استاد بخاري: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 86:
== مڃتا ==
 
استاد بخاري پروفيشنل حساب سان سورنهن سال ٻارڙن جي تربيت ڪرڻ کان پوءِ پهريون سيڪنڊري اسڪول ٽيچر ۽ 1963ع ۾ ليڪچرار ٿيو. هن دوران هن ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ليڪچرار کان پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر به بڻيو، جنهن تان 60 سالن جي ڄمار ۾ رٽائر ڪيائون. سندن علمي خدمتن عيوض سنڌ سرڪار ڊگري ڪاليج دادو جو نالو استاد بخاري ڊگري ڪاليج رکيو آهي. کيس وفات کان پوءِ 2009ع ۾ ادبي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان تمغهءِ حُسن ڪارڪردگي ڏنو.<ref>[https://en.wikipedia.org/wiki/Pride_of_Performance_Awards_(2000%E2%80%9309) Pride of Performance Awards (2000–09) - Wikipedia<!-- Bot generated title -->]</ref><ref>{{Cite news|url=https://www.dawn.com/news/975477|title=KARACHI: Karachiites observe Pakistan Day in festive mood amid peace|date=2009-03-24|work=DAWN.COM|access-date=2018-06-26|language=en-US}}</ref>
 
استاد بخاري نه صرف لائق استاد ۽ سٺو شاعر هيو، پر هُو هڪ سٺو موسيقار پڻ هو. هن پنهنجي ڪيترن ئي گيتن جون ڌنون ترتيب ڏنيون. استاد سموري حياتي شاعري جي جھول ۾ تازا توانا گيت ڀيٽا ڏنا. استاد بخاري بلڊ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪو هيو. موت سان وڙهندي استاد لنڊن مان بلڊ ٽرانفريشن به ڪرائي، نيٺ 9 آڪٽوبر 1992ع تي استاد لاڏاڻو ڪري ويو. ڪيترائي سال گذري چڪا آهن تڏهن به استاد جي شاعريءَ ساڳي پاٻوه ۽ شوق سان پڙهي ويندي آهي.