پاڪستان پينل ڪوڊ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 66:
 
===ناحق روڪ ۽ ناحق بند===
ھي باب 16A آھي جنھن م 339 کان 377 تائين قلم آھن. ھن باب جي پھرين حصي ۾ ناحق روڪ ناحق بند جا ڏوھ ۽ انھن جون سزائون ڏنل آھن.ٻئي حصي ۾ مجرماڻي قوت ۽ حملي بابت ڏوھ آھن جن ۾ طاقت، مجرماڻي طاقت،حملي جون تعريفون ۽ ڏوھن جون سزائون آھن . ٽئين حصي ۾ اغوا، يرغمالي، غلاميءَ جبري پورهئي ۽ جسم فروشي متعلق ڏوھ آھن. چوٿين حصي ۾ زوري زنا ۽ ان جي سزا ڏنل آهي ۽ پنجين حصي ۾ مرد يا عورت کي پٺيان زنا ڪرڻ يا جانورن سان زنا ڪرڻ جو ڏوهه ۽ سزا شامل آھن. 1984 ۾ ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجر امينڊمينٽ آرڊيننس نمبر 24 تحت ھن باب ۾ قلم 354A شامل ڪري عورت تي حملو ڪري سري عام ننگو ڪرڻ کي ڏوھ قرار ڏئي ان جي سزا موت يا عمر قيد رکي وئي.1958 ۾ڪرمنل لا امينڊمينٽ ايڪٽ تحت قلم 364A شامل ڪري ڏھن سالن کان گھٽ عمر جي ٻار جي اغوا جي ڏوھ ۾ ست کان چوڏهن سالن تائين سزا رکي وئي. ساڳي قلم ۾ 1990 ۾ ٻار جي عمر جي حد وڌائي 14 سال ڪئي وئي.1990 ۾ ايڪٽ نمبر 3 تحت ھن باب ۾ قلم 365A جو اضافو ڪيو ويو جنھن تحت اغوا براءِ تاوان جو ڏوھ شامل ڪري ان جي سزا موت، يا عمر قيد ۽ ملڪيت جي ضبطگي رکي وئي.2006 ۾ پروٽيڪشن آف وومين ايڪٽ نمبر 6 تحت قلم 365B جو اضافو ڪيو ويو جنھن تحت شادي جي بھاني سان ڪنھن عورت کي ورغلائي اغوا ڪرڻ جي ڏوھ ۾ عمر قيد جي سزا رکي وئي. ھن باب ۾ قلم 366A ۽ 366B 1923 ۾ ايڪٽ نمبر 20 تحت شامل ڪري عورتن کي جسم فروشي لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ ان مقصد لاءِ ٻاھرين ملڪن ڏانهن موڪلڻ کي ڏوھ قرار ڏنو ويو ۽ سن جي سزا ڏھن سالن تائين قيد رکي وئي. 2006 ۾ پروٽيڪشن آف وومين ايڪٽ تحت قلم 367A شامل ڪيو ويو جنھن تحت جنسي تسڪين لاءِ ڪنھن کي اغوا يا يرغمال جي ڏوھ جي سزا موت يا عمر قيد رکي وئي.ساڳي قانون تحت وڌيڪ قلم 371A ۽ 371B شامل ڪري جسم فروشي جي سزا رکي وئي.
 
===ملڪيت متعلق ڏوھ===