چولستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: File:Cholistan desert location.jpg چولستان: '''Cholistan Desert''' : '''صحرائے چولستان''':چولستان روہی: '''Rohi''':روہی: ھڪ رڻ پٽ...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 14:29, 26 جُونِ 2018ع

چولستان: Cholistan Desert : صحرائے چولستان:چولستان روہی: Rohi:روہی: ھڪ رڻ پٽ جو نالو جيڪو پاڪستان جي صوبي پنجاب جي شھر بھاولپور کان 19 ميل يا 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي ۽ انجي پکيڙ 16000 چورس ڪلوميٽر يا 6200 چورس ميل آهي. اھو ٿر رڻ پٽ سان سنڌ ۽ انڊيا جي پاسن کان ملي ٿو. ھتي جي موسم گرم ۽ خشڪ ھوندي آھي برسات تمام گھٽ پوي ٿي.

رھڻي ڪھڻي

پاڻي ۽ چاري جي قلت جي ڪري ھتان جا ماڻھو نيم خانہ بدوش زندگي گذاريندڙ آهن.ھتي چوپايو مال جنھن ۾ رڍون،ٻڪريون، اٺ وغيره ماڻھن جي زندگيءَ جو حصو آھي جن کي گھرن ۽ واڙن ۾ ماڻھو پاليندا آھن اجڙي ويل ھاڪڙي درياء جو خشڪ پيٽ بہ ھتان گزري پيو جيڪو قديم دور ۾ ھن ڌرتيءَ کي سيراب ڪندو هو مقامي ماڻھو ان کي گھاڪڙو درياء چوندا ھيا ھتي ماڻھو جي زندگي ڏاڍي مشڪل حالتن ۾ گذرندي آهي.عورتون پاڻي تمام ڊگھو پنڌ ڪري مٽن ۾ ڀري اينديون آهن . ھتي جي ماڻھن جي ڪرت عام طور تي مال چارڻ آهي ۽ عورتون گھرن ۾ سئيءَ جو پورھيو ڪنديون آهن. ذات کان ٻاھر شادي ڪرڻ جو رواج بہ تمام گھٽ اٿن ۽ شادي جو سمورو خرچ گھوٽيتا ڪندا آهن. ھتي سالياني جيپن جي ريلي پڻ ٿيندي آهي جيڪو پاڪستان ۾ موٽر اسپورٽس جو وڏو مقابلو ھوندو آھي


نالو

لفظ چولستان ترڪي ٻولي جي لفظ چول مان نڪتل آهي جنھن جي معني رڻ پٽ آھي

آبادي

ھتان جي ماڻھن جي مادري ٻولي سرائيڪي آهي ۽ ھتي مختلف قبيلن جا ماڻهو رهن ٿا سڀ کان گھڻي آبادي مھر ذات وارن جي آھي ۽ ٻئين نمبر تي ڀٽي آھن.

جھنگلي جيوت

ھتي گرمين ۾ نانگ عام جانور آهي جنھن جا خطرناڪ قسم ھتي ملندا آهن . مقامي ماڻهو انھن کي پڪڙي شھرن ۾ کڻي ماڻھن کي ڏيکاري پيسا ڪمائيندا آھن. ھتي ھرڻ ، تلور، تتر، ٻٽيرو بہ ڪثرت سان ملن ٿا

قلعا ۽ ڪوٽ

ھتي پراڻن قلعن جا آثار پڻ آھن.فورٽ عباس جي ويجھو واقع ڦولڙا وارو ڦٽل قلعو چون ٿا تہ ڪنھن ڦول ڪماري ٺھرايو ھو.ھن رڻ پٽ ۾ ٻيا موجود قلعا ولر، موج ڳڙھ شامل آهن