو.
 
قائدِ اعظم جي پئدائش جي جاءِ جهرڪ هاڻي هڪ ننڍڙي ڦٽل وسندي آهي. ڏيڍ ٻه صديون پهرين هتي ننڍڙو بندر هو، جتان سنڌوءَ نديءَ مان ننڍڙا بادباني جهاز توڙي اسٽيمر اچي لنگرانداز ٿيندا هئا. سنڌ مدرسته السلام جو باني خان بهادر حسن علي آفندي به پهريان جهرڪن جي بندر تي انهن اسٽيمرن ۽ جهازن جي اچ وڃ جو حساب رکندڙ منشي هو، اتان پوءِ انگريز سرڪار کيس مئجسٽريٽ ڪري رکيو هو.
 
ان زماني ۾ جهرڪن جي آبادي به گھڻو ڪري اسماعيلي فرقي جي ماڻهن جي هئي، جيڪي ڪجھ صديون اڳ مصر مان تڙجي ايران آيا پوءِ سنڌ ، هند توڙي افغانستان ۾ اچي آباد ٿيا. وڻج واپار ۾ ماهر هئا، جنهن ڪري هيءُ شهر ان زماني جي سکر يا سَرنديءَ وارن ماڻهن جو شهر سمجهيو ويندو هو. سنڌي شاعريءَ جي شروعات به اسماعيلي داعين جي بيتن جن کي ”گنان“ (Ginaan) چئبو آهي وٽان ٿي.
 
اسماعيلي فرقي جو روحاني پيشوا آغا خان اول ايران مان لڏي افغانستان جي شهر هرات ۾ اچي آباد ٿيو. سگهو ئي 1839ع ۾ افغانن ۽ انگريزن وچ ۾ جنگ لڳي، هرات ۾ انگريزن افغان امير دوست محمد ّجي پٽ اڪبر خان هٿان شڪست کاڌي ته آغا خان پهريون به اچي سنڌ جي شهر جهرڪن ۾ آباد ٿيو، جتي سندس پوئلڳ اڳ ۾ ئي آباد ٿيل هئا. جهرڪ ان زماني ۾ بندرگاھ ۽ خوشحال ماڻهن جو هڪ وسيل شهر هو آغا خان اول هتي پنهنجي رهائش لاءِ هڪ خوبصورت محل پڻ جوڙايو، جيڪو اڃا تائين سٺي حالت ۾ موجود آهي، پوءِ دريا شاھ پنهنجو رخ موڙيو جنهن ڪري وڻج واپار تي اثر پيو ماڻهو لڏڻ لڳا، جنهنڪري جهرڪن جو جوڀن ساڳيو نه رهيو.
 
عام طور تي پاڪستان جي درسي ڪتابن ۾ اھو ڄاڻايل آهي ته پاڪستان جو باني محمد علي جناح ڪراچي ۾ ڄائو هو پر حقيقت اھا آهي ته قائد اعظم مسٽر پونجا جيڻا جي گھر 1875ع ۾ جهرڪن ۾ ڄائو هو ۽ پوءِ تاريخ کي مسخ ڪندي درسي ڪتابن ۾ سندس جاءِ پئدائش ڪراچيءَ جي وزير مينشن ٻڌائي ويئي.انجو هڪ سبب اسماعيلي ۽ اثنا عشري کوجن جو اندروني جھيڙو ٻڌايو ويو ته قائدِ اعظم اسماعيلي فرقو ڇڏي کوجه اثنا عشري فرقو اختيار ڪيو.
 
ڪنهن زماني ۾ جھرڪن ۾ محمد علي جيڻا جي پئدائش وارو گھر به موجود هو. پر اتي يادگار طور هڪ ميوزيم جوڙائڻ بدران ضياءِ دور ۾ ان کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. ڀر ۾ ئي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جهرڪ آهي، جيڪو 1870ع ۾ قائم ٿيو ۽ جتي قائدِ اعظم شروعاتي تعليم حاصل ڪئي هئي.
 
جهمپير ڏانهن نيشنل هاءِ وي کان ويندڙ ڪچي روڊ کان ويندي اڳيان هڪ وسنديءَ آهي. جيڪا ڪينجهر جي پرين ڪنڌيءَ تي آهي. جتي قائد اعظم جي اڳوڻين پيڙهي جي اسماعيلي فرقي سان لاڳاپيل هڪ بزرگ امير پير جي مزار پڻ ڪينجهر جي بلڪل ڪنڌيءَ تي آهي. اصل ۾ اها سڄي وسندي هڪ مذهبي تهوار يا ميلي جي وقت تي آباد ٿيندي آهي. جنهن کي ڪراچي ۽ ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ اسماعيلي پانڌيئڙا اچي آباد ڪن ٿا نه ته سڀني گھٽين جي گھرن کي تالا ئي لڳل هوندا آهن. مزار يا پير امير جو آستانو سنگ مرمر سان جوڙيل هڪ خوبصورت غار آهي. <ref>ليکڪ: شير بانو ڪاڪا</ref>